عدل: عدل عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: برابري، هڪ جهڙائي، انصاف. هي لفظ ظلم جي ضد ۾ استعمال ٿئي ٿو. عدل کان سواءِ صالح معاشري جو قيام عمل ۾ نہ ٿو اچي سگهي، ان ڪري ان کي اسلام بنيادي اهميت ڏني آهي. ٻي صورت ۾ سماج ۾ رهندڙ ماڻهو خوف ۽ هراس ۽ بي راھہ رويءَ جو شڪار ٿي سماج جي مضبوطيءَ جي اصل مقصد کان ٿڙي ويندا. رياست يا فرد جي حفاظت هڪ لازمي امر آهي تہ عدل جي ذريعي حقدار کي حق ڏياريو وڃي ۽ ظالم کي پنھنجي ظلم جي سزا ڏني وڃي. اهو ڪنهن قانون هيٺ ئي ٿي سگهي ٿو، اسلام انهيءَ قانون کي ‘عدل’ جو نالو ڏئي ٿو، جتي مخلوق جي وچ ۾ برابري جي بنياد تي حقن ۽ فرضن جي ورڇ ڪئي وڃي، جيئن هڪ فرد يا ٽولو ٻئي فرد يا ٽولي کي ٽوٽ يا تڪليف نہ ڏئي، پر جيڪڏهن ائين ٿي بہ پوي تہ عادل (يا عدالت) غلط ۽ صحيح جو فيصلو ڪري معاملي کي چڱيءَ ريت نڀائي. پر جيڪڏهن مظلوم ظالم کي معاف ڪري تہ اهو احسان آهي. اسلامي تاريخ شاهد آهي تہ مخزوم قبيلي جي فاطمہ نالي هڪ عورت چوريءَ جي ڏوھہ ۾ پڪڙجي پاڻ ڪريم صہ جن وٽ آئي، پاڻ ڪريم صہ ان تي تعزير جاري ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو تہ ان قبيلي جي ڪجهہ معززن، حضرت اسامہ بن زيد جي ذريعي پاڻ ڪريم صہ وٽ سفارش ڪرائي. پاڻ ڪريم صہ اهو ٻڌي ڏمرجي پيا ۽ سندن چهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ماڻهن کي گڏ ڪري خطبو ڏنائون تہ: خبردار! توهان کان اڳيون قومون ان ڪري ﷲ جي عذاب جو شڪار ٿيون جو انهن ۾ ڪو معزز ماڻهو ڏوھہ ڪندو هو تہ قانون ان کان اکيون پوري ڇڏيندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو غريب ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ ڪريل ماڻهو ڏوھہ ڪري ويهندو هو تہ ان کي سزا ڏني ويندي هئي. ٻڌو! ان ﷲ جو قسم، جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي، هيءُ تہ مخزوم قبيلي جي فاطمہ آهي، پر جيڪڏهن (خدا نہ ڪري) ڪٿي محمد صہ جي نياڻي فاطمهعه بہ انهيءَ ڏوھہ ۾ ڏوهاري ٿئي ها تہ آءٌ ان تي بہ قانون لاڳو ڪرڻ کان نہ ڪيٻايان ها ۽ ان جا هٿ ضرور ڪپيان ها. انهيءَ جو نالو عدل آهي. هتي لحاظ شخصيت جو ناهي، اصول جو آهي. عدل سان گڏ ٻيو لفظ ‘احسان’ بہ آهي. قانوني لحاظ سان ان جي ترڪيب هيءَ آهي، يعني قانون ۽ اخلاق. قانون جو واسطو حڪومت سان آهي ۽ اخلاق ۾ هر ماڻهو مرضيءَ وارو ۽ آزاد آهي. مثال طور: مقتول جا وارث قاتل کي سزا ڏيڻ جا حقدار ناهن، جيڪڏهن ائين ڪيو ويو تہ عدل هرگز نہ ٿيندو. بلڪہ هر شخص پنھنجي مرضيءَ سان جنهن کي گهُري ان کي ماري ڇڏي تہ بي اعتداليءَ سبب قتل عام ٿي ويندو، ان ڪري ان کي روڪڻ لاءِ ﷲ تعاليٰ عدل جو قانون مقرر ڪيو آهي. عدالت کي عدالت بہ ان ڪري سڏجي ٿو جو اتي انصاف ملي ٿو، پوءِ عدالت ڏوھہ ثابت ٿيڻ بعد مقتول جي وارثن کي هي اختيار ڏيندي تہ اهي قاتل کي سزا ڏيارين يا معاف ڪري ڇڏين. جيڪڏهن وارث قاتل جي سزا تي راضي ٿيا تہ اهو ‘عدل’ آهي، جيڪڏهن معاف ڪري ڇڏيائون تہ اهو ‘احسان’ آهي. هڪ ٻئي هنڌ تي عدل، مال جي معنيٰ ۾ بہ آيو آهي، يعني قيامت جي ڏينهن جتي ڪنهن کي سفارش ۽ عذر فائدو نہ ڏيندا، اتي عيوضي ۾ مال ڏيئي بہ قانون جي وٺ پڪڙ کان بچي نہ سگهبو. لغت جي ماهرن عدل جي معنيٰ ۽ مثال هن ريت ڏنو آهي تہ اٺ جي ڪجائي جا ٻئي پاسا هڪ جيترا ڀريل هجن، انهن جو وزن هڪ جيترو هجي، تہ ان جي معنيٰ اصل ۾ برابري واري آهي، اها مخلوق جو حق ۽ عمل آهي، پر اگر اها برابري خدا تعاليٰ سان ڪبي تہ اهو شرڪ ليکبو.