عربي (ادب ۽ ٻولي): عربستان جي 1000 ق. م کان پهرين جي ڪابه تاريخ نٿي ملي. پر جي تحقيق ڪئي وڃي ته شايد ڪي تاريخي اهڃاڻ ملن. 1000 ق. م جي دوران جيڪا تحقيق ٿي آهي، تنهن مان اها خبر پوي ٿي ته هن جزيري نما عربستان ۾ قديم حجري (Palaeolithic) ۽ جديد حجري (Neolithic) ٻنهي زمانن ۾ ماڻهو آباد هئا، پر اها خبر نه آهي ته اهي آباد ماڻهو ڪير هئا ۽ ڪٿان آيا هئا. سامين جي به اصل وطن جو مسئلو اڃا تائين تحقيق طلب آهي. انهن سامي خانه بدوشن 4000 ق. م ۾ زرخيز هلال (Fertile Crescent) ۾ اچڻ شروع ڪيو. عرب ۽ اسلامي دنيا کان پوءِ تاريخ ۾ هڪ اهم ارتقا ٿي، جنهن موجب 2000 ق. م ۾ عربيءَ جي الفابيٽ ٺهي ۽ لکڻ جو ڪم شروع ٿيو. جنهن کانپوءِ سامي الفابيٽ سميت ڏکڻ عربي ۽ اتر عربيءَ جي الفابيٽ پڻ وجود ۾ آيون. عربن جي هزار سالن جي تاريخ ۾ 400 ق. م ۾ وڏي تبديلي آئي، ڇو جو انهيءَ دور ۾ ‘لوهه وارو دور’ (Iron Age) شروع ٿيو، ۽ آرامي وڏي تعداد ۾ لڏي اچي هن زرخيز خطي ۾ داخل ٿيا، عربن ۾ اُٺن پالڻ جي شروعات انهيءَ دور ۾ ٿي. ويجهڙائيءَ ۾ ڏکڻ عرب جي قديم تهذيب بابت ڪافي تحقيقي حقيقتون منظر عام تي آيون آهن. تحقيق کان پوءِ لسانيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، عربي دراصل سامي ٻولين جي خاندان جي هڪ شاخ آهي، جيڪا خود هڪ وسيع ‘حامي - سامي’ خاندان مان نڪتل آهي ۽ جنهن ۾ قديم مصري ٻولين سميت ڪي ٻيون ٻوليون به اچيو وڃن ٿيون. عربي ٻوليءَ جون ٻه وڏيون شاخون آهن: (1) ڏکڻ عرب واري ٻولي، (2) اتر عرب واري ٻولي. ڏکڻ عرب واري ٻولي، يمن ۽ ڏکڻ حضر موت (اڄڪلهه يمن جو وڏي ۾ وڏو شهر) ۾ رائج هئي ۽ اتر عرب واري عربي ٻولي اتر حضرموت ۽ سقوطره ٻيٽ ۾ مروج هئي. مستند (ڪلاسيڪي) عربي دراصل عربيءَ جي اعليٰ ادبي درجي واري ٻولي آهي. اصطلاحي معنيٰ ۾ قديم عربي شاعري، قرآن مجيد ۽ اسلامي ادب جي شاهڪار مستند تاريخ ڪلاسيڪي عربي ٻوليءَ ۾ اچي وڃن ٿا. عربي ٻوليءَ جون ڪجهه صورتون اتر اولهه سامي ٻوليءَ سان مشابهت رکنديون هيون. قديم عربي ٻوليءَ ۾ عبراني ٻوليءَ وانگر هڪ حرف تعريف (Definite Article) هو، جنهن سان گڏ آيل حرف صحيح کي ٻٽو ڪري ڇڏبو هو. عربي ٻوليءَ جو قديم ذڪر انهن چاليهن معرفه اسمن ۾ آيو آهي، جيڪي 626 کان 853 ق. م جي عربي (Arbi)، عربو (Urubo) ۽ عربي (Urbi) جي خلاف جنگين جي آشوري بيانن ۾ آيا آهن. انهن بيانن کي مدنظر رکندي ڪن محققن اهو ڄاڻايو آهي ته اربي آرامي هئا، جڏهن ته B. Moritz ۽ Paul Haupt جو نظريو آهي، ته ارمو (Arammu) جن جو ذڪر انهي زماني ۾ ملي ٿو، سي ئي اصل ۾ عرب آهن. ڪلاسيڪي عربي ٻوليءَ جا ماخذ هي آهن: (1) اسلام کان پهرين ۽ اسلام جي آغاز واري دور جي شاعري، (2) قرآن مجيد، (3) سرور ڪائنات پاڻ سڳورن صلعم جن جا ۽ اصحابين جا رسمي خط، جيڪي آڳاٽن مؤرخن پنهنجن تصنيفن ۾ شامل ڪيا آهن. (4) حديث، (5) ايام العرب جو نثر. اسلام کان پهرين واري زماني جي شاعري ۽ اسلام جي شروعاتي دور جي شاعري ٻنهي دورن جي ٻولي، قرآن مجيد جي ٻولي مختلف آهن.قرآن مجيد هڪ الهامي ڪتاب آهي، جيڪو پنهنجي اسلوب ۽ اعجاز جي ڪري منفرد حيثيت رکي ٿو. هن جي نثر ۾ اها فصاحت ۽ بلاغت، حسن ۽ جمال آهي، جنهن جو مثال عربيءَ جي اعليٰ شاعريءَ ۾ به نٿو ملي.اهڙيءَ طرح حديث جي ٻولي به نهايت فصيح ۽ دلنشين آهي ۽ گهڻو ڪري روزمرهه جي عام ٻوليءَ ۾ چيل آهن. فصاحت ۽ بلاغت ۽ سولي ٻوليءَ ۾ حديثون، دعائون ۽ خطبا وڏي حيثيت رکن ٿا. پاڻ سڳورن صلعم جي فصاحت و بلاغت جو اثر سندن اصحابين تي به ٿيو. اصحابين مان فصاحت ۽ بلاغت سان ڀريل امير المومنين حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي دعائن جو ڪتاب ‘صحيفه علويه’ ۽ خطبن، مڪتوبن ۽ ارشادن تي مشتمل بهترين شاهڪار ‘نهج البلاغه’ عربي ٻوليءَ جا شاهڪار ڪتاب آهن. اسلام کان پوءِ عربي ٻولي صرف عربستان تائين محدود نه رهي، بلڪه اها آسپاس جي ملڪن ۾ پڻ مروج ٿي ۽ آهستي آهستي انهيءَ جو اثر ننڍي کنڊ تي به پيو.عربي ٻولي ۽ ادب جي ڪا به مڪمل تاريخ اڃا تائين نه لکي وئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪي ڪتاب لکيل به آهن ته اهي سڀ اڃا قلمي صورتن ۾ لائبررين ۾ محفوظ آهن. عربي ادب جي تاريخ جو آغاز پنجين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ اتر اڀرندي عرب ۽ درياهه فرات جي ساحلي علائقن ۾ شاعرن جي هڪ طبقي جي ظاهر ٿيڻ سان ٿيو، جن جي ڪلام مان اڄ صرف طويل قصيدا محفوظ آهن، اُن دور جي شاعرن جي ٻئي نسل جي شاعرن مان سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ معروف امراءُ القيس هو، جنهن عربي شاعريءَ کي ڪمال جي درجي تائين رسايو. هن جو ڪلام ترت عرب، شام، عراق ۽ ٻين عربي علائقن ۾ ڦهلجي ويو. عرب ۽ ننڍي کنڊ جا تعلقات به تمام قديم آهن. اسلام جي ظهور کانپوءِ حضور اڪرم صلعم جن جي دور کان سنڌ ۽ عرب جا گهرا تعلق هئا. ڪن عالمن حضور اڪرم صلعم جن کان اها حديث نقل ڪئي آهي ته، “مون کي سنڌ کان ٿڌڙي هير پئي اچي.” ۽ اهو به مشهور واقعو آهي ته جڏهن يزيد جي فوج حضرت امام حسين عليه السلام کي ڪربلا ۾ اچي گهيريو ته امام حسين عه انهن کي مخاطب ٿي چيو ته، “اگر اوهان کي منهنجو هت (ڪربلا) اچڻ پسند نه آهي، ته ڇڏيو ڀلا ته آءٌ سنڌ هليو وڃان.” خلفاءِ راشدين جي دور ۾ پڻ سنڌ تي حملا ٿيا، پر سنڌ فتح وڃي محمد بن قاسم ڪئي، جنهن کانپوءِ سنڌ ۽ هند ۾ عربي ٻولي مروج ٿي. سنڌ توڙي هند ۾ عربي ٻولي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ پڙهائي ويندي هئي. عربن جي سنڌ ۾ آمد ۽ ننڍي کنڊ ۾ عربي ٻوليءَ جي عام ٿيڻ بابت ڪافي مستند ڪتاب موجود آهن. عربي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي باهمي تعلقات بابت هڪ اهم واقعو ڪتاب ‘عجائب الهند’ ۾ بن شهريار'>بزرگ بن شهريار لکي ٿو. جنهن مطابق قرآن مجيد جو سڀ کان پهرين اگر ڪنهن ٻي ڌاري زبان ۾ ترجمو ٿيو آهي ته، اها سنڌي ٻولي آهي. ‘عجائب الهند’ جو مصنف لکي ٿو ته، “دنيا ۾ قرآن مجيد جو سڀ کان پهرين سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو. اهو ترجمو مهروق بن رائق جي گذارش تي منصوره (سنڌ) جي هباري حاڪم بن عمر هباري'>عبدالله بن عمر هباري جي حڪم تي هڪ عراقي عالم ڪيو. اهو عراقي عالم سنڌ ۾ رهي ڪري سنڌي ٻولي چڱي طرح سکي چڪو هو. ان ترجمي جو راجا مهروق تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ هو مسلمان ٿي ويو.