عبدالوهـاب بلـوچ، مولانا: نامور عالم ۽ خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن مولانا عبدالوهاب ولد نورنگ خان لنڊ بلوچ، 1320 هه/ 1902ع ڌاري ڳوٺ سينگاري، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. هن فارسي ۽ عربيءَ جي ابتدائي تعليم بدين جي مدرسي ‘انوار العلوم’ ۾ مولانا احمد ملاح کان ورتي. بعد ۾ پير جهنڊي جي مدرسي دارالرشاد ۾ داخل ٿيو، جتي عربيءَ جي تعليم حاصل ڪري سجاول جي مدرسي دارالفيوض ۾ مولانا فتح علي جتوئي منطقيءَ وٽ ٻه سال پڙهيو. 1924ع ۾ ديوبند مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي مولانا محمد ابراهيم وٽ شرح چغمني، قرآن ۽ تفسير مولانا محمد ادريس ڪانڌيلويءَ وٽ، تفسير بيضاوي مولانا شبير احمد عثمانيءَ وٽ پڙهي فارغ التحصيل ٿيو. ساڻس گڏ سنڌ جا 16 عالم هم ڪلاسي رهيا، جن ۾ مولانا سعيد احمد گوپانگ، مولانا حبيب الله، مولانا عبدالحق، مولانا نواب الدين چانڊيو، مولانا غلام صديق وغيره قابل ذڪر آهن. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد مولانا عبدالوهاب دهليءَ جي مدرسي فتحپوريءَ ۾ ڇهه مهينا مدرس رهيو. پوءِ وطن اچي مولانا احمد ملاح جي صلاح تي بدين ۾ ‘انوار العلوم’ نالي مدرسو کولي درس تدريس سان لاڳاپجي ويو. جتي ساندهه ٻارهن سال پڙهايائين. هن 1941ع ڌاري بدين مان هفتيوار اخبار ‘حزب الله’ جاري ڪئي. وطن جي آزاديءَ لاءِ ڪانگريس ۾ شامل ٿي سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. جنهن ۾ سرگرم ڪارڪن هو ۽ تحريڪ جي اهم اجلاسن ۾ شريڪ ٿي پنهنجا رايا ڏنائين. ان کان سواءِ ڪانگريس ڪميٽي بدين جو نائب صدر به رهيو.
مولانا عبدالوهاب جمعيت العلماءَ سنڌ جو سرگرم ۽ اهم ڪارڪن رهيو ۽ آزاديءَ لاءِ بدين مان اڳواڻيءَ ۾ شامل ٿيندو هو. 1931ع ۾ جمعيت جو نائب صدر ٿي رهيو. هن مکيه عهديدار جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. هن ولايتي ڪپڙي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ديسي ڪپڙي جي استعمال لاءِ آماده ڪندو هو. مولانا عبدالوهاب خاڪسار تحريڪ جو به اهم رڪن هو. کيس بدين ۽ ٽنڊي باگي جي تعلقن لاءِ ‘سالار مندوب’ مقرر ڪيو ويو هو. هن تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ ڪري کيس جيل موڪليو ويو. جنهن دوران هن محب وطنيءَ ۾ ڦٽڪا به کاڌا. هي مسلم ليگ ۾ پڻ رهيو. ورهاڱي تائين ان سان سلهاڙيل رهيو. نامور محقق ڊاڪٽر مظهرالدين سومري پي. ايڇ. ڊي ۾ عبدالوهاب بلوچ کي خلافت تحريڪ جو نامور عالم ڪري لکيو آهي، ۽ سندس وفات جي تاريخ ناهي لکي.