عبيدالله عليم

عبيدالله عليم: ناميارو شاعر ۽ نقاد عبيدالله عليم، 12 جون 1939ع ۾ ڀوپال (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سيالڪوٽ جي بٽ ذات مان هو. 1952ع ۾ خاندان سميت لڏي ڪراچيءَ ۾ رهائش ٿيو. سندس تعليم ايم. اي اردو ڪراچي يونيورسٽيءَ مان هئي. 1969ع ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پي. ٽي. وي ۾ بطور پروڊيوسر مقرر ٿيو. هن جو گهڻو عرصو ڪراچي پي. ٽي. وي سينٽر تي گذريو، جتي ڪجهه عرصو پروگرام مئنيجر به رهيو، پر اعليٰ آفيسرن سان اختلافن سبب 1978ع ۾ جبري استعيفا ڏنائين. عبيدالله عليم جي شاعريءَ جا چار ڪتاب: ‘چاند چهره ستاره آنکين’ (1973ع)، ‘ويران سرائي ڪا ديا’ (1986ع)، ‘نگار صبح ڪي اميد’ (2000ع)، ‘يه زندگي هي هماري’ (ڪليات: 2000ع) ۽ نثري ڪتابن ۾ ‘کُلي هوئي سچائي’ ۽ ‘مين جو بولا’ شامل آهن. هن کي ادب جو آدم جي اوارڊ به ڏنو ويو. هن 18 مئي 1998ع ۾ وفات ڪئي. کيس اسٽيل مل جي ڀرسان رزاق آباد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ عبيدالله عليمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.06.12  عيسوي

ناميارو شاعر ۽ نقاد عبيدالله عليم، 12 جون 1939ع ۾ ڀوپال (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو.


1998.05.18  عيسوي

عبيدالله عليم 18 مئي 1998ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳوان کلناڻي ساقي
الانا جي
خليفو نبي بخش لغاري
ٺٽوي نيازي
رمضان نول
امام بخش خادم
اداسي جکراڻي
دقيقي
سائر مزمل هاليپوٽو
رابندرناٿ ٽئگور
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون