عبدالمجيد نائچ

عبدالمجيد نائچ

عبدالمجيد نائچ

عبدالمجيد نائچ: نامور ليکڪ، محقق ۽ ڪامورو عبدالمجيد ولد محمد اسحاق نائچ پهرين جنوري 1963ع تي ڳوٺ ٻيلي نائچ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. ڳوٺ مان ابتدائي تعليم وٺي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلي مان 1978ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. ڊگري ڪاليج گهوٽڪيءَ مان انٽر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم. اي ڪيائين. 1993ع کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ تحقيقي مضمون لکندو رهيو آهي. مومل رائٽرس فورم، ميرپور ماٿيلي جو صدر پڻ آهي. هن وقت وفاق ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. هيءُ ريڊيو پاڪستان اسلام آباد جي نيوز شعبي ۾ سنڌي ٽرانسليشن شعبي جو انچارج پڻ آهي. عبدالمجيد نائچ، جئپور (ڀارت) مان هڪ مهيني جو تربيتي ڪورس بہ ڪيو آهي. سندس ٻہ ڪتاب: (1) راءِ گهراڻي جي تاريخ ۽ (2) علم جي اهميت ۽ لکڻ جو ڏانءُ ڇپيل آهن. هن وقت چچ گهراڻي بابت تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. ملازمت سبب اسلام آباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عبدالمجيد نائچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.01.01  عيسوي

نامور ليکڪ، محقق ۽ ڪامورو عبدالمجيد ولد محمد اسحاق نائچ پهرين جنوري 1963ع تي ڳوٺ ٻيلي نائچ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آذر زوبي
رحمت مائي
چانڊورام سَنت
ڀاڳچنداڻي رام نولراءِ گيان
عبدالفتاح ميمڻ 1
ذاڪر حسين طبله نواز
ببيتا
ابڙو احمد خان شيدا
حاجي مير محمد بلوچ
سردار احمد شاھہ لڪياري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون