عبدالڪريم گدائي
عبدالڪريم گدائي: سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو مزاحمتي شاعر عبدالڪريم گدائي ولد بجار خان لاشاري، پهرين جنوري 1901ع تي ڳوٺ ڪريم آباد تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس ڇٺيءَ جو نالو بگن هو. پوءِ اسڪول جي داخلا ۾ عبدالڪريم ڪري لکيو ويو. هو 6 سالن جو ٿيو ته والد کيس 1906ع ڌاري ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جتان هن پنج درجا پڙهي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ 1911ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي کيس قاضي عبدالڪبير درٻيلائي ۽ هيرانند خيرپوريءَ جي شفقت حاصل ٿي ۽ 1916ع ۾ جيڪب آباد مان پنج درجا انگريزي پاس ڪرڻ کان پوءِ ميونسپل اسڪول مان انگريزي ڇهون درجو پاس ڪيائين. هڪ سال مئٽرڪ پڙهڻ کانپوءِ 1918ع ۾پڙهائي ڇڏي اچي گهر پهتو، جنهن جو سبب حسابن جي آزمائشي امتحان ۾ مارڪون گهٽ کڻڻ هو. استاد قاضي علي رضا روهڙي واري پاران محنت ڪرائڻ باوجود امتحان ۾ پاس ٿي نه سگهيو. عبدالڪريم گدائيءَ کي ساڳئي سال ۾ مسٽر آنندرام جي ڪوشش سان پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪي ملي، انهي نوڪريءَ تان ڪم وڌيڪ هجڻ ۽ موڪل گهٽ هجڻ ڪري 1919ع ۾ استعفا ڏئي، ٺل ۾ اچي 1920ع ۾ سنڌي ورنيڪولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ پوليس ڪانسٽيبل طور درخواست ڏنائين، ۽ کيس ڪانسٽيبل طور ننڍي منشيءَ طور ڀرتي ڪيو ويو. هن 6 مهينا جيڪب آباد ٿاڻي ٽائون تي نوڪري ڪئي ۽ پوءِ انهيءَ کي به ڇڏي ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ 1923ع جي آخر ۾ ٺل جي زميندار بهادر خان کوسي جي پٽ شاهل خان جو ٽيوٽر ٿيو، جتي سندس ملاقات نامور اديب لطف الله بدويءَ سان ٿي، جيڪو بهادرپور اسڪول ۾ نائب ماستر هو. هي ٻئي هڪ بنگلي ۾ رهندا هئا، جنهن جي صحبت ۾ گدائيءَ کي به شاعريءَ جو شوق ٿيو. پوءِ هن شاعري شروع ڪئي ۽ تخلص ‘گدائي’ چونڊيائين. بهادرپور ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ کيس 1927ع ۾ لائيڊ بئراج سکر ۾ ملازمت ملي، جنهن بعد کيس کيرٿر ڊويزن شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو واري سب ڊويزن ۾ سب ڪلارڪ رکيو ويو. پنج سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ رتيديري ڊويزن جي ايس ڊي او سان اختلاف ٿي پيس، جنهنڪري 1932ع ۾ ٻه مهينا موڪل ورتائين. پويان ايس ڊي او رپورٽ ڪري سندس نوڪري ختم ڪرائي ڇڏي. نوڪريءَ تان فارغ ٿيڻ بعد گدائيءَ ساڳئي سال ٺل ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو، جيڪو ٽي سال هلايائين. جنهن بعد ٺل ۾ هوٽل کوليائين. عبدالڪريم گدائي 20 جولاءِ 1947ع کان 27 آگسٽ 1948ع تائين سينيٽري ڪاميٽي ٺل (هاڻوڪي ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾) ۾ سيڪريٽري مقرر ٿيو. پنهنجي عزيزن سان اڻبڻت جي ڪري 1951ع ۾ ٺل مان لڏي وڃي جيڪب آباد ۾ رهڻ لڳو، جتي پاڻ ادب، سياست ۽ صحافت ۾ ڪافي سرگرم رهيو. جيڪب آباد مان نڪرندڙ هفتيوار اخبارن: ‘المجاهد’، ‘سنڌ فرنٽيئر گزيٽ’ ۽ ٻين اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. روزاني عبرت اخبارن جي رپورٽر طور پڻ ڪم ڪيائين.هن ٽي شاديون ڪيون. کيس وچين گهر واريءَ مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن. مرحوم عبدالفتاح عابد جيڪو شاعر، اديب صحافي هو. عبدالعزيز ساجد، عابده، ساجده ٻه ڌيئر. ٻئي صغيرائپ ۾ ئي فوت ٿي ويون. ٽين گهر واريءَ مان هڪ پٽ ۽ ڌيءَ جو اولاد ٿيو هوس. عبدالڪريم گدائي ننڍپڻ کان ئي خلافت تحريڪ کان متاثر هو. ۽ پوءِ 1932ع ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ 1942ع تائين ڪانگريس ڪاميٽي ٺل جو سيڪريٽري رهيو. ورهاڱي کانپوءِ هارين ۽ مزدورن تي ساڳيو وڏيرڪو ظلم ڏسي ضلعي هاري ڪاميٽي جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري ٿيو.عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعري ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن: ماهوار پيغام، صداقت، سنڌ جيڪب آباد زميندار، ٽماهي مهراڻ، هلال پاڪستان، الوحيد ۽ عبرت ۾ شايع ٿيندي رهي. هن شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر به لکيو. ڪيترا ڊراما لکيائين، جن ۾ ‘قابوس ۽ بلوامنگل’ سرفهرست آهن. عبدالڪريم گدائي جا ڪل چار ڪتاب ڇپيل آهن. هن جو پهريون نظمن جو ڪتاب ساڻيھه جا سور 1965ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي ‘پاڪستان رائيٽرس گلڊ’ پاران هڪ هزار انعام ڏنو ويو. ان کانپوءِ سال 1965ع ۾ هڪ باتصوير ڪتابچو ‘خانڳڙھه کان جيڪب آباد تائين’ (ضلعي جيڪب آباد جي تاريخ) ڇپيو ۽ ‘پيماني تي پيمانو’ (1924ع) شاعريءَ جو ڪتاب ڇپيو ۽ فيبروري 1975ع ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘پکڙا ۽ پنهوار’ ڇپيو. عبدالڪريم گدائي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ ۾ پڻ شامل رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن پاران چوٿين مارچ 1967ع تي نڪتل ريليءَ ۾ ٻين اديبن سان گڏ عبدالڪريم گدائي پڻ شامل هو. جنهن دوران هن نوجوان شاگردن کي ٻوليءَ بابت شعر پڙهي سندن رت کي گرمايو. عبدالڪريم گدائي رائيٽس گلڊ پاڪستان ۾ سرگرم ميمبر پڻ رهيو. زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ مٿس فالج جو حملو ٿيو. جنهن سبب 28 جنوري 1978ع تي وفات ڪئي. سندس ڪيترائي نظم اڄ به درسي نصاب ۾ شامل آهن.
1901.01.01 عيسوي
سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو مزاحمتي شاعر عبدالڪريم گدائي ولد بجار خان لاشاري، پهرين جنوري 1901ع تي ڳوٺ ڪريم آباد تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.
1978.01.28 عيسوي
عبدالڪريم گدائي 28 جنوري 1978ع تي وفات ڪئي.