عبن فقير پلي دهلڙي وارو

عبن فقير پلي دهلڙيءَ وارو: عبن فقير ولد گل فقير پلي، ڪلهوڙن جي دور جو مشھور مجذوب فقير ٿي گذريو آهي. هو مخدوم عبدالرحمان عرف ’رام جاڳي‘ جو مريد هو. هن ميان نور محمد ڪيرئي ۽ مخدوم حافظ عبدالحميد پلي کيجڙياريءَ واري وٽ مذهبي تعليم حاصل ڪئي. عبن فقير جا پاراتي جا بيت مشھور آهن. عام ماڻهن وٽ سندس ڪيترين ڪرامتن جون روايتون مشھور آهن. سندس عمر سؤ سالن کان مٿي هئي. عام ماڻهن وٽ اها بہ روايت آهي تہ هن جي پاراتي سان ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت جو خاتمو آيو ۽ خانپور جو شھر ڦِٽو. عوامي شاعر سيد راضي شاھہ لڪياري، نئون ڪوٽ وارو ننڍيءَ عمر ۾ عبن فقير پليءَ جو صحبتي رهيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو