عبدي مولوي عبدالقادر

عبدي، مولوي عبدالقادر: مولوي عبدالقادر عـبديءَ جو تعلق سنڌ جي قديم نسل، سنڌ ڌرتيءَ جي ماڇي قبيلي سان آهي. سـندس وڏا سـنـڌو دريـاھہ جـي ڪـچـي واري علائقي اتر سنڌ جا رهاڪـو هئا. عبديءَ جا مائٽ مالوند ۽ ٻني ٻارو ڪندڙ هاري ناري هئا. مولوي عبدالقادر پني عاقل شھر کان ڏهاڪو کن ڪلوميٽر اولھہ طرف، ڪچي جي ڳوٺ پنهواريءَ ۾ ڏني ماڇيءَ جي گهر 1262ھہ/ 1846ع ۾ جنم ورتو. سندس ٻالڪپڻو ڳوٺ جي ماحول ۾ گذريو. شڪارپور لڳ چڪ ڳوٺ ۾ مولوي عبدالله مھر وٽ فارسي ۽ عربيءَ جا ابتدائي ڪتاب پڙهيائين. ان بعد پنهواريءَ جي مشھور عالم عبدالقادر انڍهڙ وٽ ديني علم مڪمل ڪيائين. ظاهري علم کانپوءِ هن کي باطني (روحاني) علم جي طلب ٿي. سندس ڀاءُ احمد فقير اڳ ۾ ئي حضرت پير سيد حزب شاھہ، پير پاڳاري تخت ڌڻيرحه جو مريد هو، سو مولوي عبدالقادر کي سندن خدمت ۾ وٺي ويو. پير صاحب مولوي کي مريد ڪري پنھنجي جماعت ۾ شامل ڪيو. جلد ئي تصوف ۽ سلوڪ جون واٽون طئي ڪري حال جو صاحب بڻجي ويو. علمي لياقت ۽ مريديءَ جي صداقت ۽ روحانيت ڏسي پير پاڳاري سيد حزب شاھہ، کيس درگاھہ شريف جي مسجد جو پيش امام مقرر ڪيو ۽ درگاھہ ۽ جماعت جي ڪمن ۾ سندس مشاورت کي اهميت ڏني. جڏهن جماعت جو انگ وڌيو تہ پير صاحب کيس جماعت جي تنظيم سازيءَ جو حڪم ڪيو. مولوي پنھنجي اٿاھہ علم ۽ ڏاهپ سان حر جماعت جو ٻارنهن چوڪين (يونٽن) تي مشتمل هڪ انتظامي ڍانچو ترتيب ڏنو. سال جي ٻارنهن مهينن منجهان هڪ هڪ مهيني جو انتظام هر هڪ چؤنڪي جي حوالي ڪري انهن جو الڳ الڳ سربراھہ (خليفو) مقرر ڪبو. مولوي عبدالقادر عبديءَ جو ترتيب ڏنل اهو انتظامي سرشتو درگاھہ شريف، پير جو ڳوٺ ۾ اڄ بہ وڏي اهتمام سان جاري آهي. مولوي عبدي شاعر پڻ هو. پنھنجي زماني ۾ سنڌي، اردو، فارسي، هندي ۽ سرائڪيءَ ۾ شاعري ڪيائين، جيڪا شايع ٿيل آهي. هن خانقاهي مصروفيتن باوجود سنڌي ادب جي ڀرپور خدمت ڪئي ۽ چار شهپارا يادگار ڇڏيا آهن، جن ۾: ‘ملفوظات شريف حضرت سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه جو سنڌي ترجمو’، ‘ملفوظات شريف حـضرت سـيد حـزب شـاھہ تخت ڌڻـي رحه جـي ترتـيـب’، ‘ديـوان عبدي’ (فارسـي غـزلـن تي مـشـتـمـل) ۽ چوٿون ‘عبديءَ جو ڪلام’. مولوي عبدالقادر عبديرح، حضرت سـيد حزب شاھہ رحه، حضرت پير سيد علي گوهر شاھہ محافي ڌڻي رحه ۽ حضرت پير سيد شاھہ مردان شاھہ اول ڪوٽ ڌڻيءَ رحه جي سـجـاده نشينيءَ جي دور تائين درگاھہ تي رهيو. مولوي عبدالقادر عبديءَ انگريز سامراج جو دَور پڻ ڏٺو، ۽ جاسوسي ڪندڙ ديسي دلالن ۽ منافقن کي ننديندي اُن دَور جي عڪاسي پنھنجي شاعريءَ ۾ هن طرح ڪئي آهي:
جيڪي جاسوسي، جهل جهودي، لچا لغور، لوسي مردودي،
دزد حرامي، سڀ نمردي، نحس نصارا، ويا ناسودي،
لٿي کرن جي کارو کار، پڙهان الهٰي حمد هزار.
مولوي عبدالقادر عبديءَ 63 سالن جي عمر ۾ 23 رجب 1327ھہ بمطابق 9 سيپٽمبر 1909ع، اڱاري جي ڏينهن وفات ڪئي. کيس پير جي ڳوٺ ۾ ماڪن شاھہ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو