عبدالڪريم ميمڻ مجروح مولوي

عبدالڪريم ميمڻ، ‘مجروح’، مولوي: نامور شاعر ۽ ديني عالم مولوي عبدالڪريم ‘مجروح’ ولد مولوي محمد رحيم ميمڻ 1850ع ڌاري ڳوٺ مبارڪ جروار لڳ ڪامارو شريف، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو. سندس والد ڪوٽڙيءَ جي ڳوٺ رائلي جو رهاڪو هو ۽ ڪاماري جي سرهندين سان سندس عقيدتمندانه تعلقات هئا. علمي گهراڻي هجڻ سبب سندس خاندان جي ڪاماري جي سرهندين وٽ گهڻي عزت هوندي هئي. جڏهن سرهندين جي مريدن، سرهندي پيرن کان ديني تعليم لاءِ لائق استاد جي گهر ڪئي تڏهن پيرن، مولوي محمد رحيم کي ان ڳوٺ ۾ مدرسو کولي علم ڏيڻ لاءِ آمادہ ڪيو. جنهن ڳوٺ رائلي مان لڏي اچي ڳوٺ مبارڪ جروار ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ مدرسو قائم ڪري پڙهائڻ شروع ڪيو. مولوي عبدالڪريم ابتدائي تعليم پنھنجي والد وٽ ان مدرسي ۾ حاصل ڪئي. عربي ۾ فقہ جي تعليم ٺٽي ۾ مخدوم محمد وٽ حاصل ڪري دستاربند ٿيو. اتان موٽڻ بعد پنھنجي والد سان گڏ جروارن جي ڳوٺ ۾ پڙهائڻ لڳو. هو شريعت جو پابند هوندو هو، مولود ۽ راڳ رنگ ۾ گهري دلچسپي وٺندو هو. کيس شاعريءَ سان ننڍپڻ کان ئي لڳاءُ هو. علم جي حصول دوران غزل ۽ مولود تي طبع آزمائي ڪندو هو، پر دستاربند ٿيڻ بعد سندس شاعراڻي رواني عروج تي اچي وئي. شاعريءَ ۾ سندس مستقل تخلص ‘مجروح’ هو، پر محمد حسن ڪاڪيپوٽي، پير خان محمد ڪامارائي ۽ مظهر سان تمام گهاٽي دوستي هوندي هئس ۽ انهن کان گهڻو متاثر هو، جنهن سبب ‘حسن’، ‘خان محمد’ ۽ ‘مظهر’ نالن سان پڻ ڪلام چيو اٿس. هن جي سرهندي پيرن کان سواءِ ڪافيءَ جي مشھور شاعر مصري فقيھ ان صحبت هوندي هئي. روايت آهي تہ هن مصري شاھہ جي هڪ ڪافي جي اصلاح ڪئي. اها خبر جڏهن مصري شاھہ کي پئي، تڏهن اها اصلاح ڪيل ڪافي پڙهي گهڻو خوش ٿيو ۽ ان کانپوءِ ملاقات ڪيائين، جنهن ملاقات بعد هميشہ جي دوستيءَ ۾ ٻَڌجي ويو.
مولوي عبدالڪريم جا فقہ ۽ ديني مسئلن تي قلمي صورت ۾ ڪافي ڪتاب هئا. ان کانسواءِ سندس شعري مجموعا ۽ بياض پڻ هئا، جيڪي اڪثر وقت جي دز ۾ ضايع ٿي ويا. سندس گهڻو تڻو ڪلام مولود، مداح، غزل ۽ ڪافيءَ تي مشتمل هو. جنهن مان ڪجهہ ڪلام پونيئرن وٽ محفوظ آهي، جيڪو فن جي لحاظ کان نهايت پختو آهي، جنهن مان ’نالهء بلبل مجروح‘ في البديھہ چيل آهي. مولوي عبدالڪريم 1912ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ڳوٺ مبارڪ جروار جي قبرستان ۾ مدرسي جي لڳ والد جي ڀر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو