عبيدالله لاشاري

عبيدالله لاشاري: مولانا عبيدالله ولد قيصر لاشاري ڳوٺ ٻڍاپور تعلقي وارھہ ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. قرآن شريف جي تعليم مولوي واحد بخش ۽ حاجي مٺل شيخ وٽ ۽ فارسيءَ جي تعليم مولوي فضل الحق وٽ ڳڙهي خير محمد ڪرٽيو ۾ پڙهيو. ان کان پوءِ ياري ديري تعلقي وارھہ، پاٽ شريف، پير جهنڊو، ٺٽو، سجاول، ڀانڊو قبو، مظهر العلوم کڏي ۾ بہ پڙهيو. عبيدالله لاشاري مدرسہ ‘دارالسعادت’ گورو پهوڙ، تعلقي شڪارپور ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي کان ۽ مدرسي ‘بيت الحڪمت’ ميرپور ڀٽي مان تعليم حاصل ڪري دستاربند ٿيو. جنهن بعد دارالعلوم ديوبند مولانا حسين احمد مدنيءَ وٽان حديث جو دور پورو ڪيائين ۽ ٻئي سال ادب ۽ فلسفي جي وڌيڪ تعليم دارالعلوم مان ئي وٺي واپس سنڌ آيو. ان کان پوءِ مٺياڻي، پير جهنڊي، سعيدآباد، نواب شاھہ، ٽنڊي آدم ۽ رتيديري ۾ پڙهائڻ کان پوءِ ‘مظهر العلوم’ کڏي، ڪراچيءَ ۾ صدر مدرس ۽ شيخ الحديث ٿي درس تدريس ڏنائين. مولانا عبيدالله لاشاري پنھنجي ڳوٺ ٻڍاپور تعلقي وارھہ ۾ مولانا حسين احمد مدنيءَ جي نالي ‘دارالعلوم حسينيه’ مدرسو قائم ڪيو ۽ اتي ئي تدريس جو سلسلو جاري ڪيائين. مولانا عبيدالله لاشاريءَ ان وقت سياست ۾ شامل ٿيو، جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي جلاوطنيءَ کان پوءِ واپس سنڌ آيو هو ۽ اچي جمنا، نربدا، سنڌ ساگر پارٽي ٺاهيائين ۽ پاڻ ان جي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين. 1944ع ۾ حيدرآباد جي تاريخي قلعي ۾ ‘جمعيت العلماءِ سنڌ’ پاران ساليانو جلسو قاري محمد طيب مهتم دارالعلوم ديوبند جي صدارت هيٺ ٿيو. ان دوران سنڌ جي طالب علمن کي گهرائي انهن جو ڌار جلسو ڪيو ويو. ان جلسي جي صدارت مولانا عبيدالله سنڌيءَ ڪئي. ‘جمعيت الطلباءِ سنڌ’ جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن ۾ مولانا عبيدالله لاشاريءَ کي ‘جمعيت الطلباءِ سنڌ’ جو صدر مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ ‘جمعيت العلماءِ سنڌ’ جي سياسي ميدان تان وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد جاري ڪيائين. مولانا عبيدالله لاشاريءَ 20 صفر 1395ھہ بمطابق 4 مارچ 1975ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي.


لفظ عبيدالله لاشاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو