
پروفيسر عبدالله ملاح
عبدالله ملاح، پروفيسر: پروفيسر عبدالله ملاح ولد محمد پريل ملاح پهرين جولاءِ 1960ع تي بدين شھر ۾ جنم ورتو. هن 1980ع ۾ هاءِ اسڪول بدين مان مئٽرڪ پاس ڪئي، 1990ع ۾ ايم. اي سنڌي ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ‘مولوي حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعريءَ جو تنقيدي جائزو’ جي عنوان هيٺ ايم فل ڪئي. جڏهن تہ (لاڙ جي شاعريءَ جو سماجي لسانياتي جائزو) جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي هلندڙ اٿس. هن سياست جي شروعات شاگردي واري دؤر ۾ سپاف ۾ شامل ٿيڻ کان ڪئي ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي مليل سزا خلاف احتجاج دوران 1979ع ۾ 6 مهينا لانڍي جيل موڪليو ويو. ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران 1983ع ۾ هڪ سال لاءِ جيل ويو اهڙيءَ طرح 1985ع ۾ ٽوڙي ڦاٽڪ واقعي دوران نظر بند رهيو ۽ 1986ع ۽ 1990ع ۾ پڻ نظربند ڪيو ويو هو. ان کان سواءِ پاڻ سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري، عوامي نيشنل پارٽي ۽ عوامي تحريڪ ۾ سرگرم سياسي ڪارڪن ٿي رهيو، عبدالله ملاح ادب ۾ 1984ع ڌاري آيو. سندس پهرين ڪهاڻي ‘گهايل گيت اڏاڻا’ اسلاميہ ڪاليج جي ميگزين ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپي. ‘اکيون جنهن آسري’ جي عنوان سان 1994ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي 12 پروگرام لوڪ عشقيہ داستانن تي پيش ڪيا ويا، جيڪي سنڌو رسالي ۾ پڻ ڇپيا. دنيا جي درياهن بابت ‘پاڻي منجهہ پساھہ’ جي موضوع تي 10 پروگرام ريڊيو تي نشر ٿيا. عبدالله ملاح جو پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب ‘رڻ گجيو راڙو ٿيو’ 1986ع ۾ ڇپيو. محمد اشرف سيال جي سوانح عمريءَ تي مشتمل ڪتاب ‘رڻ ۾ پئي رات’، شھيد فاضل راهو جي زندگي تي لکيل ڪتاب ‘جن رنگ ڀڳا ديوارن جا’ 1988ع، ۽ رسول بخش پليجي بابت ڪتاب ‘ڌرتي تي آڪاش’ 1988ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ ‘پريم تنھنجا پار’ ۽ ‘ڪي سج اڀاري ويا’ جي نالن سان پڻ سندس ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
عبدالله ملاح 1996ع کان روزاني ڪاوش ۾ ڪالم لکڻ جي شروعات ڪئي جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. هن 1992ع ۾ ڪميشن پاس ڪئي ۽ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر طور اسلاميہ ڪاليج بدين ۾ مقرر آهي، جڏهن تہ پنج سال ساڳئي ڪاليج ۾ پرنسپال پڻ رهيو. پروفيسر عبدالله ملاح ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ پڻ پنهنجو ڪردار نڀايو. پاڻ ‘ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو اڪيڊمي’ جو صدر، ‘لاڙ ميوزيم بدين’ جو ڊائريڪٽر ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر، ‘بدين جيمخاني’ جو پهريون جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان کان سواءِ ‘سنڌ پروفيسر ليڪچرار ايسوسيئيشن’ (سپلا) بدين ضلعي جو صدر ۽ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر رهيو آهي. سندس ڪوششن سان ساحلي پٽي تان رينجرز جي قبضي خلاف تحريڪ هلائي ويئي، جنهن جي سربراهي هن پاڻ ڪئي. 2012ع جي سنڌ يونيورسٽي ۾ سينيٽ جو ميمبر مقرر ٿيو.
عبدالله ملاح گڏيل قومن جي ترقياتي اداري (يو. اين. ڊي. پي) پاران بدين جي گرين ليڊر طور ٿائلينڊ ۾ نمائندگي ڪئي. کيس ڪيترائي اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن، جن ۾، 1991ع ۾ لاڙ ثقافتي ميلي دوران ‘بيسٽ ورڪر اوارڊ’، نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ پاران ‘بيسٽ ٽيچر اوارڊ’، ضلع بدين ۾ قائم خواجہ غلام فريد فائونڊيشن پاران ‘بھترين مقرر’ طور ‘خواجہ غلام فريد اوارڊ’، محتسب اعليٰ سنڌ پاران سماجي خدمتن جي اعتراف ۾ اوارڊ ۽ ٻيا بہ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون مليل آهن. پروفيسر عبدالله ملاح 1985ع ۾ شادي ڪئي، کيس 5 ٻارن جو اولاد آهي.
1960.07.01 عيسوي
پروفيسر عبدالله ملاح ولد محمد پريل ملاح پهرين جولاءِ 1960ع تي بدين شهر ۾ جنم ورتو.