عبدالله ٺٽوي، مخدوم: عالم، بزرگ ۽ شاعر مخدوم عبدالله، مخدوم عبداللطيف جو فرزند ۽ مخدوم محمد ابراهيم مڏئي واري جو پوٽو هو. پاڻ ٺٽي جي مشھور علمي خاندان هاشميه جو چشم و چراغ هو، جو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سندس تڙ ڏاڏو هو. هن پنھنجي والد کان تعليم پرائي. پاڻ ظاهري توڙي باطني فيض ۾ ڪامل ۽ وڏو متقي ۽ پرهيزگار انسان هو. مير خليل ٺٽوي ‘تڪمله مقالات’ م لکي ٿو ته، “مخدوم صاحب جي تقرير وڏي متانت سان لبريز هوندي هئي. نثر نهايت عجيب لکندو هو ۽ نظم ۾ بہ کيس مهارت هئي. شاعريءَ ۾ تخلص ‘امير’ ڪتب آڻيندو هو.”
مير خليل سندس ڀاڻيجو هو. مخدوم عبدالله تيرهين صدي هجريءَ جي آخر ڌاري وفات ڪئي. (حوالو: الرحيم، مشاهير سنڌ نمبر)