عبدالله هالائي مولانا

عبدالله هالائي، مولانا: نامور عالم ۽ خلافت تحريڪ جي اهم اڳواڻ مولوي عبدالله ولد مولوي محمد 22 ربيع الثاني 1316هه مطابق 10 آگسٽ 1898ع تي هالا پراڻا، ضلعي حيدرآباد (هاڻوڪي مٽياري) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد پنهنجي وقت جو نامور عالم هو. هن سموري ديني تعليم مدرسي ‘محمديه’ مان پنهنجي والد کان وٺي فارغ التحصيل ٿيو. پنهنجي والد جي وفات بعد ساڳئي مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ سان گڏ حڪمت به جاري رکيائين. مولوي عبدالله پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات خلافت تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ سان ڪئي. هن تحريڪ جي هر موڙ تي خلافتي عالمن جو ڀرپور ساٿ ڏنو. جڏهن خلافتي عالمن مولوي فيض الڪريم جي فتويٰ واري رسالي ‘تحقيق الخلافت’ جو رد لکي شايع ڪرايو ته مولوي عبدالله نه صرف ان جي رد جي تصديق ڪئي، پر تحريڪ جي ڪاميابيءَ لاءِ ان جي مالي مدد به ڪئي. هن 25 رمضان 1395هه مطابق پهرين آڪٽوبر 1975ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1898.08.10  عيسوي

نامور عالم ۽ خلافت تحريڪ جي اهم اڳواڻ مولوي عبدالله ولد مولوي محمد 22 ربيع الثاني 1316هه مطابق 10 آگسٽ 1898ع تي هالا پراڻا، ضلعي حيدرآباد (هاڻوڪي مٽياري) ۾ پيدا ٿيو.


1975.10.01  عيسوي

مولوي عبدالله 25 رمضان 1395هه مطابق پهرين آڪٽوبر 1975ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طالب حسين جوهري علامه
حاجي عيسيٰ ساندائي محدث
حافظ محمد 1
طيباڻي والي ڏنو فقير
عبدالرحمان شهيد
شاهه ولي الله دهلوي
مخدوم امير احمد
مخدوم محمد حسن سيوهاڻي
مخدوم محمد عارف سيوستاني
رشدالله شاهه راشدي علامه
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون