
عدنان سميع
عدنان سميع: نامياري گلوڪار، اداڪار، موسيقار ۽ پيانو نواز عدنان سميع جو جنم، 15 آگسٽ 1973ع تي لنڊن ۾ ٿيو. سندس والد ارشد سميع خان پاڪستان ايئرفورس ۾ پائلٽ هو، جڏهن تہ سندس ماءُ نورين هندستاني هئي. هن ابتدائي تعليم برطانيا ۾ قائم رگبي (Rugby) اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ گريجوئيشن جي ڊگري صحافت ۽ پوليٽيڪل سائنس جي سبجيڪٽ ۾ يونيورسٽي آف لنڊن مان ورتائين. گريجوئيشن کانپوءِ هن ڪنگز ڪاليج، لنڊن مان وڪالت (LLB) جي ڊگري بہ ورتي. موسيقيءَ سان دلچسپي هئڻ سبب هن پنجن سالن جي مختصر ڄمار کان پيانو وڄائڻ شروع ڪيو ۽ هن گلوڪاريءَ جو باقاعدہ آغاز 1986ع کان انگريزي گاني Run for his life سان ڪيو. ان گاني سميت ’Talk to me’، ‘Hot summer day‘ ۽ ’Your my best kept secret’ ڳائڻ سان تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس ٻيو البم ‘ The one & only’ 1989ع ۾ رليز ٿيو، جنهن ۾ هن پنھنجي پياني سان گڏ معروف طبلي نواز ذاڪر حسين خان کي پرفارم ڪرايو. 1994ع ۾ سرگم سندس پهرين پاڪستاني فلم هئي، جنهن جي موسيقي عدنان سميع پاڻ ڪمپوز ڪئي. سرگم فلم جو گانو ‘ذرا ڍولڪي بجائو گوريو’ آل ٽائيم هٽ گانو ثابت ٿيو. اداڪاريءَ جي حوالي سان بہ سرگم سندس پهرين فلم هئي. سندس ٻين مشھور گانن ۾: ڪڀي تو نظر ملائو، تيرا چهرا جب نظرآئي، لفٽ ڪرادي، تو صرف ميرا محبوب، ڪڀي نهين، ڀيگي ڀيگي راتون ۾، پل دو پل، ماهيا، او ميري جان، دل ڪيا ڪري، نور خدا ۽ ٻيا شامل آهن.عدنان سميع جن هندي فلمن لاءِ موسيقي ڏني، انهن ۾: لڪي، نو ٽائيم فار لوِ، يه راستي هين پيار ڪي، ڌمال، 1920، چانس پي ڊانس، ممبئي سالسه، خوبصورت، صديان، شوريان وغيرہ شامل آهن. فلم ‘ساٿيا’ جي موسيقي ڪمپوز ڪرڻ تي کيس آسڪر اوارڊ يافتہ بالي ووڊ موسيقار اي. آر رحمان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن تامل فلمن لاءِ بہ ڪيتريون ڌنون ڪمپوز ڪيون ۽ تامل ٻوليءَ ۾ بہ گانا ڳائي پاڻ مڃرايو اٿس. هن 2005ع ۾ چينل وي (V) جي هڪ گائڪيءَ واري مقابلي ۾ مک جج جا فرض انجام ڏنا. ساڳيءَ ريت 2011ع ۾ بہ زي ٽي وي جي مشھور گائڪيءَ واري مقابلي ‘سا ري گا ما پا لٽل چيمپس’ جو جج رهيو. کيس پاڪستان توڙي هندستان ۾ هڪ جيتري شھرت ملي ۽ هر عمر جي طبقي سان واسطو رکندڙن ۾ هڪ جيترو پسند ڪيو ويو. 1999ع کان هن هندستان ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي کيس جنوري 2016ع ۾ هندستاني شهريءَ جو درجو ڏئي مستقل شھريت ڏني وئي.عدنان سميع جي پهرين شادي 1993ع ۾ پاڪستاني اداڪارہ زيبا بختيار سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ آذان سميع جو اولاد آهي. زيبا سان شاديءَ جي ٽن سالن کانپوءِ ٻنهي وچ ۾ طلاق ٿي وئي. سندس ٻي شادي 2001ع ۾ دبئيءَ ۾ رهندڙ هڪ عربياڻي صباح گلاداريءَ سان ٿي، جنهن سان پڻ ڏيڍ سال بعد طلاق ٿي وئي ۽ سندس ٽينءَ شادي 29 جنوري 2010ع تي هڪ هندستاني رويا نالي ڇوڪريءَ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي.عدنان سميع چاليهن کان وڌيڪ ملڪن ۾ سولو پرفارم ڪري خوب داد ماڻيو آهي. تازو 2015ع ۾ سلمان خان جي سپرهٽ فلم ‘بجرنگي ڀائيجان’ ۾ سندس ڳايل قوالي ‘ڀر دو جهولي ميري’ تمام گهڻو مقبول ٿي. فلم ۾ اها قوالي مٿس ئي پڪچرائز ٿيل آهي. عدنان سميع کي بطور بھترين موسيقار ۽ گلوڪار ڪيترائي اوارڊ اعزاز ملي چڪا آهن، جن ۾: نگار اوارڊ، بولان اڪيڊمي اوارڊ، نوشاد ميوزڪ اوارڊ، يونائيٽڊنيشن پيس ميڊل، برطانوي پارليامينٽ طرفان اسپيشل اوارڊ، ڪئناڊا حڪومت پاران اسپيشل اوارڊ، گلوري آف انڊيا اوارڊ ۽ ٻيا شامل آهن. کيس دنيا جي معزز ۽ شاهي شخصيتن جھڙوڪ: سوڊاني بادشاھہ ۽ اردن جي بادشاھہ سميت ٻين اهم سياسي توڙي سماجي شخصيتن سامهون پرفارم ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي. پاڻ هن وقت پنھنجي گهر واريءَ رويا ۽ ڌيءَ سان گڏ ممبئي، هندستان ۾ رهائش پذير آهي.
1973.08.15 عيسوي
نامياري گلوڪار، اداڪار، موسيقار ۽ پيانو نواز عدنان سميع جو جنم، 15 آگسٽ 1973ع تي لنڊن ۾ ٿيو.