انجينئر عبدالمالڪ ميمڻ

انجينئر عبدالمالڪ ميمڻ

عبدالمالڪ ميمڻ انجنيئر

عبدالمالڪ ميمڻ، انجنيئر: مشھور اديب ۽ انجينئر عبدالمالڪ ميمڻ ولد عبدالحق، 17 جون 1953ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي. پيشي جي لحاظ کان پاڻ واپڊا ۾ آفيسر رھيو ۽ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جي عهدي تان 2013ع ۾ رٽائر ٿيو. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ڪامياب زندگي (ترجمو)، (2) عظيم عورتون، (3) ڀيندو بادشاھہ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)،(4) گهامڻ خان (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، (5) گامونءَ جا گفتا (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، (6) عورت ماضي حال مستقبل (تاليف)، (7) موتي داڻا (سيرت مان چونڊ واقعا)، (8) تفسير ابن عباس جو ترجمو شامل آهن. پاڻ واپڊا پاور هائوس ڪالوني، ڄام شوري ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.06.17  عيسوي

مشھور اديب ۽ انجينئر عبدالمالڪ ميمڻ ولد عبدالحق، 17 جون 1953ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محسن علي شاھہ بخاري
قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر
لڇمڻ ڀنڀاڻي
رشيد آخوند
شاهنواز سوڍر ڊاڪٽر
عطاءُ ﷲ ابڙو پروفيسر
وينا شرنگي
عبدالمالڪ ميمڻ انجنيئر
ڌاريجو علي حسن
آفتاب ابڙو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون