عبدي، مولوي عبدالقادر: مولوي عبدالقادر عـبديءَ جو تعلق سنڌ جي قديم نسل، سنڌ ڌرتيءَ جي ماڇي قبيلي سان آهي. سـندس وڏا سـنـڌو دريـاهه جـي ڪـچـي واري علائقي اتر سنڌ جا رهاڪـو هئا. عبديءَ جا مائٽ مالوند ۽ ٻني ٻارو ڪندڙ هاري ناري هئا. مولوي عبدالقادر پني عاقل شهر کان ڏهاڪو کن ڪلوميٽر اولهه طرف، ڪچي جي ڳوٺ پنهواريءَ ۾ الله ڏني ماڇيءَ جي گهر 1262هه/ 1846ع ۾ جنم ورتو. سندس ٻالڪپڻو ڳوٺ جي ماحول ۾ گذريو. شڪارپور لڳ چڪ ڳوٺ ۾ مولوي عبدالله مهر وٽ فارسي ۽ عربيءَ جا ابتدائي ڪتاب پڙهيائين. ان بعد پنهواريءَ جي مشهور عالم عبدالقادر انڍهڙ وٽ ديني علم مڪمل ڪيائين. ظاهري علم کانپوءِ هن کي باطني (روحاني) علم جي طلب ٿي. سندس ڀاءُ احمد فقير اڳ ۾ ئي حضرت پير سيد حزب الله شاهه، پير پاڳاري تخت ڌڻيرحه جو مريد هو، سو مولوي عبدالقادر کي سندن خدمت ۾ وٺي ويو. پير صاحب مولوي کي مريد ڪري پنهنجي جماعت ۾ شامل ڪيو. جلد ئي تصوف ۽ سلوڪ جون واٽون طئي ڪري حال جو صاحب بڻجي ويو. علمي لياقت ۽ مريديءَ جي صداقت ۽ روحانيت ڏسي پير پاڳاري سيد حزب الله شاهه، کيس درگاهه شريف جي مسجد جو پيش امام مقرر ڪيو ۽ درگاهه ۽ جماعت جي ڪمن ۾ سندس مشاورت کي اهميت ڏني. جڏهن جماعت جو انگ وڌيو ته پير صاحب کيس جماعت جي تنظيم سازيءَ جو حڪم ڪيو. مولوي پنهنجي اٿاهه علم ۽ ڏاهپ سان حر جماعت جو ٻارنهن چوڪين (يونٽن) تي مشتمل هڪ انتظامي ڍانچو ترتيب ڏنو. سال جي ٻارنهن مهينن منجهان هڪ هڪ مهيني جو انتظام هر هڪ چؤنڪي جي حوالي ڪري انهن جو الڳ الڳ سربراهه (خليفو) مقرر ڪبو. مولوي عبدالقادر عبديءَ جو ترتيب ڏنل اهو انتظامي سرشتو درگاهه شريف، پير جو ڳوٺ ۾ اڄ به وڏي اهتمام سان جاري آهي. مولوي عبدي شاعر پڻ هو. پنهنجي زماني ۾ سنڌي، اردو، فارسي، هندي ۽ سرائڪيءَ ۾ شاعري ڪيائين، جيڪا شايع ٿيل آهي. هن خانقاهي مصروفيتن باوجود سنڌي ادب جي ڀرپور خدمت ڪئي ۽ چار شهپارا يادگار ڇڏيا آهن، جن ۾: ‘ملفوظات شريف حضرت سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه جو سنڌي ترجمو’، ‘ملفوظات شريف حـضرت سـيد حـزب الله شـاهه تخت ڌڻـي رحه جـي ترتـيـب’، ‘ديـوان عبدي’ (فارسـي غـزلـن تي مـشـتـمـل) ۽ چوٿون ‘عبديءَ جو ڪلام’. مولوي عبدالقادر عبديرح، حضرت سـيد حزب الله شاهه رحه، حضرت پير سيد علي گوهر شاهه محافي ڌڻي رحه ۽ حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه اول ڪوٽ ڌڻيءَ رحه جي سـجـاده نشينيءَ جي دور تائين درگاهه تي رهيو. مولوي عبدالقادر عبديءَ انگريز سامراج جو دَور پڻ ڏٺو، ۽ جاسوسي ڪندڙ ديسي دلالن ۽ منافقن کي ننديندي اُن دَور جي عڪاسي پنهنجي شاعريءَ ۾ هن طرح ڪئي آهي:
جيڪي جاسوسي، جهل جهودي، لچا لغور، لوسي مردودي،
دزد حرامي، سڀ نمردي، نحس نصارا، ويا ناسودي،
لٿي کرن جي کارو کار، پڙهان الهٰي حمد هزار.
مولوي عبدالقادر عبديءَ 63 سالن جي عمر ۾ 23 رجب 1327هه بمطابق 9 سيپٽمبر 1909ع، اڱاري جي ڏينهن وفات ڪئي. کيس پير جي ڳوٺ ۾ ماڪن شاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.