
عربي سنڌي ڊڪشنري
عربي سنڌي ڊڪشنري (ڪتاب): هيءَ لغت ‘الفرائد الدرية’ لغت جو ترجمو آهي. جنهن جو سنڌيڪار نامور اديب تعليمدان پروفيسر غلام حسين جلباڻي آهي. هن لغت جي پهرين ڀاڱي ۾ ‘الف’ کان ‘ظ’ تائين اکر شامل آهن، جن ۾ عربيءَ کان سنڌيءَ ۾ معنائون ڏنيون ويون آهن. هن لغت جو پهريون ڀاڱو 787 صفحن تي مشتمل آهي. ڊبل ڪرائون سائيز جي پڪي جلد سان هن لغت کي فيبروري 1988ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي. جڏهن تہ هن لغت جي ٻئي ڀاڱي ۾ ‘ع’ کان ‘ي’ تائين اکر شامل آهن. هن لغت جا ٻئي جلد انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڇپرائي پڌرا ڪيا. جلد ٻيو ڊبل ڪرائون سائيز جي پڪي جلد سان 1635 صفحن تي مشتمل آهي. هي جلد 1990ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 375 روپيا آهي.