عثمان هاروني خواجه جي مزار

عثمان هاروني خواجه جي مزار

عثمان هاروني خواجہ

عثمان هاروني، خواجہ: خواجہ عثمان هاروني ٻارهين عيسوي صدي ۾ قادريه سلسلي جو نامور بزرگ ٿي گذريو آهي. ڪتاب ‘عَوَارف المتعارف’ جو مصنف رحيمداد خان مولائي شيدائي جي قلمي ڪتاب ‘سفينة النوح’ جي حوالي سان لکي ٿو تہ خواجہ عثمان خراسان جي شھر نيشاپور جي ويجهو هڪ ڳوٺ جو رهندڙ هو. پاڻ شيخ شھاب الدين سھروردي جو مريد هو. خواه معين الدين چشتي اجميري شروع ۾ شيخ ابراهيم قندوزي رحه کان فيض حاصل ڪرڻ بعد، سندن شاگردي ۾ اچي کانئس خرقو حاصل ڪيو. مظهر شاهجهانيءَ ۾ بہ هن بزرگ جو ذڪر آهي. مظهر شاهجهانيءَ جو ليکڪ لکي ٿو تہ “خواجہ هاروني، خواجہ محي الدين چشتي جو استاد آهي. هي بزرگ سنڌ جي سفر تي نڪتو هو پر اڳتي سندس پيرو ڪو نہ ٿو لڳي. هي مزار لڪيءَ وارن چشمن کان ٻن ٽن ميلن جي مفاصلي تي جبلن ۾ آهي.” حاڪم علي شاھہ بخاريءَ جي چوڻ موجب “اوڀر ۾ جبل جي ٻي قطار لنڊي آهي. اهي ٻئي قطارون متوازي هلن ٿيون، انهن ٻنهي جي وچ مان گهٽ ۾ گهٽ 700-600 فوٽ ويڪر پڻ آهي. اهو دڳ ڏئي اسان شيخ هاروني طرف ويا هئاسون.”پاڻ سنڌ ۽ هندستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيو هئائين. هندستان جي سفر دوران آتشخائيءَ جي ڀرسان آتش پرستن سان مذهبي بحث ٿيو، جتي باھہ مان گذرڻ واري معجزي سبب ڪي آتش پرست مسلمان پڻ ٿيا. پاڻ شيخ شھاب الدين سهرورديءَ جي خدمت ۾ رهي فيض بہ حاصل ڪيو هئائين. سندس مزار تيرٿ ڌارا کان 6 ميل پري ديھہ ۽ تپي لڪي، تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ آهي، جيڪا 50 کان 60 وال ڊگهي آهي. مقامي ماڻهو عقيدت سبب چانڊوڪي راتين ۾ مٿس محفلون مچائي راڳ رنگ پڻ ڪن ٿا. سندس مزار عقيدتمندن لاءِ عام زيارتگاھہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو