
عتيقه اوڍو
عتيقه اوڍو: نامور ادڪاره، ماڊل ۽ فلم اسٽار عتيقه اوڍو جو تعلق جيڪب آباد ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ تاجو ديري سان آهي. سندس جنم 12 فيبروري 1958ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سموري تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. شوبز جي دنيا ۾ پاڻ ميڪ اپ آرٽسٽ، هيئر اسٽائيلسٽ ماڊل، اداڪارہ طور ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات بحيثيت ميڪ اپ آرٽسٽ طور ڪئي. 1989ع کانپوءِ پاڪستان ٽيليويزن تي اداڪارہ طور ڪم ڪيو. سندس ڪيريئر جي شروعات 1991ع ۾ ٿي. هن جي شھرت جو سبب انور مقصود جو لکيل ڊرامو ‘ستارا اور مهرالنساء’ هو، جيڪو 1993ع ۾ پي. ٽي. ويءَ تان نشر ٿيو. سندس مشھور ڊرامن ۾ ‘دشت’، ‘نجات’، ‘ذڪر هي ڪئي سال ڪا’، ‘هم سفر’ قابل ذڪر آهن. هن 1995ع کان شوبز کان ڪنارہ ڪش ٿي اشتهاري ڪمپنين ۾ ماڊل طور ڪم ڪيو. عتيقه اوڍو پي. ٽي. وي تي مختلف پروگرامن ۾ ڪمپيئر، اداڪاره، ماڊل رهي چڪي آهي. هن ڪيترن ئي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪري مڃتا ماڻي. سندس مشھور فلمن ۾: ‘جو ڊرگيا وه مر گيا’، ‘ممي’ (1997ع)، ‘مجهي چاند چاهيئي’ (2000ع)، ‘ابهي تو مين جوان هون’ (1995ع) وغيرہ شامل آهن. ان کان سواءِ پي. ٽي. وي سميت مختلف چئنلن تي مشھور ڊرامن ۾ ‘عڪس’ (1991ع)، ‘تلاش’ (1992ع)، ‘انگار وادي’ (1994ع)، ‘تم هي تو هو’ (1999ع)، ‘آن’ (2001ع)، ‘ڪرچيان’ (2002ع)، ‘چاهتين’ (2003ع)، ‘عمره جان ادا’ (2003ع)، ‘هرجائي’ (2004ع)، ‘نسل’ (2003ع)، ‘دهول’ (2006ع)، ‘ڪرشمين’ (2007ع)، ‘هم تم’ (2010ع)، ‘يي دل’ (2011ع)، ‘بينڊ بجي گا’ (2012ع)، ‘سسڪيان’، ‘عشق سمندر ’ قابل ذڪر آهن. هن وقت آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي.
1958.02.12 عيسوي
نامور ادڪاره، ماڊل ۽ فلم اسٽار عتيقه اوڍو جو تعلق جيڪب آباد ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ تاجو ديري سان آهي. سندس جنم 12 فيبروري 1958ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.