عربي مهينا

عربي مهينا: عربي مهيننن کي قمري ۽ اسلامي مهينا بہ ڪوٺيو وڃي ٿو. قمري (چنڊ وارا) ان لاءِ جو انهن جي شروعات ۽ ختم ٿيڻ جو دارومدار چنڊ ڏسجڻ تي هوندو آهي ۽ اسلامي ان لاءِ جو تعاليٰ قرآن مجيد ۾ انهن کي حج ۽ وقت معلوم ڪرڻ جو ذريعو چيو آهي. قرآن مجيد ۾ آهي تہ تعاليٰ وٽ مهينن جو ڳاڻيٽو ٻارهن آهي. (سيپارو: 30) انهن ٻارهن اسلامي مهينن جا نالا هي آهن: 1. محرم، 2. صفر، 3. ربيع الاول،4. ربيع الاخر، 5. جمادي الاول، 6. جمادي الاخر، 7-رجب، 8- شعبان،9 - رمضان، 10- شوال، 11- ذي القعد، 12- ذي الحج. انهن مهينن ۾ چار اهڙا آهن، جن ۾ ويڙھہ (جنگ) ۽ قتل حرام آهي. اهي محرم، رجب، ذي القعد ۽ ذي الحج آهن. انهن سڀني مهينن ۾ ڪن ۾ 30 ۽ ڪن ۾ 29 ڏينهن ٿين ٿا. 29 کان گهٽ ۽ 30 کان مٿي ڏينهن ڪڏهن بہ ڪنهن مهيني ۾ نہ ٿيندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو