عبدالله ميمڻ

عبدالله ميمڻ

عبدالله ميمڻ

عبدالله ميمڻ: مشھور عالم ۽ صحافي فقير عبدالله ولد حاجي سومار ميمڻ جو جنم 1924ع ڌاري بلڙي شاھہ ڪريم، ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. سنڌي، عربي، فارسي ۽ اردوءَ جي تعليم پنھنجي والد بزرگوار کان حاصل ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ سان بيحد لڳاءُ هو. هي بزم ڪريمي، رهبر ادبي سوسائٽي، بزم طالب المولى ۽ ٻين ڪيترين ئي ادبي سماجي تنظيمن جو بنيادي سرگرم ميمبر هو. چوڏهن سال بنا معاوضي درگاھہ شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي جامع مسجد جو خطيب رهيو. عبدالله ميمڻ کي صحافت سان پڻ بيحد لڳاءُ هو. هن اٽڪل 12 سال مختلف سنڌي- اردو اخبارن جھڙوڪ: روزاني ڪاروان، آفتاب ۽ عبرت وغيرہ ۾ صحافت ڪئي ۽ مختلف سماجي سياسي مسئلن تي جرئتمنديءَ سان لکندو رهيو. هيءُ پريس ڪلب بلڙي شاھہ جو بنياد وجهندڙ ۽ ان جو صدر پڻ رهيو. پڙهڻ سان ڪافي دلچسپي هئس. هو دبئي، ڪلڪتي، دهلي وغيرہ مان پڻ ڪتاب گهرائي پڙهندو هو. وٽس ڪتابن جي اعلى لائبريري پڻ هئي، جنهن ۾ ڪيترائي قلمي نسخا موجود هئا. عبدالله ميمڻ ون يونٽ واري تحريڪ دوران تمام گهڻو سرگرم رهيو، جنهن سبب ٻن پٽن عبدالرحمان ۽ غلام محمد ميمڻ سميت جيل ويو. جيل ۾ عبدالحفيظ قريشي، نواب يوسف ٽالپر، اقبال ترين وغيرہ سندس جيل جا ساٿي رهيا. هن 76 سالن جي عمر ۾ 6 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي.


لفظ عبدالله ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2000.03.06  عيسوي

مشهور عالم ۽ صحافي فقير عبدالله ولد حاجي سومار ميمڻ جو جنم 1924ع ڌاري بلڙي شاهه ڪريم، ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. هن 76 سالن جي عمر ۾ 6 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالغفور سيتائي
جعفر ميمڻ
امان ﷲ چانڊيو سنڌي
علي نواز وفائي
آچر خاصخيلي
شان ڏهر
اسد ڀٽي
رضا آڪاش خاناڻي
خاصخيلي جان
در محمد ڪمال
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون