عبدالله ڪڇي

عبدالله ڪڇي

عبدالله ڪڇي

عبدالله ڪڇي: ناليوارو فنڪار عبدالله ڪڇي ولد فقير محمد 1940ع ڌاري ڪلري، لياري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. هي ناليواري فنڪار استاد مٺو ڪڇيءَ جو ڀاڻيجو هو. عبدالله ڪڇيءَ جا ناناڻا، ڳائڻ وڄائڻ سان واسطو رکندا هئا. فن کيس ورثي ۾ مليو. ننڍپڻ ۾ ئي ڳائڻ شروع ڪيائين. هو جيڪو ڪلام بہ ڳائيندو هو ان کي پاڻ ئي ڪمپوز ڪندو هو. هن کي شاھہ سائينءَ سان عشق هو. اهو ئي سبب آهي تہ هن شاھہ کي گهڻو ڳايو. سندس مادري زبان ڪڇي هجڻ ڪري، شاھہ کي ڳائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئس. تنهن ڪري وڏيءَ محنت سان اچار سکيائين. ڳائڻ ۾ سندس استاد ماسٽر محمد ابراهيم ۽ عبدالله پنهور هئا. هو انهن کان ۽ ساٿي فنڪار ماسٽر محمد اياز عليءَ ۽ ڪراچيءَ جي شاعر گوهر سروريءَ کان، شاھہ سائينءَ جي ڪلام جو صحيح اچار سکندو هو. هو اسٽيج تي ڳائڻ کانسواءِ گرامو فون لاءِ بہ رڪارڊنگ ڪرائيندو هو. عبدالله ڪڇيءَ، ۱۹۶۶ع ۾، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ پير پاتو. سندس پهرين رڪارڊنگ شاھہ جو ڪلام ‘والي واري آڻ، ٻاروچا ڀنڀور ۾’ هو. عبدالله ڪڇي، سنڌيءَ کانسواءِ اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ ڪڇيءَ ۾ ڳائيندو هو. ريڊيي کان پوءِ هن پي ٽي وي تي ڳائڻ شروع ڪيو. اتي کيس عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. پي. ٽي. وي تي سندس پهريون ڪلام ‘گلا ڪا مَ ڪري، لکيو تان نہ ٽري’ رڪارڊ ٿيو ۽ سندس سڃاڻپ بڻيو. هن ٻن سنڌي فلمن؛ ڦل ماڇيءَ ۽ قربانيءَ لاءِ بہ نغما ڳايا. هن پنھنجي ملڪ جي مختلف شهرن کان سواءِ ڏيساور ۾ ڀارت، دبئيءَ ۽ مسقط ۾ بہ فن جو مظاهرو ڪيو. کيس سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران اوارڊ بہ ڏنو ويو.
سندس مشھور ڪلامن ۾: (1) ڪهڙو سڱ سياپو (شاھہ لطيف)،(2) گلا ڪام ڪري (شاھہ لطيف)، (3) اڄ ٿا ڪانگ لنون (شاھہ لطيف)،(4) رات روئي ٿي رت ڦڙا (شاھہ لطيف)، (5) ڪڪرن ڪيا رنگ ڪارا (صاحب ڏنو شاھہ)، (6) ياد پون ٿيون (محمد جمن هالو)، (7) منهنجو مان سڄڻ توکي ساري (جمن هالو)، (8) کٽي يار بازي (جمن هالو)، (9) راڻل آيو رات (رحيم بخش قمر)، (10) مقدر مان مليو مونکي (نور محمد بالا) وغيرہ قابل ذڪر آهن. هن نامور فنڪارہ گل بانو سان بہ گڏ ڳايو آهي.
عبدلله ڪڇيءَ 8 مئي 1998ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.


لفظ عبدالله ڪڇيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1998.05.08  عيسوي

عبدالله ڪڇي ولد فقير محمد 1940ع ڌاري ڪلري، لياري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. 8 مئي 1998ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آصف مھدي
ڪريم ڪڇي
استاد منظور علي خان
الھڏنو جوڻيجو
زينت شيخ
خاصخيلي ذوالفقار علي
عاشق نظاماڻي
استاد نياز احمد خان
ڊگامبر وشنو پولاسڪر
چاڪر چانڊيو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون