عبدالله بن عبدالمطلب

عبدالله بن عبدالمطلب: حضرت بن عبدالمطلب'>عبدالله بن عبدالمطلب بن هاشم بن مناف بن قصي. حضرت عبدالله حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو والد ۽ حضرت ابو طالب جو ڀاءُ هو. حضرت عبدالله ۽ حضرت ابو طالب جي والده جو نالو فاطمه بنت عمرو بن عائد بن عمران مخزومي هو. جناب عبدالله ۽ ام حڪيم البيضاء ٻئي ڀاءُ ڀيڻ جاڙا ڄاوا هئا ۽ حضرت عبدالمطلب جو آخري اولاد هئا. ‘سيرت النبي ’ موجب ان جا ڏهه يا ٻارهن ڀاءُ هئا. انهن مان حضرت زبير رضه، ابو طالب رضه، ابو لهب، حضرت حمزه رضه ۽ حضرت عباس رضه ڪنهن نه ڪنهن خصوصيت، اسلام يا ڪفر سبب مشهور آهن. حضرت عبدالله جي ولادت لڳ ڀڳ 554ع ۾ ٿي. حضرت عبدالله جي حياتيءَ جي اهم واقعن ۾ هڪ هي واقعو به آهي ته سندس پيءُ عبدالمطلب باس باسي هئي ته جيڪڏهن منهنجا ڏهه ئي پٽ منهنجي حياتيءَ ۾ ئي جوان ٿيا ته انهن مان هڪڙي کي الله جي واٽ ۾ قربان ڪندو. الله ان جي اها آس پوري ڪئي ته هڪ پٽ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو، ڪڻو حضرت عبدالله جي نالي نڪتو. تڏهن ان جي ڀينرن جي التجا ۽ قريشين جي درخواست ۽ خواهش تي عبدالله جي قرباني جي جاءِ تي سؤ اٺن جي قرباني ڏنائين. انهيءَ ڪري حضور نبي ڪريم صه جن کي ‘ابن ذبيحين’ (حضرت اسماعيل عه ۽ حضرت عبدالله، ٻن ذبيحن) جو فرزند سڏيو وڃي ٿو. حضرت عبدالله جي شادي زهره قبيلي جي معزز ترين عورت حضرت آمنه بنتِ وهب بن عبد مناف سان ٿي. قريش بنيادي طرح سان واپاري هئا. عبدالمطلب جي پٽن جو به اهو ئي ڪاروبار هو. زرقانيءَ جي روايت موجب حضرت عبدالله شادي ٿيڻ کان ڪجهه وقت کانپوءِ واپار سانگي قريش جي قافلي سان گڏجي شام ويو، جتي پاڻ بيمار ٿي پيو، موٽ تي جيئن ته پاڻ گهڻو ڪمزور ٿي پيو، ان ڪري واپسيءَ دوران مديني شريف ۾ رهي پيو، جتي هو هڪ مهيني تائين اگهو رهيو ۽ سندس بنو نجار وارا پرگهور لهندا ۽ دارون درمل ڪندا رهيا. هوڏانهن قافلي وارن به مڪي پهچي سندس والد عبدالمطلب کي ماجرا ٻڌائي. عبدالمطلب پنهنجي پٽ حارث ۽ (زرقاني جي روايت موجب) زبير کي مديني موڪليو. جڏهن هو مديني پهتا ته ان کان اڳ ۾ پهرين رمضان (آڪٽوبر 570ع) عام الفيل کان چار مهينا 17 ڏينهن اڳ حضرت عبدالله جو انتقال ٿي چڪو هو ۽ هو اتي ئي دفن ٿيو. ڪن لکيو آهي ته حضرت عبدالله ابواء ۾ دفن آهي، ليڪن طبريءَ جي روايت موجب ان جي قبر مديني شريف ۾ موجود آهي. وفات وقت سندس عمر 19 سال هئي ۽ سن عيسوي تقريباً 570 هو. بلاذري وغيره سندس عمر 25، 28 ۽ 30 سال لکي آهي. حضرت عبدالله جو اولاد فقط حضور نبي ڪريم صه جن آهن. پاڻ ڪريم صه جن حضرت عبدالله جي وفات جي ڇهن مهينن کانپوءِ (ربيع الاول عام الفيل ۾) پيدا ٿيا. ان ڪري کين قرآن مجيد ۾ يتيم چيو ويو آهي. شبلي نعمانيءَ لکيو آهي ته حضرت عبدالله پنهنجي پٺيان پنج اُٺ، ڪجهه ٻڪريون، هڪ تلوار ۽ هڪ ام ايمن نالي ٻانهي ملڪيت ڇڏي، جيڪا حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي ورثي ۾ ملي.


لفظ عبدالله بن عبدالمطلبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو