عبدالواحد مخدوم

عبدالواحد، مخدوم: مخدوم حاجي عبدالواحد بن مخدوم محمد ابراهيم متعلوي، ٽالپرن جي دور جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. مخدوم عبدالواحد مشهور محدث مخدوم محمد عثمان جي اولاد مان هو. سندس دور جي عالمن ۾ مخدوم صاحب کي بلند علمي مرتبو حاصل هو. سندس علميت جي هاڪ ٻڌي لسٻيلي جي ڄامن کيس بلوچستان گهرائي لسٻيلي جو قاضي ڪري رکيو، جتي ڪافي عرصو رهي، جڏهن موٽيو ته کيس شهر مٽياريءَ جو قاضي مقرر ڪيو ويو ۽ ان مسند تي پنهنجي وفات تائين فائز رهيو. هيءُ حضرت آغا عبدالرحيم سرهنديءَ جو مريد هو. جڏهن ته سندس والد مخدوم محمد ابراهيم آغا صاحب جي والد ضياءُالحق شهيد جو مريد هو، جنهن نؤ سال انهن وٽ ڪابل ۾ گذاريا هئا. جڏهن آغا صاحب مٽياريءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي ته پاڻ سندن هٿ تي بيعت ڪري نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿيو ۽ حضرت آغا صاحب جي خاص خليفن ۾ شامل ٿي ويو. سندس فتوائن مان ڪجهه سيد علي محمد شاهه دائرائيءَ پنهنجي ڪتاب ‘بـيـاض سـنـڌي’ ۾ تـحـريـر ڪيون آهن، جن مان هڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ’ ۾ ڏني آهي. اها فتويٰ طلاق جي مسئلي بابت ڏنل آهي، جنهن ۾ قسم کڻي طلا ق ڏيڻ جو ذڪر آهي. هن فتويٰ ۾ مخدوم عبدالواحد پنهنجي پڙ ڏاڏي مخدوم عثمان جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. جيئن ته مخدوم صاحب جو تعلق ٽالپرن جي دور سان هو، هي اهو دور هو، جڏهن اڃا مس مس سنڌي نثر لکجڻ شروع ٿيو هو ۽ پهريون ڀيرو عالمن، عربي ۽ فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌيءَ ۾ فتوائون لکڻ شروع ڪيون هيون. مخدوم صاحب جون ڪجهه فتوائون علامه غلام محمد ملڪاڻيءَ جي ‘مجموعه الفتاويٰ’ ۾ شايع ٿيل آهن.
مخدوم عبدالواحد، جمادي الاول 1215هه/ سيپٽمبر 1800ع ۾ وفات ڪئي. سندس بعد سندس نياڻو مولوي قاضي لعل محمد مٽياري شهر جو قاضي مقرر ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو