عتيق/عقيق (Canna)

عتيق/عقيق (Canna)

عتيق عقيق Canna

عتيق/عقيق (Canna): عتيق هڪ سدا بھار سائو ٻوٽو آهي، جيڪو باغن ۽ پارڪن ۾ خوبصورتيءَ لاءِ لڳايو وڃي ٿو. هن ٻوٽي جو اصل وطن ڪاربين، آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز آهي. مقامي طور تي هي ٻوٽو ڏکڻ يورپ جي گرم حصن مان متعارف ڪيو ويو آهي. پر هن ٻوٽي جي ماڳن ۾باغن جا اُس وارا حصا، گل ڪاريءَ جا هنڌ، پوکي واريون زمينون وغيرہ اچي وڃن ٿا. هي ٻوٽا هندستان ۽ پاڪستان جي باغن ۾ خوبصورتي لاءِ پوکيا وڃن ٿا. عتيق جي ٻج جي شڪل بندون جي ڇُرن جهڙي هجڻ ڪري ان کي Indian Shot سڏجي ٿو. هي ٻوٽو گرم علائقن جي ٻوٽي هجڻ جي باوجود سرد علائقن جي آب هوا سان بہ ٺهڪندڙ آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڪثر اهڙن ملڪن ۾ بہ آساني سان وڌي ٿو، جتي ڇھہ ڪلاڪ سج جي روشني هجي يعني گهٽ مدت وارو اونهارو هجي عقيق جي جنس ۾ وڏو ۽ خوبصورت پنن يا گلن جو سٽاءَ ٿئي ٿو. جڏهن تہ مالهي ۽ باغبان هن کي وڏو ۽ خوبصورت باغ جو ٻوٽو سمجهن ٿا. عتيق دنيا جو وڌيڪ نساشتي Starch جو ذريعو آهي. هي ٻوٽو نئين دنيا جو ڏيهي ٻوٽو آهي، جيڪو گرم ۽ نيم گرم علائقن ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ ڳنڍي واري پاڙ ٿئي ٿي. عتيق پنھنجي زير زمين ٿڙن ذريعي وڌي ٿو، جيڪي نشاستو ذخيرو ڪن ٿا. جنهن ڪري هن ٻوٽي جي زراعت لاءِ مکيہ اهميت آهي. سنڌ ۾ عتيق/ عقيق باغن ۾ ڪونڊين رستي يا شاراهن جي پاسي کان خوبصورتيءَ لاءِ لڳايا وڃن ٿا. عتيق جو ٻوٽو پوکڻ ۽ وڌائڻ ۾ ڪافي آسان آهي. هي آگسٽ کان آڪٽوبر ۾ گل جهلي ٿو ۽ آڪٽوبر ۾ ٻج پچي راس ٿين ٿا، جيڪي تمام سخت هوندا آهن. هن ٻوٽي جا نر ۽ مادي هڪ ئي گل ۾ ٿين ٿا. هي ٻوٽو پنھنجي خوبصورت ٻوٽن ۽ گلن سبب مشھور آهن. عتيق جي پاڙون ۽ ڦل کاڄرو ٿين ٿيون. هن جي پاڙن جون ڳنڍيون Rhizome رڌي کاڌا وڃن ٿا. عتيق جي ٿڙ ۾ ڌاڳو ٿيندو آهي، جيڪو سڻيءَ جي ڌاڳي جي متبادل ٿئي ٿو. هن جي پن مان مليل ڌاڳي کي ڪاغذ جي تياريءَ ۾ ڪم آندو وڃي ٿو. عقيق جي پنن جو دونهون جيت مار دوا ۾ ڪم اچي ٿو. هن جي ٻج مان واڱڻائي رنگ ملي ٿو. عتيق جو ڦل گوگڙي Capsule نما ٿئي ٿو. طبي لحاظ کان عتيق عورتن جي مرض لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو. هي ٻوٽو ٺاريندڙ Demulcent پگهرائيندڙ Diaphoretic ۽ پيشاب Deuretis وڌائي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو