
عبدالڪريم ميربحر
عبدالڪريم ميربحر: نامور ملھہ پهلوان عبدالڪريم ميربحر، 1928ع ڌاري قاضي احمد ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ پيدا ٿيو. کيس ملھہ پهلوان دوستن جي صحبت ۾ رهندي ملھہ وڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو، جنهن سبب ڪنهن استاد جي رهنمائيءَ کان سواءِ قاضي احمد ويجهو سيد جمال شاھہ جي ملاکڙي ۾ ملھہ وڙهڻ جي شروعات ڪئي. ان کانپوءِ پهلوان محمد حسن کوسي جي شاگردي اختيار ڪري ملھہ وڙهڻ جي سکيا ورتائين. استاد کيس ملھہ جي خاص انگن جي سکيا ڏئي شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌو ۽ ملھہ وڙهڻ جي اجازت ڏني. پاڻ ڇھن مهينن تائين ٽئين جوڙ ۾ وڙهڻ بعد ڪيترائي ملاکڙا ماري ٻئي جوڙ ۾ شامل ٿيو. ستن سالن تائين ٻئي جوڙ ۾ وڙهيو، جنهن بعد پهرين جوڙ ۾ داخل ٿيو. هن سڄي سنڌ جي مختلف ميلن ملاکڙن ۾ مشھور پهلوانن سان مقابلا ڪيا. کيس ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليل آهن. پاڻ هميشہ اتر جي پهلوانن جي طرف کان ملھہ وڙهندو رهيو. پنھنجي علائقي ۾ ڪيترائي ملاکڙا پڻ ڪرايا. هن 20 سالن تائين ملھہ وڙهي، بيماريءَ سبب 45 سالن جي عمر ۾ 1973ع کان ملھہ وڙهڻ ڇڏي ڏني.