عبدالله چانڊيو
عبدالله چانڊيو: شاعر ۽ نثر نويس عبدالله ولد غازي خان چانڊئي جو جنم 27 آگسٽ 1980ع تي، ڳوٺ ايوب خان چانڊئي ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم اي (سنڌي ادب) آھي. ھن لکڻ جي شروعات 1998ع کان ڪئي. سندس لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. پاڻ ڪافي عرصي کان سنڌي ادبي سنگت شاخ شھدادپور سان لاڳاپيل آھي. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا: ‘ٻيڙيءَ ۾ درياءُ‘ ۽ ’اکين جو شھر‘ ڇپيل آھن.
1980.08.27 عيسوي
شاعر ۽ نثر نويس عبدالله ولد غازي خان چانڊئي جو جنم 27 آگسٽ 1980ع تي، ڳوٺ ايوب خان چانڊئي ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.