انجنيئر عبدالماجد ڀرڳڙي
عبدالماجد ڀرڳڙي: سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني عبدالماجد ڀرڳڙي ، لاڙڪاڻي جي ننڍڙي ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙيءَ ۾ 8 فيبروري 1948ع ۾ عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو . ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ بي . اي ( آنرز ) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪرڻ کان پوءِ 1973ع ۾ لاڙڪاڻي مان ايل . ايل . بي جي ڊگري حاصل ڪيائين . 1972ع ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين . ان دؤران پڙهائيءَ کي جاري رکندي 1985ع ۾ آمريڪا جي يونيورسٽي آف ايري زونا ٽوسان مان ايم . بي . اي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ اهڙيءَ طرح انڪم ٽيڪس کاتي ۾ 2000ع تائين رهيو . کيس سنڌي ٻولي ، ان جي ادب ۽ شاعريءَ سان چاهه هو ، تنهنڪري سندس ڪوشش هئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي ٻين ترقي يافته ٻولين جيان نئين دؤر جي ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ٿئي ته جيئن هو ان لحاظ کان پٺتي نه رهجي وڃي . 1987ع ۾ ، ڊيسڪ ٽاپ ڇپائيءَ جي ڪم ۾ دلچسپي جي ڪري ، ذاتي ڪمپيوٽر ( ايپل مئڪنٽاش ) ۽ ليزر پرنٽر خريد ڪيائين . تيستائين پرسنل ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال ممڪن ڪونه هو . سندس خواهش هئي ته سنڌي سافٽ ويئر جوڙي وڃي ، نيٺ سخت محنت کانپوءِ 1988 جي شروعات ۾ هو ’مئڪنٽاش ‘ ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ جو پروگرام ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو جنهن جي نتيجي ۾ پهريون ڀيرو پرسنل ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال ممڪن بڻيو . اهڙي ريت هن 1988 جي اوائل ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌو جنهن کان پوءِ سنڌي اخبارون ، رسالا ، ڪتاب وغيره ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيڻ لڳا ۽ سنڌي اشاعتي دنيا ۾ هڪ انقلاب آيو . 1990ع ۾ هو پاڪستان ڇڏي آمريڪا هليو ويو . ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال لاءِ بنيادي ضرورت ان ٻوليءَ جو ڪوڊپيج ( character set approved for computer use ) هوندو آهي ۽ سنڌي لاءِ ڪوبه طئي شده اسٽينڊرڊ ڪوڊپيج ڪونه هو . انهيءَ ڪري سنڌي جي ڪمپيوٽر تي استعمال جو جيڪو حل ۽ طريقه ڪار ڪڍيو ويو هو تنهن ۾ عربي ۽ فارسي واري ڪوڊپيج کي ڪنهن طريقي سان سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻايو ويو هيو . نوي واري ڏهاڪي ۾ دنيا جي سڀني ٻولين لاءِ هڪ مشترڪه ڪوڊ پيج ٺاهڻ جون ڪوششون ٿيڻ لڳيون ته جيئن دنيا جي مختلف ٻولين جي ڪمپيوٽر تي ترويج ۾ آساني ٿئي . اهڙي ريت يونيڪوڊ ڪنسورشم جو بنياد پيو جنهن هڪ يونيورسل يا عالمگير ڪوڊپيج جوڙيو ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ ان جي ترويج جون ڪوششون ٿيڻ لڳيون . يونيڪوڊ يا يونيورسل ڪوڊپيج ۾ دنيا جي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي جو ڪيريڪٽر سيٽ ، يعني سنڌي ٻوليءَ جا حرف به شامل هئا . 1999 تائين يونيڪوڊ ڪمپيوٽر جي مختلف آپريٽنگ سسٽم جو حصو بڻجڻ شروع ٿي ويو هو ۽ مائڪروسافٽ ۽ ايپل وارن طرفان به ان جي ترويج جي آڌار تي دنيا جي مختلف ٻولين کي سپورٽ ملڻ لڳي . انهن نئين پيش رفت جي ڪري پهريون ڀيرو اهو امڪان پيدا ٿيو ته سنڌي جو هڪ ٻوليءَ جي حيثيت ۾ ، ڪنهن معياري ڪوڊپيج جي آڌار تي ، ڪمپيوٽر تي استعمال ٿي سگھي ۽ انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب تي دنيا جا سڀ سنڌي پنهنجي ٻوليءَ جو استعمال ايئن ڪري سگھن جيئن ٻين ترقي يافته ٻولين جو ٿئي پيو . هيل تائين ، سنڌي جو ڪمپيوٽر تي استعمال گھڻي ڀاڱي اشاعتي يا ڇپائي جي ڪمن تائين محدود هو ۽ اسٽينڊرڊ ۽ مروج ڪوڊپيج نه هجڻ جي ڪري سنڌي کي عالمي سطح تي رابطي يا ڪميونيڪيشن لاءِ استعمال ڪرڻ ممڪن ڪونه هو . 2000 ۾ ، نئين صدي جي آغاز ۾ ، عبدالماجد ڀرڳڙي انهي سلسلي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي معياري حيثيت ۾ ڪمپيوٽر تي رائج ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي . هن سنڌي لاءِ پهريون يونيڪوڊ فانٽ جوڙيو ، مائڪروسافٽ وارن سان ذاتي حيثيت ۾ ملي کين ان تي آماده ڪيائين ته هو پنهنجي ونڊوز سسٽم ۾ سنڌي جي ٽيڪسٽ پروسيسنگ ممڪن بڻائين ، انهن کان سنڌي لاءِ ڪيبورڊ فائل ترتيب ڏياريائين ۽ آخرڪار پاڻ هڪ سنڌي انسٽالر جوڙي ، انٽرنيٽ تي هر عام سنڌي لاءِ بغير ڪنهن قيمت جي مهيا ڪيائين ته جيئن سنڌي جو ڪمپيوٽر تي استعمال عام ٿئي . سنڌي زبان کي يونيڪوڊ ذريعي رائج ڪرڻ سندس اهو انقلابي قدم هو جنهن سان هن معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌو جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپيوٽر ، انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب تي پهريون ڀيرو سنڌي جو پنهنجي حيثيت ۾ ، هڪ ٻوليءَ جي حيثيت ۾ ، عالمي سطح تي استعمال شروع ٿيو . ان ذريعي سنڌي ۾ اي ميلز موڪلڻ ، سنڌي ويب سائٽون جوڙڻ ، سنڌي ۾ ڪمپيوٽر ذريعي چيٽنگ ڪرڻ وغيره ممڪن ٿيون . اڳتي هلي ، ونڊوز کان علاوه مئڪنٽوش ڪمپيوٽر تي به سنڌي جي يونيڪوڊ ذريعي استعمال کي ممڪن بڻايائين ۽ ان لاءِ انسٽالر جوڙيائين جنهن وسيلي مئڪنٽاش تي به معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ ممڪن ٿي . هن سنڌي معياري ڪمپيوٽنگ لاءِ جيڪي به TOOLS يا RESOURCES ٺاهيا ، سي سڀ انٽرنيٽ تي سنڌين لاءِ مفت مهيا ڪيائين . سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان سندس www . bhurgri . com جي نالي سان ويب سائيٽ پڻ جوڙيل آهي ، جنهن ۾ پهريون ڀيرو انٽرنيٽ تي قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ، شاهه جو رسالو ، سچل جو سنڌي ڪلام شايع ڪيا ويا ۽ جتي ٻيو کوڙ سارو سنڌي مواد موجود آهي . هن مغرب ، يعني مراڪش ۽ الجزائر ، جي ويهين صدي جي اوائل جي مشهور صوفي بزرگ احمد بن مصطفى العلوي جي مناجات جو عربي مان انگريزي ۾ ترجمو به ڪيو آهي جيڪو شايع پڻ ڪرايائين ۽ اهو سندس ويب سائيٽ تي به موجود آهي . ان کان علاوه 2002 آمريڪا جي يونيورسٽي آف اِلينُواءِ جي شعبه لسانيات جي پروفيسر جينيفر ڪول جي دعوت تي هو يونيورسٽي ويو ۽ سندن سنڌي ٻولي جي آن لائن ڪورس جي سلسلي ۾ کين مدد فراهم ڪيائين . 2003 ۾ مائڪروسافٽ جي لاءِ عربي جي فانٽ جي پروگرامنگ به ڪيائين ۽ انهن لاءِ ” پاڪستاني ٻولين جي ڪمپيوٽر تي يونيڪوڊ ذريعي ترويج “ جي موضوع تي هڪ ٽيڪنيڪل ريسرچ پيپر به لکيائين جيڪو انهن مائڪروسافٽ ڊيويلپرز نيٽ ورڪ MSDN تي شايع ڪيو . اڄ ڪلهه هُو آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي .
1948.02.08 عيسوي
عبدالماجد ڀرڳڙي 8 فيبروري 1948ع ۾ عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو