عبدالنبي خان ڪلهوڙو: ميان عبدالنبي ڪلهوڙو، سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور جو آخري حڪمران ٿي گذريو آهي. جنهن کي ميرن، هالاڻيءَ جي جنگ ۾ شڪست ڏئي سنڌ تي فتح حاصل ڪئي هئي. ميان غلام نبي خان ڪلهوڙي جي شهادت کانپوءِ مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر وڃي نئين خداآباد ۾ ويٺو. مير بجار خان توڙي ٻين سڀني بلوچن جي اها خواهش هئي ته ميان سرفراز خان کي قيد مان ڪڍي سنڌ جو حاڪم بنائجي. هي اڃا مشورا ئي ڪري رهيا هئا ته حيدرآباد جي قلعي ۾ اوچتو قيامت برپا ٿي وئي. ميان عبدالنبي تخت جي لالچ ۾ ميان عطر خان، ميان سرفراز، سندس ڀاءُ محمود خان ۽ محمد خان (ولد محمد سرفراز) کي قلعي اندر بيدرديءَ سان قتل ڪرائي سندن سر قلم ڪرائي ڇڏيا. اهڙي طرح ميان غلام النبي، ميان سرفراز خان ۽ سندس پٽ ميان مير محمد خان، ڀاءُ ميان محمود خان ۽ چاچو ميان عطر خان پنج شخص شهيد ٿي ويا. انهي دردناڪ واقعي تي ڪنهن شاعر هيٺين ماده تاريخ چئي:
پنج ڪم از ‘گل باغ عباسي’ 1190=5- 1196هه جڏهن خاندان مان ٻيو ڪو به حڪومت جو دعويدار باقي نه رهيو، تڏهن ميان عبدالنبيءَ کي تخت تي وهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهڙي طرح ميان عبدالنبيءَ کي مخدوم نوح سرور جي درگاهه ۾ مير بجار خان پنهنجن هٿن سان حڪومت جي دستار ٻڌي وڏي شان و شوڪت سان ميان سرفراز جي محل ۾ اچي وهاريو. ميان عبدالنبي فاسق هو ۽ قابل اعتماد ماڻهو نه هو. عبدالنبيءَ جي تخت تي وهڻ کانپوءِ ملڪي نظام مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر سنڀاليو. الله بخش جنجهڻ سلامتيءَ لاءِ عام درٻار ۾ حاضر ٿيو ته عبدالنبي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ کيس قيد ۾ وجهڻ جو حڪم ڏنائين، ترت ڪلهوڙن جي سپهه سالار ۽ وزير تاجو ليکي به پنهنجن ڀائرن، پٽن ۽ ساٿين سان گڏ قيد ٿي آيو ته ميان عبدالنبي سندن قتل جو حڪم ڏنو. انهي موقعي تي مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر شفارش ڪري سندن حياتي بچائي ۽ الله بخش جنجهڻ کي به قيد مان آزاد ڪيو ويو.
اڃا ميان عبدالنبي حڪومتي نظام سنڀاليو به ڪو نه هو ته ميان عزت يار خان شورش برپا ڪئي. هو تيمور شاهه کان سنڌ جي حڪومت جو پروانو حاصل ڪري، مدد لاءِ ٽيهه هزار لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو. هوڏانهن مير بجار خان ۽ ميان عبدالنبي ارڙهن هزار فوج وٺي خداآباد نئين کان روانا ٿيا، جنگ لکي ۽ شڪارپور جي وچ تي ٿي. ان جنگ ۾ عبدالنبيءَ جو لشڪر وڏي بهادريءَ سان وڙهيو، ان ڪري عزت يار خان ۽ محفوظ خان جان بچائي وٺي ڀڳا. افغانن جو شڪست کاڌل لشڪر وڃي شڪارپور پهتو ۽ اتي قلعي ۾ پناهه ورتائون. مير بجار خان اڳتي وڌيو ۽ قلعو فتح ڪرڻ ۾ لڳي ويو، گهيرو ڏسي لشڪر دروازا کولي ڇڏيا ۽ افغان لشڪر مير بجار خان کي امان ڏيڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي مير بجار کين امان ڏني. هن جنگ تي مرزا بنده علي تخلص علي ‘جنگنامه’ جي نالي سان هڪ مثنوي لکي، جيڪا زماني جي حادثن کان محفوظ نه رهي سگهي، انهي جنگ تي سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ هڪ فارسي طويل مثنوي ‘ظفرنامه’ نالي لکي، جيڪا شايع ٿيل آهي. مذڪوره جنگ جي ماده تاريخ هيئن چئي وئي آهي:
‘آخرش امان’ 1193هه (ترجمو: آخر امن ٿي ويو.)
هيءَ جنگ 1193هه/ 1779ع ۾ لڳي هئي. ٽيهه هزار افغاني فوج جي شڪست کانپوءِ تيمور شاهه غضب جي جوش ۾ اچي ويو ۽ هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري سنڌ تي حملي ڪرڻ جي ارادي سان نڪري آيو،
مير بجار خان پنهنجي خدادا صلاحيتن سان تيمور شاهه جي غصي کي ٿڌو ڪيو ۽ دوستانا تعلق پيدا ڪيائين. هن موقعي تي تيمور شاهه،
ميان عبدالنبيءَ کي ‘معتمدالدوله شاهنواز خان فيروز جنگ’ جو خطاب ۽ خلعت عطا ڪئي. خلعت ۾ هڪ هاٿي، جنهن جي جهل سوني هئي ۽ عراقي گهوڙا ڏنائين. مير علي شائق انهي واقعي جي ماده تاريخ هيئن چئي:
‘خلعت جا امن’ 1194هه ميان عبدالنبيءَ جي دور ۾ مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر کي وڏي سازش ڪري بيگناهه شهيد ڪرايو ويو. انهي سازش جو ذميوار ميان عبدالنبي ۽ سندس والده هئا. سندس ماءُ جو تعلق ‘جوڻيجا’ قبيلي سان هو. هنن جوڌپور جي راجا جي مدد سان مير بجار خان کي راجپوتن کان شهيد ڪرايو. سنڌ جي لاءِ اهو نهايت دردناڪ حادثو ثابت ٿيو. سنڌ جي ڪيترن فارسي گو شاعرن هن جي شهادت تي طويل قطعه تاريخون ۽ ماده تاريخون چيون آهن. ڪنهن شاعر هيءَ تاريخ چئي:
هاتف بگوش هوشم گفتا بفڪر بسيار،
‘حاجي شهيد خنجر’ تاريخ موت بجار.
1194هه (ترجمو: هاتف جي هوش ۾ صدا ٻڌم، وڏي فڪر سان چيائين،بجار جي موت جي تاريخ آهي، حاجي شهيد خنجر.)ڪنهن شاعر هيءَ ماده تاريخ چئي:
‘ بمحفل شهداءِ جلوه ڪرد مير بجار’ 1194هه(ترجمو: شهداءِ جي محفل ۾ مير بجار وڃي پهتو.)
مير بجار خان کي شهيد ڪرائڻ کانپوءِ ميان عبدالنبي قلات ڏانهن ڀڄي ويو. مير عبدالله تخت خالي ڏسي ڪلهوڙن جي خاندان جي هڪ فرد ميان صادق علي خان کي تخت تي وهاريو. ميان صادق کي تخت تي وهارڻ کانپوءِ مير عبدالله وڃي جوڌپورين سان جنگ ڪئي، ڇو ته جوڌپور جو راجا بجي سنگ سنڌ تي ڪاهي آيو، پر جنگ هارائي پويان پير ڪري ڀڳو. راجا بجي سنگهه ميان عبدالنبيءَ جي چرچ تي حملو ڪيو هو، پر شڪست کاڌائين. ان کانپوءِ ميان عبدالنبيءَ قلات جي حاڪم مير نصير خان بروهيءَ کي درخواست ڪئي ته “اوهان مون کي فوج ڏيو ۽ منهنجي مدد ڪريو ته جيئن آءٌ سنڌ جو حاڪم ٿيان. ان بعد ملڪ جو هڪ حصو اوهان کي ڏيندس.” مير نصير خان بروهيءَ کيس فوجي مدد ڏني ۽ ان فوج جو سپهه سالار پنهنجي ناٺي مير زرڪ کي مقرر ڪيائين. ميان عبدالنبيءَ کي هاڻي پڪ ٿي وئي ته هو جنگ فتح ڪندو ۽ سنڌ جو حاڪم ٿيندو. ميان عبدالنبي بروهين جي فوج وٺي اچي لاڙڪاڻي پهتو. ميان عبدالنبيءَ جي پهچڻ جي خبر ٻڌي مير عبدالله به اوڏانهن جو رخ ڪيو ۽ پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ‘چالڪ جي پل’ وٽ گهمسان جي جنگ لڳي. انهي ڪري هن جنگ کي ‘چالڪ پل واري جنگ’ چوندا آهن. مير عبدالله خان وڏي دليريءَ سان وڙهندو رهيو، جڏهن سندس ماڻهو مير زرڪ بروهي، محراب جتوئي، آڍو خان جتوئي ۽ ٻيا ڪيترائي بهادر مارجي ويا، تڏهن ميان عبدالنبيءَ کي شڪست ٿي ۽ هو ڀڄي وڃي قلات ۾ لڪو. ميان عبدالنبي پنهنجي حرڪتن کان باز نه آيو ۽ هو افغانستان ۾ درخواست ڏئي مدد خان پٺاڻ جهڙي ظالم، بدڪردار ۽ نيچ ماڻهوءَ کي سنڌ تي حملي لاءِ وٺي آيو. مدد خان جيڪي سنڌ ۾ ظلم ۽ زيادتيون ڪيون آهن تن سان دفتر ڀريا پيا آهن. آخر مدد خان وڏي قتل ۽ غارتگري ۽ ڦرلٽ کانپوءِ واپس هليو ويو ۽ تخت تي ميان عبدالنبي ويٺو. ميان عبدالنبي پنهنجي بڇڙائين کان باز ڪو نه آيو. هن تخت تي وهڻ شرط قرآن مجيد وچ ۾ آڻي مير عبدالله خان، مير فتح خان ۽
مير مرزه فقير کي پاڻ وٽ سڏائي انهن ٽنهي کي وڏي بيدردي سان شهيد ڪرائي ڇڏيائين. مير عظيم الدين هن دردناڪ واقعي تي هڪ طويل قطعه تاريخ چئي آهي، جنهن جو هڪ شعر هت ڏجي ٿو:
هاتفم سال شهادت گفت نالان صبح گاههواي واويلا ‘شهيد ابن الشهيد ابن الشهيد’1196هه (ترجمو: هاتف، سندس شهادت جو سال وڏي غمگين ٿي ٻڌايو،واويلا واويلا شهيد پٽ شهيد جو، شهيد پٽ شهيد جو.)
هي واقعو 1196هه/ 1782ع ۾ پيش آيو. انهي واقعي کانپوءِ بلوچن ۾ محشر مچي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مير فتح علي خان ٽالپر جي سرڪردگيءَ ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو آخري جنگي معرڪو ‘هالاڻي جي جنگ’ 1196هه/ 1782ع ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٽالپرن کي فتح ٿي ۽ ميان عبدالنبي شڪست کائي ڀڄي ويو.