جمالي، عبدالمجيد

جمالي، عبدالمجيد

عبدالمجيد جمالي

عبدالمجيد جمالي : عبدالمجيد ولد فقير محمد جمالي، 10 آگسٽ 1950ع تي ڳوٺ فقير محمد جمالي تعلقي جوهيءَ ۾ ڄائو. بي.اي (آنرز) ۽ ايل.ايل.بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. عبدالمجيد جمالي سماجي سرگرمين ۾ شاگردي واري دور کان وابسته رهيو آهي. 1972ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽي سنڌي ڪلچرل سوسائٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. هن سوسائٽيءَ جو سرپرستِ اعلى ڊاڪٽر غلام علي الانا هو. هن سماجي سرگرمين جو آغاز 1974ع ۾ سگا شاخ ڪراچيءَ ۾ ميمبر جي حيثيت سان ڪيو. سگا شاخ دادوءَ کي فعال بنايو. سال 1981ع ۾ سگا شاخي دادو جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. سال 1984ع ۾ سگا تي بندش پئي ته کيس صدر چونڊيو ويو. 1989ع ۾ سنڌ اسيمبلي بل پاس ڪري سگا تان بندش لاٿي، جنهن بعد هي وائيس چيئرمين چونڊيو ويو. وري سال 1996ع ۾ ٻن سالن لاءِ وائيس چيئرمين حيدرآباد ڊويزن منتخب ڪيو ويو. سال 1998ع ۾ ٻن سالن لاءِ شاخ جو صدر چونڊيو ويو. هن سال 1991ع ۾ سگا جي پليٽ فارم تان سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا ۾ سيمينار ۾ شرڪت پڻ ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.08.10  عيسوي

عبدالمجيد ولد فقير محمد جمالي، 10 آگسٽ 1950ع تي ڳوٺ فقير محمد جمالي تعلقي جوهيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بچارام ليلارام ليڏواڻي
راڄو ليکي
تارا چند
ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي
ٽلومل آڏواڻي
بوزدار رحيم بخش خان
چنا محبوب علي سيوهاڻي
ٿڌارام ڪيولرام سامتاڻي
جتوئي مصطفيٰ حيدر
ثابت بن قيس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون