عبدالڪريم ڪورائي مولانا

عبدالڪريم ڪورائي، مولانا: مولانا عبدالڪريم ڪورائي جو جنم جيڪب آباد شھر ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو ٻانڌي خان هو، جيڪو رازڪو ڪم ڪندو هو. مولانا صاحب سنڌي، انگريزي، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم جيڪب آباد مان ورتي. پاڻ محمد پور اوڍو جي هڪ مسجد ۾ پيش امام ٿيو. هي اتي اسلامي تبليغ جو ڪم بہ ڪندو هو، جلد ئي سندس نظرين سبب ڳوٺ جي وڏيري سان سندس اڻبڻت ٿي پئي، جنهن ڪري لڏي اچي شھدادڪوٽ ۾ ويٺو. کيس تقرير جو وڏو فن هو. ان لاءِ مولانا امروٽيءَ کيس ‘ڪهاڙي’ جو لقب ڏنو، جيڪو سڄي عمر ساڻس گڏ رهيو. پاڻ بھترين ڪاتب هو، جنهن ڪري هڪ ڪلام پاڪ سھڻي صورتخطيءَ ۾ لکيائين. ان کان سواءِ سندس هيٺيان ڪتاب آهن: (1) سراج المومنين، (2) اعمال قرآني، (3) اصلاح الاخلاق، (4) قرآن شريف جي ٽن سيپارن جو سنڌي، ٻن سيپارن جو اردو ۾ ترجمو ڪيائين. ‘زلـيـخـا’ نالـي ڪتاب کي سـنڌي نـظـم ۾ آندائين. پاڻ اعليٰ پائي جو شاعر هو. هن 75 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو