عبدالله بن عمرو بن العاص رضہ: سندس نالو عبدالله، ڪنيت ابو محمد ۽ ابو عبدالرحمان ۽ سندس والد جو نالو عمرو بن العاص آهي. حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو هي اصحابي پنھنجي والد کان اڳ ۾ مسلمان ٿيو ۽ پاڻ ڪريمن صہ سان گڏ مڪي کان مديني شريف هجرت ڪيائين. پاڻ لکي پڙهي ڄاڻندو هو، تنهنڪري نبي ڪريم صہ جن کان جيڪي ڪجهہ ٻڌندو هو سو لکي وٺندو هو. ان ڪري تمام گهڻيون حديثون هن اصحابيءَ وٽان روايت ٿيل مليون. زهد ۽ تقوى جي خيال کان اهل عيال کان ڌار هر وقت عبادت ۾ مشغول رهندو هو. پاڻ ڪريم صہ جن جي دور جي سمورين جنگين ۾ شريڪ ٿيو. يرموڪ جي جنگ ۾ کلي حصو ورتائين. صفين جي جنگ ۾ پنھنجي پيءُ جي ڪري امير معاويه رضہ جي حمايت ڪيائين. حضرت بن عمرو بن العاص رضہ'>عبدالله بن عمرو بن العاص رضہ تمام وڏو عالم بہ هو. حضور پاڪ صہ جن جي حديثن جو پهريون مجموعو بہ هن لکيو ۽ جنهن جو نالو ‘صادقہ’ رکيائين. هن کان 700 حديثون روايت ٿيل آهن، جن مان سترهن حديثن تي امام بخاري رحه ۽ حضرت امام مسلم رحه ٻئي متفق آهن. هن کي پنھنجي والد کان ورثي ۾ ڏھہ لک درهم جي ماليت واري جاگير سميت ڪيتري ئي ملڪيت ملي. هن سن 65ھہ (685ع) ۾ فسطاط جي هنڌ تي وفات ڪئي.