عذاب

عذاب: عربي ٻوليءَ جي لفظ عذاب جي معنيٰ آهي: مصيبت، تڪليف، تباهي ۽ تنگي ۽ پڻ ثواب جي ضد جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. تعالى انسان کي اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو آهي ۽ ان تي اڻ ڳڻيون نعمتون ڪيائين. ان جو مقصد اهو آهي تہ اهو انسان تعالى جي خالص عبادت ڪري ۽ تعالى جي ڏسيل واٽ تي هلي، براين، بڇڙاين کان پري ٿي فرمانبرداريءَ ۾ رهي. تان تہ حياتي توڙي قبر کانپوءِ آخرت ۾ تعالى جي رحمتن ۽ نعمتن ۾ رهي جنت ۾ پهچي وڃي. انهيءَ درجي جو نالو ثواب آهي. پر ان جي اُبتڙ جيڪو انسان تعالى جي نافرماني ڪري ٿو. سندس هدايت لاءِ موڪليل رسولن تي ايمان نہ ٿو آڻي، پنھنجي حياتي چڱن ڪمن ۾ نہ ٿو گذاري ۽ اهي ڪم ڪري ٿو، جن کان تعالى ۽ ان جي رسولن روڪيو آهي تہ اهڙي انسان کي دنيا جي حياتيءَ سان گڏ موت کانپوءِ قبر ۽ آخرت ۾ تڪليف ڏني وڃي ٿي ۽ آخر ۾ ان کي دوزخ جي ٻرندڙ باھہ ۾ وڌو ويندو، ان جو نالو عذاب آهي. عذاب جي باري ۾ تعالى ڪجهہ اصول ٻڌايا آهن: (1) تعالى انهيءَ قوم تي عذاب نہ ٿو موڪلي، جنهن وٽ ڪو بہ نبي يا رسول نہ آيو هجي، (2) جنهن قوم ۾ جيستائين اصلاح جي گنجائش هوندي تيستائين ان تي عذاب نہ ايندو، (3) ان قوم تي بہ ان وقت تائين عذاب نہ ايندو جن ۾ ٿورا بہ نيڪ ماڻهو موجود هوندا ۽ اهي ان قوم کي چڱائيءَ جو حڪم ڪندا ۽ برائي کان روڪيندا هوندا، (4) جيڪي ماڻهو دنيا ۾ عذاب سان ماريا ويندا، اهي آخرت ۾ بہ سزا کان بچي نہ سگهندا، (5) عذاب اچڻ کان اڳ ۾ انهن کي آخري ڀيرو تنبيھہ ڪئي وڃي ٿي، (6) نيڪ ۽ صالح ماڻهن کان اها آبادي خالي ڪئي ويندي آهي، جن تي عذاب اچڻ وارو هوندو آهي، (7) جن تي عذاب موڪلڻو هوندو آهي، انهن تي اڳ ۾ خوشحالي آندي ويندي آهي ۽ پوءِ اوچتي انهن تي تنگدستي ڇانئجي ويندي آهي ۽ پوءِ عذاب اچي پهچندو آهي، ۽ جڏهن عذاب اچي ڪڙڪندو آهي تہ پوءِ انهن جي توبہ قبول نہ ٿيندي آهي، انهن لاءِ فائدي واريون شيون بہ عذاب ٿي وينديون آهن، ڪو بہ بچي نہ سگهندو آهي. سندن مال دولت، هٿيار، پنهوار، حسن ۽ خوبصورتي ۽ فنڪاري وغيرہ انهن جي ڪم نہ اچي سگهندي آهي. قرآن مجيد ۾ عذاب جو شڪار ٿيندڙ جن قومن جو ذڪر ٿيو آهي، انهن ۾ حضرت نوح عليہ السلام جي قوم، جيڪا بتن جي پوڄا ڪندڙ ۽ شرڪ جي مرض ۾ ڦاٿل هئي، حضرت هود عليہ السلام جي قوم، جيڪا ناشڪر گذار هئي، حضرت شعيب عليہ السلام جي قوم، جيڪا خريد ۽ وڪري ۾ دوکو ڪندي هئي، حضرت صالح عليہ السلام جي قوم، جنهن معجزي جي گُهر ڪئي ۽ معجزي طور ڏاچي تعالى جي نشاني طور آئي ۽ پوءِ انهيءَ ڏاچي جون کُچون ڪپيائون ۽ نافرمان ٿيا، حضرت لوط عليہ السلام جي قوم جنهن هم جنس پرستي ڪئي ۽ بني اسرائيلن جي ڪجهہ ٽولن تي ان ڪري عذاب آيو، جو انهن تعالى جي نعمتن جي ناشڪري ڪئي. مجموعي طور تي اهي قومون شرڪ کان سواءِ ٻين سماجي، معاشي، اخلاقي ۽ تهذيبي براين ۾ ڦاٿل هيون. عذاب جون مجموعي طرح سان هي صورتون هيون: زوردار آنڌي ۽ طوفان، پاڻيءَ جي ٻوڏ، پٿرن جو وسڪارو، زمين جو ڌٻڻ، ڏڪر (قحط) ۽ طاعون (پليگ) جي وبا.
قرآن مجيد موجب عذاب ٽن قسمن جو هوندو آهي:
(1) اَلِيمَ: هي عذاب منافقن ۽ انهن جهڙو ڪردار ادا ڪندڙن لاءِ آهي.
(2) عَظِيم: هي عذاب ڪافرن، شرڪ ۽ تڪبر ڪندڙن لاءِ آهي.
(3) مُهِين: هي عذاب تعالى جي حڪمن کان بيپرواھہ رهندڙن لاءِ آهي.
عذاب ڪنهن بہ قوم تي ان وقت اچي ٿو جڏهن عدالتن مان عدل جي اميد ختم ٿي وڃي، جڏهن بي حيائي، اوگهڙ، بي غيرتي ۽ بي شرمي حد کان ٽپي وڃي، جڏهن تعالى جي حڪمن تي ٽوڪبازي ٿيڻ لڳي، جڏهن شراب ۽ ٻيا نشا عام ٿي وڃن، جڏهن زنا جي وبا هر هنڌ پکڙجي وڃي، جڏهن ماپ تور ۽ تارازيءَ ۾ دوکو ۽ ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي عام ٿي وڃي، جڏهن اخلاق، رحم، شرافت ۽ عزت جا قدر مٽجي وڃن ۽ جڏهن بدعتون ۽ شرڪ، توحيد ۽ سنت جي جاءِ اچي والارين، تڏهن اها قوم تعالى جي عذاب جو شڪار ٿئي ٿي.


لفظ عذابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو