
عربي ننڍو سمنڊ
عربي ننڍو سمنڊ (Arabian Sea): هيءُ عربي سمنڊ، وڏي عربي سمنڊ جو حصو آهي، جنهن جي اتر ۾ پاڪستان ۽ ايران، اولھہ ۾ صوماليه ۽ عربي اپٻيٽ، اوڀر ۾ هندستان آهن. تاريخي طور هن خطي کي سنڌي سمنڊ، اريٿرين سمنڊ (Erythraeean Sea) بحر الفارس (Persian Sea) جي نالن سان سڏيو ويندو هو. هن سمنڊ جي پکيڙ 3862000 چورس ڪلوميٽر (1491000 چورس ميل) ۽ وڌ ۾ وڌ اونهائي 4652 ميٽر (15262 فوٽ) آهي. ننڍي عربي سمنڊ جي ڊيگهہ اٽڪل 38 لک 62 هزار چورس ڪلوميٽر (14 لک 91 هزار 130 چورس ميل)، جڏهن تہ ويڪر 2400 ڪلوميٽر (1490 ميل) آهي.
ننڍو عربي سمنڊ 2500 ق. م ۾ سنڌ سان ٻاهرين ملڪن جھڙوڪ عراق، مصر ۽ ٻين لاءِ واپار جو اهم گس هو، جيڪو رستو اڄ بہ قائم ۽ دائم آهي. آڳاٽو سنڌو تھذيب تمام وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هئي، جنهن ڪري هن جو سامونڊي ڪنارو بہ تمام وسيع هو. سنڌو تھذيب واري مرڪز (سنڌ) جي ڏکڻ ۾ صوبي گجرات ۾ موجود کنڀات نارَ ويجهو لوٿل وارو بندر، سنڌو سڀيتا جو مشھور بندر هو، جيڪو هتان جي
ماڻهن جو دنيا سان وڻج واپار جو ذريعو بڻيل هو. اهڙي نموني اولھہ ۾ ‘سُتڪا جن ڊور’ نالي ماڳ (جيڪو اڳ ۾ اهم بندر هو) سنڌو سڀيتا وارن صنعتي سامانن کي دنيا جي ٻين شهرن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو هو. سنڌو سڀيتا واري دور کان ڪلهوڙن جي صاحبيءَ تائين هن بندر تان عربي ننڍي سمنڊ ۾ هوائن جي آڌار تي وڏا وڏا سفري ٻيڙا هلندا هئا، جيڪي وچ اوڀر وارن ملڪن کان سواءِ سوماترا، جاوا ۽ ٻين هنڌن تائين ويندا هئا. هن وقت انهي سمنڊ تي بمبئي ۾ جواهر لعل نهرو بندر، عمان ۾ صلالاح بندر ۽ پاڪستان ۾ ڪراچي ۽ گوادر بندر اهم آهن.
ڪراچي بندرگاھہ کان سواءِ ڪيٽي بندر بہ سامونڊي بندر آهي. ان بندر کي ڪجهہ عرصو اڳ هلائڻ جي ڳالھہ ڪئي وئي هئي. هڪ رٿا شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ٺاهي هئي، پر سندس شهادت کانپوءِ ان تي ڪوبه ڪم ٿي نہ سگهيو آهي. ڪراچي بندر، صوبي سنڌ توڙي مجموعي طور پاڪستان جو هن وقت وڏي ۾ وڏو بندر آهي، جنهن جي ذريعي پاڪستان جي واپار جو 60 سيڪڙو سامان هتان درآمد ٿئي ٿو، جيڪو ساليانو 25 ملين ٽن آهي. اهو بندرگاھہ ڪياماڙي ۽ صدر وارن علائقن جي وچ تي ڪراچيءَ ۾ آهي. هن بندر ۾ ڪيترائي ڪارخانا قائم آهن، بن قاسم بندر بہ هن بندر جو ئي حصو آهي. تاريخ ۾ سمنڊ جي سنڌ جي ڪناري واري حصي ۾ مختلف دورن ۾ ڪيترن ئي بندرن جو ذڪر بہ ملي ٿو، جن جا موجودہ دور ۾ ڪي چٽا آثار نظر نہ ٿا اچن، البته انهن بابت مختلف تاريخدانن ۽ محققن جا رڳو اندازا آهن، جن ۾ ڪروڪولا، مورنٽوبار ۽ بار بيڪون قابل ذڪر آهن. هتي سمنڊ جي ڪناري ديبل جو بندر بہ مشھور هو. ان بندر جا ڪي بہ آثار ڪونه ٿا ملن، پر ساکري ۾ سمنڊ اندر هڪ بندر جا آثار مليا آهن. جنهن کي جانکي بندر سڏجي ٿو. ڪجهہ محققن جو اهو گمان آهي تہ اهو بندر شايد ديبل بندر هجي.
هن سمنڊ ۾ ڪيترائي ٻيٽ آهن، جن مان يمن ۾ سوقوترا ٻيٽ، عمان ۾ مسيراھہ ٻيٽ، پاڪستان ۾ اسٽولا ٻيٽ ۽ هندستان جو اندروٽ ٻيٽ اهم آهن. هن سمنڊ ۾ وڏي ۾ وڏو درياھہ سنڌو درياھہ کارين/ ندين (ڪريڪ) ذريعي ڇوڙ ڪري ٿو، جيڪي کاريون ڇوڙ واري علائقي مان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، جيڪي هن ريت آهن:
هونئن اهي اٽڪل 200 هنڌ آهن، پر سنڌوءَ جي پاڻي بند ٿيڻ سبب گهڻيون کاريون/ ڪريڪ خشڪ ٿي ويون آهن:
1. ٻار ڪريڪ 2. گهوڙو درياھہ يا ڪريڪ 3. پکيڙو ڪريڪ 4. مٽڻي
5. کڻند 6. ڪانئر 7. ڦاٽ 8. پيٽائي
9. چڙي 10. روهڙو 11. ريڙهي 12. انتي 13. ربو کاري 14. جوڳيئڙو کاري
15. جنڊاڙو 16. جهول کاري 17. کانٽي 18. کڏي 19. وڏائي کاري 20. ڄار واري کاري 21. سوداگر 22. ڪن ڇن کاري
23. ڪارونڀار کاري 24. سنهڙي کاري 25. سڪيئڙو 26. ڌانڌل 27. ڄامڙو
28. سنهڙي کوبر کاري 29. ڪڏيرو
30. ڏمبري کاري 31. دٻو کاري 32. نانگ واري کاري 33. چرڻ کاري 34. مل کاري 35. ڏرڙ ۽ 36. واڳون کاري. جن مان بہ هن وقت ڪيتريون کاريون سمنڊ جو پاڻي کڻي مٿي زمين تي اچن ٿيون ۽ اهو کارو پاڻي زمينن کي ڪلراٺو ڪري ٿو ۽ اهو عمل مسلسل ٿيڻ سبب مٺي زمين کي سمنڊ آھستہ آھستہ ڳهندو وڃي ٿو. سمنڊ طرفان کاڌل زمين بہ لکن ايڪڙن ۾ آهي.
ننڍي عربي سمنڊ جون ٻہ اهم شاخون آهن: عدن وارو نار، جيڪو ڏکڻ اولھہ ۾ آهي ۽ سمنڊ کي ڳاڙهي سمنڊ سان باب المنڍيب ذريعي ملائي ٿو. ٻيو آهي عمان وارو نار، جيڪو پرشين گلف کي سمنڊ سان ملائي ٿو. ان کان سواءِ کنڀات وارو نار ۽ ڪڇ وارو علائقو، جيڪو هندستاني ڪنارن سان مليل آهي.
ننڍي عربي سمنڊ جي ڪنارن سان صوماليه، عمان، پاڪستان، هندستان ۽ مالديپ جا ملڪ گڏيل آهن، جڏهن تہ ڪيترائي وڏا شھر هن سمنڊ جي ڪناري سان آباد آهن، جن ۾ ڪراچي، بمئبي، سورت، گوادر (جنهن کي سي پيڪ ذريعي آباد ڪيو پيو وڃي) پسني، اورماڙ، عدن، مسقط، ڪيٽي بندر، صلالاح ۽ دوقم اهم آهن.
ننڍي عربي سمنڊ جون حدون: هن جي اولھہ ۾ ’51 066 اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي عدن جو نار آهي، جنهن کي راس الاسير بہ چوندا آهن. هن جي اتر ۾ راس الحد (’22 043 اتر ويڪرائي ڦاڪن تي)، عربي اپٻيٽ جو اڀرندو
حصو ۽ راس الجيوني (’61 043 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ) جيڪو پاڪستان جي ڪناري سان آهي. هن جي ڏکڻ ۾، هڪ ليڪ ڏکڻ طرف وڃي ادواطولي (مالديپ) کان ٿيندي اڀرندي راس الحفون آفريڪا (’10 026 اتر ويڪرائي ڦاڪ) سان ملي ٿي. هن جي اوڀر ۾ لڪاڊوِ سمنڊ جي اولھہ واري حد کان هلندي هندستان جي الهندي ڪناري (’14 048 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽
اوڀر ڊگهائي ڦاڪ) کان ٿيندي ڪوراھہ (Corah) ڏي وڃي ٿو. ’74 007 عرب توڙي يورپين سياحن هن سمنڊ جا ڪيترائي نالا ڏنا آهن، جن مان هندي سمنڊ، بحر فارس، سنڌو ساگر، ايري ٿين سمنڊ ۽ سنڌ سمنڊ اهم آهن. 3000 ق. م کان هي سمنڊ وڻج واپار لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي ۽ اڃا تائين ٿي رهيو آهي. هن کي گرم پاڻيءَ جو سمنڊ چيو وڃي ٿو.