سومرو عبدالله عاصم

سومرو عبدالله عاصم

عبدالله سومرو عاصم

عبدالله سومرو’عاصم‘: عبدالله عاصم ولد صدرالدين سومرو پهرين جولاءِ 1970ع تي ڳوٺ مرزاپور تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليمي قابليت ايم. اي انگلش ۽ ايم. ايڊ آهي. پيشي جي لحاظ کان استاد آهي ۽ هن وقت گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول لکي غلام شاھہ ۾ انگريزي اسڪول ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. عبدالله عاصم 1988ع کان باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهرين تحرير ٻارن جي مشھور رسالي ’گل ڦل‘ ۾ شايع ٿي. هن وقت تائين عبدالله عاصم جا ٻارن لاءِ ڪهاڻين ۽ لطيفن جا ٽي ڪتاب: (1) ’چرچن جي چٽڻي‘، (2) ’ٽهڪن جي دنيا‘، (3) ’پهريون قاتل‘ شايع ٿي چڪا آهن. هي ڪتاب ’مولوي محمد عظيم ڪتب خاني شڪارپور‘ شايع ڪيا آهن. عبدالله عاصم سومري، نامور شاعر نثار بزمي مرحوم جي صحبت ۾ رهي نثر ۽ نظم ۾ طبع آزمائي پڻ ڪئي. سندس تحريرون مختلف رسالن ۽ اخبارن: گل ڦل، سنگتي، هزار داستان، گلڙا، روشن دنيا، نئين سوچ، نئين زندگي ۽ روزاني ڪاوش وغيرہ ۾ شايع ٿي چڪيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.07.01  عيسوي

عبدالله عاصم ولد صدرالدين سومرو پهرين جولاءِ 1970ع تي ڳوٺ مرزاپور تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمالي حاجي محمد بخش
دريانو مل
بھو بيگم عرف صاحب دولت
اسحاق فقير ڪارو مڱڻهار
راحيلا شر
ڄام پراگمل- I
دائود پوٽو ڊاڪٽرعمر بن محمد
داغ دهلوي
خانبهادر غلام محمد خان وساڻ
محمد ڪريم اصفهاني ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون