عبدالله بن سھيل رضہ: حضرت عبدالله رضہ جي ڪنيت ابو سھيل آهي. هي اسلام جي شروعات ۾ ئي مسلمان ٿي ويو ۽ حبش ڏانهن هجرت ڪري ويو. ڪجهہ وقت اتي رهڻ کان پوءِ مڪي موٽي آيو تہ سندس پيءُ اسلام قبول ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ هن کي قيد ڪري دردناڪ اذيتون ڏيڻ لڳو. تان جو هن تڪليفن کان بيزار ٿي ظاهري طرح اسلام کان بيزاري ظاهر ڪئي، پر هجرت کان پوءِ جڏهن قريش مسلمانن کي سيکت ڏيڻ لاءِ نڪتا، تڏهن هن جو پيءُ هن کي بہ جنگ جي ميدان ۾ وٺي ويو. جڏهن اتي پهتا تہ حضرت عبدالله رضہ موقعو غنيمت سمجهي ڪافرن جي صفن مان نڪري ڀڄي وڃي مسلمانن سان مليو ۽ پوءِ هو سمورين جنگين (غزوات) ۾ پاڻ ڪريم صہ جن سان گڏ رهيو. حضرت بن سھيل رضہ'>عبدالله بن سھيل رضہ حضرت ابو بڪر صديق رضہ جي خلافت جي زماني ۾ ‘مُسيلمه ڪذاب’ جي جنگ ۾ شھيد ٿيو.