عذاب: عربي ٻوليءَ جي لفظ عذاب جي معنيٰ آهي: مصيبت، تڪليف، تباهي ۽ تنگي ۽ پڻ ثواب جي ضد جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. الله تعالى انسان کي اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو آهي ۽ ان تي اڻ ڳڻيون نعمتون ڪيائين. ان جو مقصد اهو آهي ته اهو انسان الله تعالى جي خالص عبادت ڪري ۽ الله تعالى جي ڏسيل واٽ تي هلي، براين، بڇڙاين کان پري ٿي فرمانبرداريءَ ۾ رهي. تان ته حياتي توڙي قبر کانپوءِ آخرت ۾ الله تعالى جي رحمتن ۽ نعمتن ۾ رهي جنت ۾ پهچي وڃي. انهيءَ درجي جو نالو ثواب آهي. پر ان جي اُبتڙ جيڪو انسان الله تعالى جي نافرماني ڪري ٿو. سندس هدايت لاءِ موڪليل رسولن تي ايمان نه ٿو آڻي، پنهنجي حياتي چڱن ڪمن ۾ نه ٿو گذاري ۽ اهي ڪم ڪري ٿو، جن کان الله تعالى ۽ ان جي رسولن روڪيو آهي ته اهڙي انسان کي دنيا جي حياتيءَ سان گڏ موت کانپوءِ قبر ۽ آخرت ۾ تڪليف ڏني وڃي ٿي ۽ آخر ۾ ان کي دوزخ جي ٻرندڙ باهه ۾ وڌو ويندو، ان جو نالو عذاب آهي. عذاب جي باري ۾ الله تعالى ڪجهه اصول ٻڌايا آهن: (1) الله تعالى انهيءَ قوم تي عذاب نه ٿو موڪلي، جنهن وٽ ڪو به نبي يا رسول نه آيو هجي، (2) جنهن قوم ۾ جيستائين اصلاح جي گنجائش هوندي تيستائين ان تي عذاب نه ايندو، (3) ان قوم تي به ان وقت تائين عذاب نه ايندو جن ۾ ٿورا به نيڪ ماڻهو موجود هوندا ۽ اهي ان قوم کي چڱائيءَ جو حڪم ڪندا ۽ برائي کان روڪيندا هوندا، (4) جيڪي ماڻهو دنيا ۾ عذاب سان ماريا ويندا، اهي آخرت ۾ به سزا کان بچي نه سگهندا، (5) عذاب اچڻ کان اڳ ۾ انهن کي آخري ڀيرو تنبيهه ڪئي وڃي ٿي، (6) نيڪ ۽ صالح ماڻهن کان اها آبادي خالي ڪئي ويندي آهي، جن تي عذاب اچڻ وارو هوندو آهي، (7) جن تي عذاب موڪلڻو هوندو آهي، انهن تي اڳ ۾ خوشحالي آندي ويندي آهي ۽ پوءِ اوچتي انهن تي تنگدستي ڇانئجي ويندي آهي ۽ پوءِ عذاب اچي پهچندو آهي، ۽ جڏهن عذاب اچي ڪڙڪندو آهي ته پوءِ انهن جي توبه قبول نه ٿيندي آهي، انهن لاءِ فائدي واريون شيون به عذاب ٿي وينديون آهن، ڪو به بچي نه سگهندو آهي. سندن مال دولت، هٿيار، پنهوار، حسن ۽ خوبصورتي ۽ فنڪاري وغيره انهن جي ڪم نه اچي سگهندي آهي. قرآن مجيد ۾ عذاب جو شڪار ٿيندڙ جن قومن جو ذڪر ٿيو آهي، انهن ۾ حضرت نوح عليه السلام جي قوم، جيڪا بتن جي پوڄا ڪندڙ ۽ شرڪ جي مرض ۾ ڦاٿل هئي، حضرت هود عليه السلام جي قوم، جيڪا ناشڪر گذار هئي، حضرت شعيب عليه السلام جي قوم، جيڪا خريد ۽ وڪري ۾ دوکو ڪندي هئي، حضرت صالح عليه السلام جي قوم، جنهن معجزي جي گُهر ڪئي ۽ معجزي طور ڏاچي الله تعالى جي نشاني طور آئي ۽ پوءِ انهيءَ ڏاچي جون کُچون ڪپيائون ۽ نافرمان ٿيا، حضرت لوط عليه السلام جي قوم جنهن هم جنس پرستي ڪئي ۽ بني اسرائيلن جي ڪجهه ٽولن تي ان ڪري عذاب آيو، جو انهن الله تعالى جي نعمتن جي ناشڪري ڪئي. مجموعي طور تي اهي قومون شرڪ کان سواءِ ٻين سماجي، معاشي، اخلاقي ۽ تهذيبي براين ۾ ڦاٿل هيون. عذاب جون مجموعي طرح سان هي صورتون هيون: زوردار آنڌي ۽ طوفان، پاڻيءَ جي ٻوڏ، پٿرن جو وسڪارو، زمين جو ڌٻڻ، ڏڪر (قحط) ۽ طاعون (پليگ) جي وبا.
قرآن مجيد موجب عذاب ٽن قسمن جو هوندو آهي:
(1) اَلِيمَ: هي عذاب منافقن ۽ انهن جهڙو ڪردار ادا ڪندڙن لاءِ آهي.
(2) عَظِيم: هي عذاب ڪافرن، شرڪ ۽ تڪبر ڪندڙن لاءِ آهي.
(3) مُهِين: هي عذاب الله تعالى جي حڪمن کان بيپرواهه رهندڙن لاءِ آهي.
عذاب ڪنهن به قوم تي ان وقت اچي ٿو جڏهن عدالتن مان عدل جي اميد ختم ٿي وڃي، جڏهن بي حيائي، اوگهڙ، بي غيرتي ۽ بي شرمي حد کان ٽپي وڃي، جڏهن الله تعالى جي حڪمن تي ٽوڪبازي ٿيڻ لڳي، جڏهن شراب ۽ ٻيا نشا عام ٿي وڃن، جڏهن زنا جي وبا هر هنڌ پکڙجي وڃي، جڏهن ماپ تور ۽ تارازيءَ ۾ دوکو ۽ ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي عام ٿي وڃي، جڏهن اخلاق، رحم، شرافت ۽ عزت جا قدر مٽجي وڃن ۽ جڏهن بدعتون ۽ شرڪ، توحيد ۽ سنت جي جاءِ اچي والارين، تڏهن اها قوم الله تعالى جي عذاب جو شڪار ٿئي ٿي.