عجمي: لغت جي لحاظ سان لفظ عجميءَ جي معنيٰ گونگو آهي. اصطلاحي معنيٰ ۾ اهو لفظ انهن ماڻهن لاءِ استعمال ڪيو ويو، جيڪي عرب جي جاگرافيائي حدن کان ٻاهر جي علائقن ۾ رهندڙ هئا. غير عربن کي ڏنل انهيءَ لقب جي پٺيان عربن جو پنھنجي زبان جي ڄاڻ ۽ ان جي فصاحت ۽ بلاغت تي ناز جو راز لڪل آهي. سندن خيال هو تہ انهن کان سواءِ دنيا جي ڪنهن بہ علائقي جا رهاڪو پنھنجي دل جي ڳالھہ يا پنھنجي مقصد جو اظهار پوريءَ ريت (پنھنجي ٻوليءَ ۾) نہ ٿا ڪري سگهن. اهڙيءَ طرح پنھنجي دل جي ڳالھہ جو اظهار نہ ڪري سگهڻ گونگي هجڻ جي برابر آهي. عجمي لفظ جي چونڊ ۾ هڪ هي رمز بہ آهي تہ انهن جي نظر ۾ اهو فرق (امتياز) فقط زبان جي ڪري ئي آهي. پر جڏهن اسلام پاڪ آيو تہ ان انهيءَ فرق کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ٻڌايائين تہ سمورا انسان هڪ جھڙا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ۾ ڪو امتياز آهي تہ اهو فقط تقوى (ﷲ تعالى کان ڊڄڻ) جي ڪري آهي. ڇو تہ سڀئي انسان مري ﷲ تعالى جي آڏو اچي بيهندا، تڏهن اتي انهن کي فقط ﷲ تعالى جي تابعداري ڪم ايندي. ٻولي ۽ ان جي فصاحت ۽ بلاغت ڪم نہ ايندي. اصل ڪاميابي ۽ عزت جو سبب فقط ﷲ تعالى جي رضا آهي ۽ ﷲ تعالى جي ٺاهيل اصولن جي تابعداري آهي. اصل وڏائي، بزرگي ۽ فضيلت ﷲ تعالى جي اطاعت ۾ آهي. انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم آخري خطبي ۾ فرمايو تہ ڪنهن بہ عربيءَ کي عجمي تي فقط عربي هجڻ سبب فضيلت ناهي نہ ئي ڪنهن عجمي کي عربيءَ تي فضيلت آهي، بلڪہ فضيلت ﷲ تعالى کان وڌيڪ ڊڄڻ ۾ آهي.