عبدالله خان

عبدالله خان

عبدالله خان

عبدالله خان (شرنائي نواز): مشھور شرنائي نواز عبدالله خان ولد ڄام خان سمون، 13 جنوري 1957ع تي ڪوٽڙي، ضلعي ڄام شوري ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪوٽڙيءَ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ مان 1976ع ۾، انٽر گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڪوٽڙيءَ مان 1994ع ۾ حاصل ڪئي. هُو 1976ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتان 2017ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. عبدالله خان فن جي سکيا استاد زوار بسنت، استاد محمد موسيٰ سمي، استاد محمد قاسم، امام بخش ۽ استاد محمد يوسف کان ورتي. هُو اٺن نون سالن جي عمر ۾ موسيقيءَ طرف راغب ٿيو. هُن پنھنجي فن جي باقاعدہ شروعات 1972ع ۾ لوڪ ورثا اسلام آباد جي هڪ پروگرام کان ڪـئـي. عـبـدالله خـان، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن سميت ملڪ جي ٻين حصن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو پڻ ڪيو. ٿر پروڊڪشن طرفان سندس ٻہ آڊيو ڪئسيٽون پڻ رليز ٿيون. کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نامياري براڊڪاسٽر ايم. بي. انصاري 1972ع ۾ ۽ پي ٽي وي تي کيس ذوالفقار علي نقويءَ متعارف ڪرايو. هـن پي. ٽي. وي پروگرامـن: اوطـاق، سنڌ سينگار، پرک وغيرہ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ثقافت کاتي طرفان 2017ع جي آخر ۾ ڀنڀور عالمي ڪانفرنس ۾ ٻاهران آيل اسڪالرن آڏو هن پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ مڃايو. هُو ڪجهہ وقت مھراڻ آرٽس ڪائونسل سان پڻ وابستہ رهيو. جنھن ۾ موسيقيءَ جي ڪلاسن ۾ ٻارن کي سرناءِ وڄائڻ سيکاريندو هو. استاد عبدالله خان عابدہ پروين، جلال چانڊيي، محمد يوسف، محمد جمن، وحيد علي سميت ٻين ڪيترن وڏن فنڪارن سان گڏ موسيقي ترتيب ڏني. سندس شاگردن ۾ محمد سومار، نزاڪت علي ۽ نثار علي قابل ذڪر آهن. هُو ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. کيس پنھنجي فني خدمتن عيوض ڪيترا ايوارڊ مليا جن ۾ شاھہ لطيف ايوارڊ، قلندر لعل شھباز ايوارڊ، رفيع پير سينٽر لاهور طرفان ايوارڊ، بھترين موسيقار طور ڀنڀور ڪانفرنس ۾ ثقافت کاتي طرفان ايوارڊ شامل آهن. عبدالله خان سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ ۽ انڊوومينٽ فنڊ طرفان شاھہ جي سُرسورٺ راءِ ڏياچ’ ۾ موسيقارن جي سٿ ۾ شامل رهيو. هن 30 نومبر 2025ع تي وفات ڪئي.


لفظ عبدالله خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.01.13  عيسوي

مشھور شرنائي نواز عبدالله خان ولد ڄام خان سمون، 13 جنوري 1957ع تي ڪوٽڙي، ضلعي ڄام شوري ۾ پيدا ٿيو.


2025.11.30  عيسوي

عبدالله خان 30 نومبر 2025ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽي عنايت حسين
عبدالستار سمو
الف خان ترين خانبهادر
سردار بھادر محمد بخش ڪوجهي
اين ڊي جتوئي
جمعو فقير 1
شيخ عمر شھاب الدين سھروردي
الھوسايو شيدي
سيد اسماعيل شاھہ شاهڪپور وارو
جيلاني سيد محمد صالح شاھہ (ثاني)
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون