عبد بن حميد

عبد بن حميد: هي پنھنجي دور جو نامور محدث ۽ فقيھہ ٿي گذريو آهي. هن جو نالو عبدالحميد بن حُميد آهي ۽ ڪنيت ابو محمد اٿس. تخفيف جي سبب عام ماڻهو هن کي صرف عبد چوندا هئا ۽ پوءِ بن حميد'>عبد بن حميد جي نالي سان مشھور ٿي ويو. عرب جو هي مشھور عالم ٻين صدي هجريءَ جي شروع ۾ ڄائو. جوانيءَ کان وٺي علم حديث جو شوق هئس. يزيد بن هارون، محمد بشير ۽ ٻين محدثن کان حديث جي علم ۾ استفادو حاصل ڪيو. امام مسلم جيڪو ‘صحيح مسلم’ جو مصنف آهي. هن کان مختلف حديثن ۾ روايتون نقل ڪيون اٿس، ان کان سواءِ امام ترمذي ۽ امام بخاري بہ ڪيتريون ئي حديثون هن کان نقل ڪيون آهن. هن بزرگ 243ھہ/ 857ع ۾ رحلت ڪئي. هن جي تصنيفن مان ‘مسند ڪبير’ ۽ ‘مسند صغير’ ٻئي مشھور تصنيفون آهن. ان کان سواءِ عرب ۾ سندس هڪ تفسير پڻ ڏاڍو مشھور ٿي.


لفظ عبد بن حميدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو