عبدالملڪ بن مروان: بن مروان'>عبدالملڪ بن مروان، اموي خلافت جو ٻيو باني هو. هيءُ اموي خاندان جي چوٿين خليفي مروان ابن الحڪم جو پٽ هو. سندس جنم 26ھہ/ 646ع ۾ ٿيو. عبدالملڪ پنھنجي والد مروان جي وفات بعد تخت نشين ٿيو. ان وقت سندس عمر 39 سال هئي. هن گهڻو وقت مديني شريف ۾ گهاريو. جنهن سبب وڏن عالمن کان فيض پرايائين. سندس خلافتي دور 65 ھہ کان 86 هجريءَ تائين رهيو. اهو وقت اموي خلافت ۾ وڏي اهميت جو حامل هو. سندس دور حڪومت ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ سميت، اسلامي فتحن جو آغاز پڻ ٿيو. ‘تاريخ الخلفاء’ ڪتاب ۾ علامہ سيوطي لکي ٿو تہ: “حضرت نافع فرمايو تہ مان بن مروان'>عبدالملڪ بن مروان جهڙو چالاڪ، دانشمند، فقيھہ عالم ۽ قرآن پاڪ ۽ حديث پاڪ جو ڄاڻو نوجوان نہ ڏٺو.” عبدالملڪ هر سال بيت ﷲ شريف جي غلاف لاءِ ديبا جو ڪپڙو ۽ ۽ مسجد نبويءَ لاءِ عود ۽ خوشبوءِ موڪليندو هو. هن 65 ھہ ۾ دمشق ۾ جامع مسجد جوڙائي ۽ ڪيترين مسجد جي مرمت ڪرائي، ڪعبة ﷲ شريف کي جنگ جي دوران وڏو نقصان رسيو هو. ان کي ڊهرائي نئين سري جوڙايائين. 80 ھہ ۾ جڏهن مڪي شريف ۾ ٻوڏ آئي تہ سموري آبادي ٻوڏ جو شڪار ٿي، ان دوران عبدالملڪ مڪي جي وهندڙ نين کي وڏا بند ٻڌرايا تہ جيئن جيلن تان تيز ڪِرندڙ پاڻي برسات جي موسم ۾ ٻوڏ جو سبب نہ بڻجي. هن دفتري ٻولي عربيءَ کي رائج ڪري ترقي وٺرائي، ۽ ان جي اشاعت ۾ واڌارو ڪيو. عبدالملڪ کان اڳ رومي، ايراني ۽ قطبي سڪن سان وڻج واپار ڪيو ويندو هو. پر عبدالملڪ پنھنجي حڪومت جو سڪو رائج ڪيو. جنهن تي ڪلمات اُڪرايا ويا. عبدالملڪ رستن تي مسافرن لاءِ مسافرخانا ٺهرايا ۽ گهوڙن تي ٽپال جو سلسلو جاري ڪيو، جنهن لاءِ رستا بہ ٺهرايائين. هن حضرت سعيد بن مسيب رضہ کان قرآن پاڪ جو عربيءَ ۾ تفسير پڻ لکرايو. هن 8 آڪٽوبر 705ع تي 59 سالن جي ڄمار ۾، هاڻوڪي اسرائيل جي شھر سنابرا ۾ وفات ڪئي.