عبراني (ٻولي) چارٽ
عبراني (ٻولي): عبراني قديم سامي ٻولي آهي، جيڪا يهودين جي پراڻي زبان آهي ۽ وچ مشرق ۾ ڳالهائي ويندي هئي. قديم دور جون، گهڻيون ئي لکتون عبراني ٻوليءَ ۾ ملن ٿيون. اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ عيسويءَ ۾ عبراني ٻوليءَ کي ٻيهر جياريو ويو ۽ ان گهڻي ترقي ڪئي ۽ اها فلسطين جي يهودين ۽ اسرائيل جي قومي ۽ سرڪاري ٻولي آهي. جديد عبرانيءَ ۾ هاڻي شعر ۽ ادب جو ذخيرو به ملي ٿو.
عبراني ٻولي ساڄي کان کاٻي طرف لکي ويندي آهي. عـبـرانـي ۽ عـربـيءَ جـا ڪـجهه اصـول هڪ ٻئي سان لاڳاپيل ۽ هڪجهڙا آهن.
عبراني ٻوليءَ جا هي لهجا آهن:
طبري عبراني: هيءُ قديم عبراني يا تناخ جي ڪنعاتي اچارن تي مشتمل لهجو آهي، جيڪو 750 کان 950ع ۾ قديم جوده ۾ رهندڙ يهودين جي طبريه ڪميونٽيءَ جا عبراني انجيل جا شارح (يهودي عالم) ڪتب آڻيندا هئا. اهي هن لهجي جي طبري لسانيات (ٻولي) جي طرز تي حرف صحيح جون 3 علامتون نيقدت (Neqdut) ۽ حرف علت گڏيل نموني سروارن حرنن (علامتن) جو هڪ نظام جوڙين ٿا.
وچين دور جو عبراني لهجو: هيءُ 4 کان 18 صدي عيسويءَ تائين ڪتب ايندڙ مقدس ۽ ادبي تحريرن وارو لهجو هو. هي ڳالهائجندڙ ٻولي (لهجي) طور عام نه هو بلڪه يهودي عالمن، شاعرن ۽ مفڪرن پاران لکت هيٺ ايندڙ لهجو هو. هن لهجي ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن، جيڪي هن لهجي کي عبرانيءَ جي قديم/ پراڻن لهجن کان منفرد ڪري بيهارين ٿيون. هن جو وياڪرڻ، جملي جي ساخت، (Syntax) ۽ نون لغوي لفظن جو وسيع ذخيرو جيڪو يا ته قديم عبراني تي بنياد رکي ٿو يا ٻين ٻولين جهڙوڪ آرميائي، يوناني ۽ لاطيني تان اخذ ڪيل آهي. لبريا خطي ۾ يهودين جي سنهري دور اندر وياڪرڻي ماهرن بائيبل ۾ آيل عبرانيءَ جي لغت ۽ وياڪرڻ جي تشريح ۾ ڪافي اهم ڪم ڪيا، هن ڪم جو بنياد گهڻو ڪري ڪلاسيڪل (اثاثيھ) عربيءَ جي ماهرن جي ڪم تي رکيل هو. هن عبراني لهجي جو استعمال بعد ۾ اٽليءَ ۾ رهندڙ يهودي شاعرن پڻ ڪيو.
مشنائڪ عبراني: هيءُ تلمذ مان مليل عبراني لهجن مان هڪ آهي. هي لهجو ٻين ذيلي شاخن ۾ ورهايل آهي. جهڙوڪ؛ Tannaitic عبراني، آڳاٽي ربينيڪ عبراني، مشنائڪ عبراني I (جيڪو ڳالهائجندڙ لهجو هو)، امورائڪ (Amoraic) عبراني، جنهن کي پوئين ربينيڪ عبراني ۽ مشنائڪ عبراني II به چئجي ٿو.
بائيبل عبراني: هن لهجي کي ڪلاسيڪل (اثاثي) عبراني پڻ چيو وڃي ٿو. هي سامي خاندان جي ڪنعاني شاخ جو جهونو عبراني لهجو آهي، جيڪو اسرائيل پاران جورڊان درياهه جي اولهه کان ويندي ڀونوچ سمنڊ جي اوڀر تائين ڳالهايو ويندو هو. هتي بائيبل عبراني ٻولي يا لهجي مان مراد مقدس ڪتاب بائيبل ۾ آيل عبراني ٻولي ڪونهي، پر هن مان مراد ڪنعان جي ٻولي آهي، جيڪا 10 هين صدي قبل مسيح ۾ وجود ۾ آئي
۽ سيڪنڊ ٽيمپل پيريڊ (530 ق. م کان 70ع) تائين جاري رهي ۽ 70 صدي عيسويءَ ۾ يروشلم تي گهيرو ٿيڻ کانپوءِ اختتام پذير ٿي.
عبراني لپي: عبراني، سامي ٻولين جي ڪنعاني ڪٽنب مان آهي، جيڪا اوائلي يهودي ڳالهائيندا هئا. 200 عيسويءَ ۾ عبراني روزانو استعمال ٿيندڙ ٻولي هئي، جيڪا آرامي ٻوليءَ جي واهپي سبب ختم ٿي وئي، پر ادبي ۽ مذهبي لحاظ کان رابطي جي ٻوليءَ طور زندهه رهندي اچي ٿي. هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد 7.4 ملين آهي.
هيءَ ٻولي اسرائيل ۾ خاص طور تي ۽ ارجنٽائين، آسٽريليا، برازيل، ڪئناڊا، فرانس، جرمني ۽ فلسطين جي اولهندي حصي، غزا، پناما، برطانيا ۽ آمريڪا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
عبراني ٻولي، آفرو ايشيائي، سامي، وچ سامي، اتر اولهه ساميءَ جي ڪنعاني ڪٽنب سان واسطو رکي ٿي. هيءَ ڏهين صدي ق. م کان لکجڻ لڳي هئي ۽ ادبي ۽ مذهبي طور رابطي جي ٻولي ۽ لکت آهي. عبراني اسرائيل جي سرڪاري زبان آهي. پولينڊ به اوڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري هن کي اقليت وارن جي ٻولي قرار ڏنو. ڪن ماڻهن هن ٻوليءَ کي عام وهنوار ۽ گهر ۾ ڳالهائڻ جي ٻولي بنائڻ لاءِ جتن ڪيا آهن. اڄڪلهه عبراني 5 ملين ماڻهن جي ٻولي آهي. خاص طور تي اسرائيل ۾ رهندڙ ماڻهن جي، جتي عربيءَ سان گڏ عبراني به ڳالهائي ۽ لکي وڃي ٿي. سـڀ کان اول هيءَ قديم ٻولي پوئين ٻي هزاري ۽ پهرين هـزاري قبل مسيح ۾ لکت ۾ آئي. هيءَ لکت فونيقي لکت کي تمام گهڻو ويجهو آهي. لسانيات جي ڪن ماهرن جو خيال آهي ته عبرانيءَ جي لکت جو تعلق برهمي لکت سان به آهي، جيڪا موهن جي دڙي جي لکت مان نڪتل آهي. اڄڪلهه جديد عبرانيءَ جي صورتخطيءَ يا الف ب قديم عبراني يا اوائلي آرامي صورتخطيءَ تان کنيل آهي. هي ابجدي ٻولي آهي، جيڪا ساڄي کان کاٻي سڌين ليڪن ۾ لکبي آهي. هن ۾ ڪل 22 وينجڻ/ حرف صحيح آهن، جڏهن ته ڪجهه سُرن (vowel) جا نشان به مقرر ٿيل آهن. هن صورتخطيءَ ۾ عبرانيءَ کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون يهودين جون ٻوليون لکيون وڃن ٿيون.
هن لپيءَ ۾ انگن جون نشانيون الڳ ڄاڻايل ڪونه آهن. پر انگ مغربي ٻولين جي نموني (1، 2، 3) لکيا وڃن ٿا. پر ڪن حالتن ۾ جيئن هفتي جا ڏينهن، ڪئلينڊر جون تاريخون ۽ اسڪول جا گريڊ عبرانيءَ ۾ لکيا ويندا آهن. ڊگهن سرن وارا اکر الف، واو، ۽ ي سان ظاهر ڪيا ويندا آهن. ننڍا سر گهڻو ڪري لکت ۾ ظاهر ڪونه ڪيا ويندا آهن، پر بائبل، شاعري ۽ ٻارن جي ڪتابن کان سواءِ ٻاهرين ٻولي سکندڙ کي سيکاريا ۽ سمجهايا ويندا آهن. 539 ق. م ڌاري ايراني حڪمران سائرس (Cyrus) ڪلداني سلطنت جو انت آڻي ڇڏيو ۽ يهودين کي وطن واپس ورڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. قيد کان آزاد ٿيڻ بعد هنن ۾ آرامي لکت جو رواج پئجي ويو. اها لپي ئي موجوده عبرانيءَ جو بڻ بنياد يا سرچشمو هئي، جنهن کي ‘عبراني مربع/ چورس’ (Square Habru) چون ٿا. عبراني مربع/ چورس کان سواءِ جيڪا ڇپائيءَ ۾ استعمال ٿئي ٿي. عبراني لکڻ جا ڪي ٻيا نمونا به آهن. انهن مان هڪڙي رباني عبراني (Rabbinical Hebrus) آهي، جيڪا يهودين جي مذهبي عالمن ۾ رائج آهي. انهيءَ جا ٻه قسم آهن: اترين جيڪا پولينڊ ۽ جرمنيءَ جي يهودين ۾ استعمال ٿيندڙ آهي ۽ ڏاکڻي جيڪا اٽلي ۽ اسپين
جي يهودين ۾ هلندڙ آهي. اسپيني عبرانيءَ مان ٻه رهڙي لکيون ويندڙ لپيون نڪتيون، جن کي الجيريا (الجزائر) ۽ موراڪو جا يهودي استعمال ڪندا آهن. عبراني لکت جا ڪجهه ٻيا نمونا به رائج رهيا آهن، جيڪي مختصر طور هيٺ ڏجن ٿا:
ڪلاسيڪل يا بائيبل جي عبراني: ڪلاسيڪل عبراني اسرائيل ۾ ڏهين صدي ق. م کان 2 صدي عيسويءَ تائين رائج رهي. هيءَ ٻولي سرن جي نشانين کان سواءِ لکبي هئي، جنهن ۾ بائيبل ۽ ٻيون مذهبي لکتون لکيل ملن ٿيون. هيءَ ٻولي پهريان فونيقي لپيءَ ۾ لکبي هئي. قديم عبرانيءَ تان ورتل هئي ۽ قديم عبراني 9 کان 10هين صدي ق. م ۾ رواج هيٺ هئي. آرامي خط هوريان هوريان ڪري قديم عبراني خط/ صورتخطيءَ جي جاءِ ورتي.
طبريه عبراني (Tiberian): نئين اچار واري صورتخطيءَ سان عبراني 750ع کان 950ع تائين يهودي عالمن جي استعمال هيٺ رهي. هي طبريه ۾ رهندڙ يهودي عالم هئا، جيڪي پنهنجون لکتون هن خط ۾ لکندا هئا.
رشي (Rashi): عبراني لکڻ جو هي نمونو گهڻو ڪري مقدس ڪتابن تي تبصرو لکڻ لاءِ 1040ع کان 1105ع تائين استعمال هيٺ رهيو. هي ان دور جي يهودي عالم رشيءَ جي نالي پويان لکت جو نمونو سڏجي ٿو.
تُدمري لکت: تُدمر جنهن کي پامير (Palmyra) به سڏيندا آهن، سو شام جي رڻ پٽ جي هڪ نخلستان ۾ واپاري رستي تي واقع هو، جيڪو عراق کي شام سان ڳنڍي ٿو. وڻج واپار ڪري اتي جا ماڻهو وڏا مالدار ٿي ويا ۽ انهن هڪ آزاد شهري رياست قائم ڪري ڇڏي، جنهن جي حڪمرانن ۾ راڻي زينوبيا جو نالو تمام گهڻو مشهور آهي. هن رومي سلطنت سان مقابلو ڪيو، پر هار کاڌي ۽ تُدمر جو سهڻو شهر هميشه لاءِ برباد ٿي ويو. اهو 272ع جو واقعو آهي.
سُرياني لپي: پهريائين سرياني (Syriac) کي تدمري تان ورتل سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي ثابت ٿيو آهي ته ٻنهي جو بڻ بنياد آرامي لکت هئي. سُرياني ۽ آراميءَ ۾ پهرين صدي عيسويءَ کان فرق پيدا ٿيڻ شروع ٿيو، شڪل 131 ۾ سرياني اکرن جي ارتقا ۾ مختلف قسم ڏيکاريل آهن. اها لکت وچ اوڀر جي عيسائين لاءِ مخصوص رهي آهي. انهي جو مرڪز اديسا (Edessa) هو، جنهن جو عروج ٻي کان ستين صدي عيسويءَ ۾ هو، ٻي صدي عيسويءَ کان پوءِ هتي بائبل جو سرياني زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو.
جڏهن اسلامي فتحن جو دائرو وسيع ٿيو ته اٺين صدي عيسويءَ ۾ سريانيءَ جو زوال اچي ويو ۽ هاڻي اها فقط حلب جي يعقوبي ۽ لبنان جي ماروني عيسائين ۾ عبادت جي موقعي تي استعمال ڪئي ويندي آهي. اتر الهندي فارس ۾ ارميا ڍنڍ جي ڪناري ۽ ڪردستان جي جبلن ۾ ڪجهه ٻوليون لڀن ٿيون، جيڪي سرياني مان نڪتل آهن. انهيءَ لکت جا خاص قسم هي آهن:
(1) استرنجلو (Esterngelo): سرياني زبان جي عروج واري زماني ۾ ان جي لکت کي استرنجلو يا استرنجلا سڏبو هو. ڪن عالمن انهيءَ جو تعلق يوناني لفظ (steongyle) سان ڄاڻائيندي ان جي معنيٰ ‘مدار’ يا ‘گول’ ٻُڌائي آهي. ڇاڪاڻ ته هن لکت جي اکرن ۾ گولائي هوندي هئي. سريانيءَ جو سڀ کان پراڻو قلمي نسخو 411ع وارو برٽش ميوزيم (لنڊن) ۾ محفوظ آهي. انهيءَ ۾ استرنجو اکرن جون سڌريل شڪليون نظر اچن ٿيون. پنجين صدي عيسويءَ بعد جڏهن اختلاف عقابه سبب شامي ڪليسا مختلف فرقن ۾ ورهائجي وئي ته سرياني لپيءَ جا به ڪيترائي قسم ٿي ويا. مثال طور: نسطوري، يعقوبي ۽ ماروني وغيره.
(2) نسطوري لپي (Nestorian): نسطور 428ع ۾ قسطنطنيه جو آتش پرست پيشوا هو، جيڪو پنهنجي مخصوص عقيدن جي ڪري شهر بدر ڪيو ويو . هن پنهنجي پوئلڳن سان گڏ فارس جي راهه ورتي، ساساني حڪمران فيروز هن جي مدد ڪئي ۽ نسطورين جي مخالفن کي پنهنجي سلطنت مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. انهيءَ ڪري فارس جا سڀ عيسائي نسطوري مذهب جا مڃيندڙ ٿيا ۽ انهن ۾ نسطوري لکت جو رواج هو، جنهن کي ‘اُڀرندي سرياني’ به چوندا آهن.
نائين صدي عيسويءَ ۾ نسطوري مبلغ هندستان پهتا، جنهنڪري مالابار جي ڪناري جي سينٽ ٽامس جا عيسائي اڄ به نسطوري لپي استعمال ڪندا آهن. اتي انهيءَ لکت کي ڪرشني يا گرشني سڏيو ويندو آهي. انهيءَ لفظ جي معنيٰ جي ڄاڻ نه آهي. شام ۾ به انهيءَ نالي جي هڪ لپي ملي ٿي، جيڪا عربي زبان لاءِ مخصوص آهي. دراصل اها سرياني لپي آهي، جنهن ۾ عربيءَ جي مخصوص آوازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪي قدر ترميمون ۽ ڪٽوتيون ڪيون ويون آهن.
(3) يعقوبي لپي (Jacobite): اها لکت ماروني لپيءَ کان ڪجهه مختلف آهي. انهيءَ کي جديد سرياني، الهندي سرياني يا سرطاء به چوندا آهن. سرطاء جي معنيٰ ليڪن واري لکت آهي. جيئن ته انهيءَ جا اکر آڏين ڦڏين ليڪن جو ميڙ معلوم ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري مٿس اهو نالو پيو. قديم سريانيءَ ۾ حروف علت کي نقطن ذريعي ظاهر ڪيو ويندو هو. يوناني اثر هيٺ يعقوبيءَ ۾ يوناني اکر استعمال ٿيڻ لڳا:
انهن کي يوناني وانگيان حروف صحيح جي اڳيان پويان نٿو لکيو وڃي، بلڪ مٿي ۽ هيٺ لکندا آهن. اهو طريقو يعقوبي لکت ۾ اٺين صدي عيسويءَ ۾ رائج ٿيو.
مندائتي لکت (Mendaite): انهيءَ لکت کي صابئي، نصراني، گليلي يا سينٽ جان جا عيسائي استعمال ڪندا آهن، پر اهي خود پاڻ کي ماندئين (Mandacan) چوندا آهن. اهي لوڪ بصري جي ويجهو آباد آهن. انهن جو مذهب مجوسي، يهودي ۽ عيسائي تعليمات جو مجموعو آهي. انهن جي زبان تالمودي ڪلدانيءَ سان مشابهت رکندڙ آهي. انهن جو ادب ڪافي پراڻو آهي، جنهن جو ڪجهه حصو نبطي ٻوليءَ ۾ آهي ۽ ڪجهه صابيءَ ۾. انهيءَ ادب ۾ ڪتاب آدم سڀ کان اهم آهي، ان کي گنذا (گنج) ۽ سيره ربه (وڏو ڪتاب) به چوندا آهن. مذهبي عقيدن وانگر انهن جي لکت ۾ مختلف اکرن جو اثر نظر اچي ٿو، جيتوڻيڪ ان جو بنياد ڪالڊيه جي آرامي لپيءَ تي رکيل هو.
نبطي لکت (Nabataean): اتر عربف، اوڀر اردن ۽ سينا ۾ نبطي لوڪَ آباد آهن. هيءَ هڪ لاڏائو (خانه بدوش) قوم آهي، جنهن جي ابن ڏاڏن ٻي صدي ق. م ڌاري هڪڙي رياست قائم ڪئي هئي، جنهن جي گاديءَ وارو هنڌ سيلح هو. جنهن کي لاطيني ۾ پٽرا (Petra) چوندا هئا. انهيءَ حڪومت جي 106ع ۾ پڄاڻي ٿي وئي ۽ اها روم جي سلطنت جو عربي صوبو بنجي ويئي.
اٽڪل ٻي صدي ق. م ڌاري نبطين آرامي لپي اختيار ڪئي، جنهن ۾ پنهنجي ذوق مطابق ڪافي تبديليون ڪيائون ۽ اها نئين لکت نبطيءَ جي نالي سان مشهور ٿي وئي. نبطي لکت جا ڪتبا قديم عمارتن ۽ سڪن تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
جديد سينائي (Neo Sinaitic): انهيءَ مان مراد اها نبطي لکت آهي، جنهن جو رواج پهرين صدي عيسويءَ ۾ پيو. انهيءَ لکت جا ڪتبا جبلن تي اُڪريل مليا آهن. خاص ڪري ‘مڪتب جي ماٿريءَ’ ۾ جيڪا سوئيز کان 75 ميلن جي مفاصلي تي آهي. اهي ڪتبا ٻي صديءَ کان وٺي پنجين صدي عيسويءَ تائين جا آهن. انهن جي لکت نبطي ڪتبن کان مختلف آهي. انهيءَ جا اکر چوڪور آهن ۽ انهن جي لکت روڙيل
رنڊيل قسم جي آهي. سينا جي نبطي لکت فن تحرير جي تاريخ ۾ خاص اهميت رکي ٿي، ڇو جو اها لکت ئي عربي لپيءَ جو بڻ بنياد يا سرچشمو هئي.