عبدالله ميمڻ، خليفو: لاڙ جي مشھور سماج سڌارڪ ۽ شاعر خليفي عبدالله ميمڻ جو تعلق بدين سان آهي. پاڻ ڪاروبار سان واڳيل رهيو آهي ۽ ٺيڪيداري پڻ ڪندو هو. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات مختلف سماجي ڪمن سان ڪئي. سڀ کان پهرين بدين شھر تي مڙهيل ڪنٽومنٽ جي آزار کي ختم ڪرايو. بدين کي ضلعي جي حيثيت ڏيارڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. ان کانسواءِ هن 1965ع واري جنگ ۾ بدين سان لڳندڙ ڀارتي سرحد تي ويندڙ فوجين جي خاطر تواضع لاءِ شهرين جي مدد سان وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪيترو سامان گڏ ڪري سرحد جي متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ موڪليو. هن بدين جي ثقافت ۽ تاريخ کي نروار ڪرڻ لاءِ ٽي ڀيرا ثقافتي ميلو لڳرايو. پاڻ جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ ٿيل مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ بدين ميونسپل ڪميٽيءَ جو چيئرمئن ٿيو. هن پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ بدين شھر ويجهو آرمي ويلفيئر شگر مل قائم ڪرائي، شھر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن لاءِ ڪوششون ورتائين. بدين شھر ۾ سبزي منڊي قائم ڪرايائين. بعد ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ ايگرو ول رٿا منظور ڪرايائين، ان رٿا ۾ ڊگري ڪاليج، هاسٽل ۽ 50 بسترن واري اسپتال شامل هئي. خليفو عبدالله ميمڻ پ پ پ جو بنيادي ڪارڪن هو. پاڻ سٺو شاعر بہ هو. شاعريءَ ۾ ‘عبد’ تخلص استعمال ڪيو اٿس. پاڻ نهايت ئي محنتي، ايماندار ۽ سچو انسان هو. بنا ڪنهن مت ڀيد جي خلق خدا جي خدمت ۾ گذاريندو هو. کيس اڄ بہ بدين جا ماڻهو محبت سان ياد ڪن ٿا.