عجمي

عجمي: لغت جي لحاظ سان لفظ عجميءَ جي معنيٰ گونگو آهي. اصطلاحي معنيٰ ۾ اهو لفظ انهن ماڻهن لاءِ استعمال ڪيو ويو، جيڪي عرب جي جاگرافيائي حدن کان ٻاهر جي علائقن ۾ رهندڙ هئا. غير عربن کي ڏنل انهيءَ لقب جي پٺيان عربن جو پنهنجي زبان جي ڄاڻ ۽ ان جي فصاحت ۽ بلاغت تي ناز جو راز لڪل آهي. سندن خيال هو ته انهن کان سواءِ دنيا جي ڪنهن به علائقي جا رهاڪو پنهنجي دل جي ڳالهه يا پنهنجي مقصد جو اظهار پوريءَ ريت (پنهنجي ٻوليءَ ۾) نه ٿا ڪري سگهن. اهڙيءَ طرح پنهنجي دل جي ڳالهه جو اظهار نه ڪري سگهڻ گونگي هجڻ جي برابر آهي. عجمي لفظ جي چونڊ ۾ هڪ هي رمز به آهي ته انهن جي نظر ۾ اهو فرق (امتياز) فقط زبان جي ڪري ئي آهي. پر جڏهن اسلام پاڪ آيو ته ان انهيءَ فرق کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ٻڌايائين ته سمورا انسان هڪ جهڙا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ۾ ڪو امتياز آهي ته اهو فقط تقوى (الله تعالى کان ڊڄڻ) جي ڪري آهي. ڇو ته سڀئي انسان مري الله تعالى جي آڏو اچي بيهندا، تڏهن اتي انهن کي فقط الله تعالى جي تابعداري ڪم ايندي. ٻولي ۽ ان جي فصاحت ۽ بلاغت ڪم نه ايندي. اصل ڪاميابي ۽ عزت جو سبب فقط الله تعالى جي رضا آهي ۽ الله تعالى جي ٺاهيل اصولن جي تابعداري آهي. اصل وڏائي، بزرگي ۽ فضيلت الله تعالى جي اطاعت ۾ آهي. انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم آخري خطبي ۾ فرمايو ته ڪنهن به عربيءَ کي عجمي تي فقط عربي هجڻ سبب فضيلت ناهي نه ئي ڪنهن عجمي کي عربيءَ تي فضيلت آهي، بلڪه فضيلت الله تعالى کان وڌيڪ ڊڄڻ ۾ آهي.


لفظ عجميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو