عبدالله مرزا

عبدالله مرزا: ڪلهوڙن جي دور جو هي نامور طبيب ۽ علم نجوم جو ماهر مرزا عبدالله دراصل ايراني هو. زندگيءَ جو وڏو عرصو سورت ۾ بسر ڪيائين. 1181ھہ/ 1766ع ۾ ڪلهوڙا حڪمران گهراڻي کيس پنھنجي درٻار ۾ گهرائي وڏو مقام ۽ عزت ڏني. مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو ته، “مرزا عبدالله ‘جامع العلوم’ (علمن جو مجموعو) هو. طبابت ۾ کيس خاص مهارت حاصل هئي. انهي ڪري ڪلهوڙي حڪمران کيس پنھنجي درٻار ۾ گهرائي پاڻ وٽ رکيو. علم نجوم ۾ بہ ڪافي دسترس هيس. هي پنھنجي دور جو ‘مستجع الڪمالات’ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو