عبدالله بن عمر رضه: حضرت عبدالله بن عمر فاروق رضه جو تعلق مڪي جي قريش خاندان جي هڪ معزز گهراڻي سان آهي. هي حضور نبي ڪريم صه جن جو مشهور اصحابي ۽ حديث شريف جو جڳ مشهور راوي آهي، جنهن کان 2630 حديثون روايت ٿيل آهن. ان سان گڏ هو مفتي اصحابن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هن سٺ سالن تائين فتوائون ڏنيون. جڏهن مسلمان جذبات ۾ اچي ڪجهه غلط فهمين سبب خانه جنگيءَ ۾ وچڙي پيا ته ان وقت حضرت بن عمر رضه'>عبدالله بن عمر رضه انهيءَ ماحول کان پاسيرو رهيو. پاڻ اسلامي تعليمات تي باقاعدگيءَ سان عمل پيرا رهيو. تاريخ جي ڪتابن ۾ ان جي فطري ذهانت، تقوى جي ڪمال، بردباري ۽ انڪساري، اعتدال ۽ قناعت پسندي جا روشن مثال موجود آهن. حديث جي راويءَ جي حيثيت ۾ حد درجي تائين محتاط هو. روايت ۾ آهي ته پنهنجي طرفان نه ته ڪمي ڪندو هو ۽ نه ڪو وڌاءُ. کيس ڪيترا ئي ڀيرا خلافت جي آڇ به ٿي، پر قبول نه ڪيائين. ابن عمر رضه جي زندگيءَ جا حالات ڪتابن ۾ گهڻا ملن ٿا. هن هجرت کان تقريباً ڏهه سال اڳ ۾ پنهنجي والد سان گڏ اسلام قبول ڪيو. مسلمانن جي مڪي مان هجرت ڪرڻ جي وقت پنهنجي والد کان ڪجهه وقت اڳ ۾ هجرت ڪيائين. بدر ۽ احد جي جنگين ۾ ننڍي عمر سبب پاڻ ڪريمن صه جن هن کي روڪي ڇڏيو. خندق واري جنگ وقت جڏهن پندرهن سال جو ٿيو ته کيس جهاد جي اجازت ملي. موته جي سخت مهم ۽ مڪي جي فتح وقت مسلم لشڪر ۾ هيءُ به شامل هو ۽ نبوت جي ڪوڙن دعويدارن خلاف جهاد ۾ حصو ورتائين. مصر جي مهم، نهاوند جي جنگ، جرجان ۽ طبرستان ۽ يزيد واري قسطنطيه جي مهمن ۾ به شامل رهيو. سياسي معاملات ۾ پهريون ڀيرو ان وقت ظاهر ٿيو جڏهن حضرت عمر رضه (سندس والد) پنهنجي وفات کان اڳ ۾ کيس مجلس شورى جو مشير مقرر ڪيو، جن جو ڪم پنهنجن ميمبرن مان خليفو چونڊڻ هو. ليڪن ووٽ ڏيڻ جو حق صرف ان صورت ۾ هو جڏهن ٻيا ميمبر ٻن حصن ۾ برابر ورهائجي وڃن. هن کي سندس والد جي وصيت ٿيل هئي ته هو ڪڏهن به خلافت لاءِ چونڊ ۾ حصو نه وٺندو نه ئي هو پنهنجي چونڊجڻ لاءِ پنهنجو ووٽ استعمال ڪندو. هن ٻين خليفن جي چونڊ ۾ هميشه مسلمانن جي اڪثريت جو ساٿ ڏنو، پر يزيد کي ولي عهد قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيائين. حضرت بن عمر رضه'>عبدالله بن عمر رضه سڄي زندگي عملي ۽ مذهبي ڪمن ۾ مصروف رهيو. روايت آهي ته ان قاضيءَ جو عهدو فقط ان لاءِ ٺڪرائي ڇڏيو جو متان ڪٿي شريعت جي حڪمن جي تعميل ۾ کائنس ڪا غلطي نه ٿي وڃي.
عبدالله بن عمر رضه اسي سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. حج جي موقعي تي جڏهن حاجين جو هجوم عرفات کان موٽيو ٿي ته حجاج جي هڪ سپاهيءَ هن جي پير تي ڀالو هڻي پير چيري وڌو. جڏهن حجاج هن کان طبيعت پڇڻ آيو ۽ هن کان پڇائين ته ڇا تون ان سپاهي کي سڃاڻيندين، جيئن ان کي سزا ڏيئي سگهان. ته پاڻ حجاج کي ننديندي چيائين ته تو مقدس جاين تي سپاهين کي هٿيار کڻي هلڻ جي اجازت ڇو ڏني؟ ابن عمر کي حديث ۾ سند طور تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري جو هو پاڻ ڪريم صه جن جي مجلسن ۾ ويهندڙ هو.