عبيدالله عليم

عبيدالله عليم: ناميارو شاعر ۽ نقاد عبيدالله عليم، 12 جون 1939ع ۾ ڀوپال (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سيالڪوٽ جي بٽ ذات مان هو. 1952ع ۾ خاندان سميت لڏي ڪراچيءَ ۾ رهائش ٿيو. سندس تعليم ايم. اي اردو ڪراچي يونيورسٽيءَ مان هئي. 1969ع ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پي. ٽي. وي ۾ بطور پروڊيوسر مقرر ٿيو. هن جو گهڻو عرصو ڪراچي پي. ٽي. وي سينٽر تي گذريو، جتي ڪجهہ عرصو پروگرام مئنيجر بہ رهيو، پر اعليٰ آفيسرن سان اختلافن سبب 1978ع ۾ جبري استعيفا ڏنائين. عبيدالله عليم جي شاعريءَ جا چار ڪتاب: ‘چاند چھرہ ستارہ آنکين’ (1973ع)، ‘ويران سرائي ڪا ديا’ (1986ع)، ‘نگار صبح ڪي اميد’ (2000ع)، ‘يه زندگي هي هماري’ (ڪليات: 2000ع) ۽ نثري ڪتابن ۾ ‘کُلي هوئي سچائي’ ۽ ‘مين جو بولا’ شامل آهن. هن کي ادب جو آدم جي اوارڊ بہ ڏنو ويو. هن 18 مئي 1998ع ۾ وفات ڪئي. کيس اسٽيل مل جي ڀرسان رزاق آباد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ عبيدالله عليمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.06.12  عيسوي

ناميارو شاعر ۽ نقاد عبيدالله عليم، 12 جون 1939ع ۾ ڀوپال (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو.


1998.05.18  عيسوي

عبيدالله عليم 18 مئي 1998ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رند حضور بخش حقير
مير فيض محمد ٽالپر اول
ڀٽو حبيب ﷲ
الماس سنڌو
منشي ٻالچند
شيخ محمد محفوظ ٺٽوي
شگفتہ شاھہ
اختر درگاهي
سيد عبدالرشيد ٺٽوي
بشير احمد بشير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون