عبدالله شاھہ فتاحي

عبدالله شاھہ ’فتاحي‘: نامور بزرگ ۽ ديني عالم سيد عبدالله شاھہ ولد سيد محمد شاھہ جا وڏا اصل ۾ دهليءَ جا هئا، جيڪي پوءِ لڏي اچي رياست خيرپور ۾ ويٺا. سندس خاندان مان ڪيترائي حڪيم بہ ٿي گذريا. حڪمت ۾ سندس خاندان کي چڱي ناماچاري حاصل هئي. مير فيض محمد ٽالپر پنھنجي حاڪميءَ جي زماني ۾ هن خاندان مان سيد مير محمد لاعقب کي حڪمت سانگي خيرپور رياست آندو، جنهن کانپوءِ سندس خاندان هتي ئي سڪونت پذير ٿيو. عبدالله شاھہ فتاحيءَ ابتدائي تعليم ڳوٺ اڳڙا، تعلقي گمبٽ مان ورتي. انگريزي ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان، مئٽرڪ ڪرڻ بعد عربي ۽ فارسيءَ جي علمن جي تحصيل ڪئي. کيس عربي توڙي فارسي ٻولين تي عبور حاصل هو. ننڍي هوندي کان ئي اسلامي تعليمات ڏانهن رجحان هئس. شعر پڻ ننڍي وهيءَ کان لکندو هو. شاعريءَ ۾ ‘عبد’ تخلص ڪتب آڻيندو هو. قادري طريقي جو پوئلڳ هو. تاج محمد امروٽيءَ جي حلقي ۾ شريڪ ٿي وڌيڪ تعليمات اتان پرايائين. خلافت هلچل ۾ بہ متحرڪ رهيو، هڪ ڀيرو جيل بہ ويو. سکر سينٽرل جيل ۾ قيد رهڻ دوران جيل ۾ بہ تبليغ جاري رکيائين، جتي ڪيترائي قيدي پڻ سندس حلقئہ ارادت ۾ اچي ويا. خلافت تحريڪ جي هڪ ڪاميٽي جي سرڪردگيءَ ۾ مديني ۽ مڪي پڻ ويو، جنهن دوران حج پڻ ڪيائين. 1933ع ۾ کيس ناز هاءِ اسڪول ۾ عربيءَ جو استاد مقرر ڪيو ويو، جتي تدريس سان بہ لاڳاپيل رهيو. اڳڙا شھر ۾ ’مدرسہ دارالصلاح‘ جو بنياد رکيائين. سندس سرڪردگيءَ هيٺ اڳڙا شھر ۾ ميلاد نبيصه جلسو منعقد ٿيندو هو، جيڪو اڄ سوڌو ٿيندو رهي ٿو. ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪيائين پر پونيئرن جي سنڀال نہ ڪرڻ سبب اهو سمورو مواد ضايع ٿي ويو. سندس هڪ ڪتاب ‘اوچتو عشق’ ڇپيو، جنهن جي تصحيح مرزا قليچ بيگ ڪئي. هن وڏي تعداد ۾ مولود چيا آهن. عبدالله شاھہ پير ڳوٺ ويجهو پنھنجي ڳوٺ مير محمد ڪوٽ ۾ ڪن فسادين هٿان شھيد ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو