عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ

عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ: ناليواري قانوندان، سياستدان ۽سماجي اڳواڻ ڀائي ميمڻ'>عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ، 7 فبروري 1900ع تي ڪاٺياواڙ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي گهر مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ نوان نگر (گجرات، ڀارت) هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1924ع ۾ بهاءُالدين ڪاليج جونا ڳڙهه مان بي. اي ڪيائين ۽ 1926ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايل.ايل.بي جو امتحان ڏنائين. 1928ع ۾ راج ڪوٽ ميمڻ بورڊنگ هائوس جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، 1937ع ۾ رياست ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ مسلم ليگ جو بنياد رکيائين ۽ مقامي ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. ورهاڱي کانپوءِ هي پاڪستان لڏي آيو ۽ سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي 1948ع ۾ ميمڻ رليف ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري ۽ پوءِ وري صدر چونڊيو ويو. هن ڀارت مان لڏي آيل مسلمانن جي بحالي ۽ آبادڪاريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. حڪومت پاڪستان سندن خدمتن عيوض وفات کانپوءِ کيس 1987ع ۾ گولڊ ميڊل سان نوازيو. ان کان سواءِ سندس يادگار طور ڪراچي ۾ هل پارڪ ڏانهن ويندڙ رستي کي هن جي نالي سان منسوب ڪندي ‘ڀائي ميمڻ'>عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ’ روڊ نالو ڏنو ويو، جيڪو اڄ به سندس نالي سان منسوب آهي. ان کانسواءِ 1971ع ڌاري ڪراچي ۾ عثمان عيسيٰ ميمڻ سوسائٽي به جوڙي وئي. هن 13 نومبر 1957ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.02.07  عيسوي

ناليواري قانوندان، سياستدان ۽سماجي اڳواڻ عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ، 7 فبروري 1900ع تي ڪاٺياواڙ ۾ جنم ورتو.


1957.11.13  عيسوي

عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ 13 نومبر 1957ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رياض منگي
وحيد محسن
سلا خان ڊومينيق ڊاڪٽر
آگرو عبداللطيف
ڀاتکنڊي وشنو نارائ
رحيم خان پرانگ
ٽالمي
جئرام جوڳي
نصير سومرو 1
ديوان پرڀداس آڏواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون