عبدالله بن وهب علامہ

عبدالله بن وهب، علامہ: علم حديث جي نامور عالمن مان عبدالله بن وهب بن مسلم الفهري بہ پنھنجي دور جو وڏو محدث هو. سندس ڪنيت ابو محمد آهي. هي اصل مصر جو هو، جتي سندس ولادت ذوالقعد 125ھہ/ 743ع ۾ ٿي. حديث جا چار سئو ائمه هن کان روايتون بيان ڪن ٿا، جن مان امام مالڪ، ليث بن سعد، محمد بن عبدالرحمان، سفيان ثوري، سفيان بن عُيينه، ابن جريج ۽ يونس وغيرہ نامور ٿي گذريا آهن.
علامہ عبدالله، مصر کان سواءِ مڪي معظمه ۽ مديني منوره مان پڻ تعليم حاصل ڪئي. ليث بن سعد جيڪو سندس استاد آهي، ان پڻ هن کان ڪيتريون ئي حديثون نقل ڪيون آهن، امام مالڪ پڻ هن کان حديثون نقل ڪيون آهن. علامہ عبدالله بن وهب پنھنجي زماني ۾ حجت هو ۽ هو ڪنهن جي بہ تقليد نہ ڪندو هو، هي ويھہ سال امام مالڪ جي صحبت ۾ رهيو. روايت آهي تہ امام مالڪ، عبدالله بن وهب کانسواءِ ڪنهن کي بہ فقيھہ ناهي لکيو، امام مالڪ هن کي ‘ابو محمد متقي فقيھہِ مصر’ ڪري لکندو هو. علامہ عبدلله کي هڪ لک حديثون برزبان ياد هونديون هيون ۽ هن جي تصنيف ڪيل ڪتابن ۾ هڪ لک ويھہ هزار حديثون موجود آهن. سندس علمي لياقت بابت امام مالڪ ڏاڍي تعريف بيان ڪئي آهي. نامور عالم ۽ محدث ابن يوسف لکي ٿو ته، “عبدالله ابن وهب ٽن وصفن فقه، تفسير ۽ عبادات جو جامع هو.”
هڪ ڏينهن سندس ڪنهن شاگرد سندس مشھور ڪتاب ‘جامع ابن وهب’ مان قيامت جا هولناڪ منظر هن جي آڏو پڙهيا. هي اهي ٻڌي ڏڪي بيهوش ٿي ويو، جنهن کانپوءِ کيس گهر کڻي ويا ۽ اتي هوش اچڻ کانپوءِ بہ سندس ڏڪڻيءَ واري ڪيفيت برقرار رهي، انهيءَ حالت ۾ علامہ عبدالله ابن وهب 72 سالن جي عمر ۾ 25 شعبان المعظم 197 ھہ 6 مئي 813ع ۾ رحلت ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو