عبدالوهاب ناظم طيباڻي

عبدالوهاب ’ناظم‘ طيباڻي: عبدالوهاب ولد دوست محمد طيباڻي، 21 آڪٽوبر 1905ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2 مان حاصل ڪيائين. تعليم پوري ڪري بئراج کاتي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. بعد ۾ هيڊ ڪلرڪ بہ ٿيو. هو پنھنجي کاتي ۾ پنھنجي منفرد مزاج سبب بيحد مقبول هو. پاڻ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو وڏو خدمتگار هو. شاعري کيس ورثي ۾ ملي هئي. سندس خاندان جو وڏو فقير واليڏنو طيباڻي چڱو شاعر ٿي گذريو آهي. ‘سنڌ سڌار سوسائٽيءَ’ پاران 9 اپريل 1944ع تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل پنجين سنڌي ادبي ڪانفرنس سڏائڻ ۽ ان کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سندس خدمتون ادبي تاريخ ۾ اهم جاءِ والارين ٿيون. ماهوار رسالي ‘اديب سنڌ’ جي اجراءَ ۽ اشاعت ۾ بہ سندس خدمتون قابل تعريف آهن. سندس خدمتن جي عيوض ‘اديب سنڌ’ جي پهرئين پرچي اپريل 1914ع کان ان جي سرورق تي سندس تصوير شايع ڪئي ويندي هئي. ‘اديب سنڌ’ ۾ هلندڙ طرحي مشاعرن جي سلسلي ۾ بہ پاڻ باقاعدگيءَ سان شرڪت ڪندو هو. ناظم، شاعري کان علاوہ ڪجهہ مضمون بہ لکيا، جيڪي اديب سنڌ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل آهن.
عبدالوهاب طيباڻيءَ جي فوتگيءَ جو بہ عجيب داستان آهي. ناظم جي ڀاءُ گل محمد جي وفات ٿي ۽ ان جو جنازو قبرستان ڏانهن نيو پئي ويو تہ هن بہ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ٻنهي ڀائرن جي وفات 14 جون 1962ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.10.21  عيسوي

عبدالوهاب ولد دوست محمد طيباڻي، 21 آڪٽوبر 1905ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو.


1962.07.14  عيسوي

عبدالوهاب ناظم طيباڻي جي وفات 14 جون 1962ع تي ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرِيڊي ايڇ ڊبليو
پيرل شاھہ بخاري
ايس جي ڀاڳيا
سعدالله مفتي
جلال الدين شاھہ
آئزن هاور
بھرام
جي اي رحيم
ايوب کوسو 2
علي احمد قريشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون