عثمان صديقي مخدوم

عثمان صديقي، مخدوم: مخدوم عثمان صديقي عرف ميان سڄڻ نسلي طور حضرت ابوبڪر جي خاندان مان هو، جيڪي هجرت ڪري اُچ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. ڊاڪٽر حبيب صديقي پنھنجي ڪتاب ‘باب الاسلام سنڌ'>تاريخ باب الاسلام سنڌ’ ۾ لکي ٿو ته، جهڙي طرح ڄام نظام الدين سمي جي دور ۾ شيخ ميان شھاب الدين سھروردي (ثاني) ملتان مان اچي پاٽ ۾ آباد ٿيو هو، تهڙي طرح مخدوم عثمان صديقي پڻ مرزا جاني بيگ ترخان جي طلب تي اچ کان ٺٽي ۾ اچي مقيم ٿيو. جتي بادشاھہ (جاني بيگ) ملا محمد علي ديوان جي ڌيءَ سان سندس شادي ڪرائي، کيس پنهنجو خزانچي مقرر ڪيو. مرزا جاني بيگ جڏهن عبدالرحيم خان خانان کان شڪست کائي گرفتار ٿي اڪبري درٻار ۾ پهتو. تڏهن مخدوم عثمان صديقي عرف ميان سڄڻ صديقي ساڻس گڏ هو. سيد عبدالحئي بريلوي ‘نزهت الخواطر’ نالي لکيل پنھنجي ڪتاب ۾ مخدوم عثمان صديقيءَ کي هڪ پرهيزگار عالم ڄاڻايو آهي. هو لکي ٿو تہ مخدوم عثمان ولد بھاءُ الدين اصل اُچ جو هو... کيس چار پٽ هئا: (1) محمد امين، (2) عبدالواسع، (3) عبدالجليل، (4) عبدالمالڪ. پوين ذريعن موجب مخدوم عثمان جي هڪ پٽ جو نالو مخدوم بھاءُ الدين هو. ٿي سگهي ٿو تہ اهو بھاءُ الدين سندس پوٽو هجي.
مخدوم عثمان عرف ميان سڄڻ صديقي، اڪبري درٻار کان موٽڻ بعد زمين جو ٽڪرو وٺي، ٺٽي ۾ پيرسنيءَ جي حالت ۾ وفات ڪري ويو. (حوالو: تاريخ سنڌ باب الاسلام، ص 148)


هن صفحي کي شيئر ڪريو