عبدالله قاضي: عالم ۽ بزرگ بن قاضي ابراهيم'>قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم درٻيلي، موجوده ضلعي سکر جو رهاڪو هو. علم جي حاصلات لاءِ سيوهڻ ڀرسان ڪاهان (ڳاهان) ڳوٺ ۾ مولانا عبدالعزيز ابهري جو شاگرد بڻيو، جنهن وٽان سمورن علمن جي تحصيل ڪيائين. پاڻ وقت جو وڏو عالم، متقي ۽ پرهيزگار بزرگ هو. سيوهڻ جي عالمن ۽ بزرگن سان صحبت هجڻ ۽ ڪن جو همعصر هجڻ سبب ڪافي وقت سيوهڻ ۾ رهيو. جتان حالتن جي پيش نظر لڏي گجرات، احمدآباد ويو. ڪجهه عرصو اتي رهڻ بعد ٻارن سميت حج جي سعادت حاصل ڪرڻ ويو. حج تان موٽي احمدآباد وسايائين. احمدآباد جي عالمن کيس تمام گهڻو مان ڏنو. جيڪي علمي مسئلن لاءِ هر وقت هن عالم سان صلاح مصلحت ڪندا هئا. هن جا مديني جي وڏي عالم ۽ صوفي شيخ علي متقي (وفات: 1567ع) سان گهرا واسطا هوندا هئا. شيخ علي متقي جڏهن احمدآباد گجرات آيو، تڏهن بادشاهه بهادر شاهه بن مظفر شاهه (شهادت 1567ع) ساڻس ملاقات لاءِ عرض موڪليو، پر هن ملاقات کان جواب ڏئي ڇڏيو. پوءِ بادشاهه بهادر شاهه قاضي عبدالله کي ملاقات ڪرائڻ لاءِ عرض ڪيو، جنهن شيخ علي متقيءَ مدني سان ملاقات ڪرائي. قاضي عبدالله ڏهين صدي هجريءَ (سورهين صدي عيسويءَ) جي آخر ڌاري وفات ڪئي.
عبدالله قاضيءَ جي مزار گجرات جي شهر احمدآباد ۾ آهي، جتي سيوهاڻي مدني جي نالي سان مشهور زيارت گاهه آهي.