عربي وڏو سمنڊ

عربي وڏو سمنڊ

عربي وڏو سمنڊ

عربي وڏو سمنڊ (Arabian Ocean): عربي سمنڊ دنيا جي سمنڊن ۾ ٽيون نمبر وڏو سمنڊ آهي، جيڪو 70560000 چورس ڪلوميٽرن (27240000 چورس ميلن) جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. جنهن ۾ ڳاڙهي سمنڊ ۽ خليج فارس جي ايراضي بہ اچي وڃي ٿي، پر هن ايراضيءَ ۾ ڏاکڻو سمنڊ شمار ڪونه ڪيو ويو آهي. هي ايراضي ڪل سمنڊن جي ايراضيءَ جو 19 سيڪڙو ليکي وڃي ٿي. هيءُ سمنڊ زمين جي 20 سيڪڙو ايراضي والاري ٿو. عربي وڏي سمنڊ (Arabian Ocean) جي اتر ۾ ايشيا کنڊ، اولھہ ۾ آفريڪا کنڊ، اوڀر ۾ آسٽريليا کنڊ، جڏهن تہ ڏکڻ ۾ انٽارڪٽيڪا (Antarctica) سمنڊ (ڏکڻ قطبي سمنڊ) موجود آهن. هي حدون بين الاقوامي هائيڊرو گرافڪ آرگنائيزيشن 1953ع ۾ پڌريون ڪيون هيون. انهي آرگنائيزيشن هنن حدن ۾ ڏاکڻون سمنڊ شامل ڪيو هو، پر ان ڏاکڻي سمنڊ سان لڳندڙ ملڪن جا ڪنارا شامل نہ ڪيا هئا، پوءِ 2000ع ۾ ڏاکڻي سمنڊ کي عربي وڏي سمنڊ کان مڪمل طور الڳ ڪيو ويو. عربي سمنڊ تقريباً 30 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي خليج، فارس کان شروع ٿئي ٿو.هن سمنڊ جو نالو انڊس ويلي سبب انگريزيءَ ۾ انڊين اوشن (Indian Ocean) بہ آهي. هن سمنڊ کي سنسڪرت ۾ ‘رتناڪر’ سڏيندا هئا، جنهن جي معنى آهي ’موتين جي کاڻ‘. جڏهن تہ هندي ٻوليءَ ۾ هن کي ’مهاساگر‘ (وڏو سمنڊ) سڏيندا آهن. هن سمنڊ جي سراسري اونهائي 3741 ميٽر (12274 فوٽ) آهي، جڏهن تہ وڌ ۾ وڌ اونهائي 7906 ميٽر (25938 فوٽ) ڏٺي وئي آهي. عربي سمنڊ کي آڳاٽي وقت ۾ فارسي سمنڊ/ بحر فارس (Persian Sea) بہ چوندا هئا. هي سمنڊ يورپي کنڊ ۽ ننڍي کنڊ کي سامونڊي رستي سان پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. هي سمنڊ 50 ڪروڙ ورهيہ (500 million years) اڳ جڙيو هو، جڏهن تہ هندي/ سنڌي تاسر Indian Plate)) يوريشين تاسر (Eurosian Plate) سان وڃي ڳانڍاپو ڪيو هو، جنهن جي جُڙڻ واري سَنڌي تي هماليائي جابلو سلسلو اُسريو آهي. هن ۾ ڇوڙ ڪندڙ درياهن ۾ سنڌو درياھہ River Indus)) ۽ نربدا درياھہ Narmuda River)) مکيہ درياھہ آهن. هن سمنڊ جي وچ ۾ ڪو بہ ٻيٽ نہ آهي. عربي سمنڊ جي اوڀر ۾ هندي وڏو سمنڊ ۽ اولھہ ۾ ‘راس گڊ هوپ’ Cape of Goodhope)) آهي. عربي سمنڊ جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 25 سينٽي گريڊ کان 26 سينٽي گريڊ تائين آهي. هي مٿئين سطح وارو گرمي پد جنوري ۽ فيبروريءَ جي مهيني جو آهي ۽ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريڊ آهي، جيڪو جون کان نومبر جي مهينن ۾ هوندو آهي. هـن وڏي سـمـنڊ جي مند چوماسي جي هوائن وانگر هـوندي آهي ۽ مينهوڳيءَ جي مند اپريل کان نومبر جي مهـيني تائين جـاري رهندي آهــي. عربي سمنڊ ۾ لوڻياٺ Salinity)) جو مقدار 35 ڀاڱا في هزاري فوٽن ۾ آهي. خشڪ ساليءَ واري مند ۾ لوڻياٺ جو هي مقدار 36 ڀاڱا في هزاري (36 parts per thousands= PPM) کان وڌيڪ هوندو آهي. هن سمنڊ جي تري ۾ انيڪ معدنيات ۽ ڌاتن سان گڏ تيل جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جيڪي ممبئيءَ جي اتر اولھہ واري ڀاڱي ۾ ججهي مقدار ۾ آهن. سمنڊ جون حدون:ايران، پاڪستان (سنڌ ۽ بلوچستان)، هندستان ۽ بنگلاديش اتر ۾، ملائي اپٻيٽ انڊونيشيا جو سونڊا ٻيٽ ۽ آسٽريليا سندس اوڀر ۾، انٽارڪٽيڪا سمنڊ سندس ڏکڻ ۾، آفريڪا ۽ عرب جا ٻيٽ سندس اولھہ ۾ آهن، جڏهن تہ ڏکڻ اوڀر ۾ عربي سمنڊ (Arabian Sea)، پيسفڪ سمنڊ سان مليل آهن. هن سمنڊ جا کنڊن سان ملندڙ پٽا (Continental Shelves) ڪافي سوڙها آهن، جيڪي سراسري طور 200 ڪلوميٽرن (120 ميلن) جي ويڪر ۾ ملن ٿا، پر آسٽريليا کان ٿورو پري الهندي طرف وارا ڪنارا/ پٽا 8047 ميٽر (2762 فوٽ) کان وٺي 1000 ميٽرن تائين ويڪرا آهن. هن مھا سمنڊ جا اونهي ۾ اونها حصا هي آهن: (1)ڊائيمين ٽينا ڦوڙ/ کڏ (Diamantina Trench): انهيءَ جاءِ تي سمنڊ 8047 ميٽر (12762 فوٽ) اونهو آهي. (2)سونڊا ڦوڙ/ کڏ (Sunda Trench): انهيءَ ڦوڙ وٽ سمنڊ 7258 ميٽرن کان 7725 ميٽرن (23812 کان 25344 فوٽ) اونهو آهي. ڪيترن هنڌن تي سمنڊ تنگ ٿي (Choke) وهي ٿو. سمنڊ جي اهڙن هنڌن کي ڳچي سمنڊ چوندا آهن. عربي وڏي سمنڊ ۾ سوڙها لنگهہ/ ڳچي سمنڊ واريون جايون هي آهن: (1)باب المنديب (2) مارموز (3) لمبوڪ (4) ملاڪا وارو ڳچي سمنڊ/ پاڪ ڳچي سمنڊ (Palk Strait) مشھور آهن. هن مهاساگر ۾ ٻيا بہ ڪجهہ سمنڊ اچي وڃن ٿا، جيئن: عدن جو نار، انڊمان جو ننڍڙو سمنڊ، عربي ننڍو سمنڊ، بنگال جو اپسمنڊ (Bay of Bengal)، آسٽريليا جي ڪناري وارو موڙ (Austrailian Bight)، ليڪاڊوِ جو ننڍو سمنڊ (Laccadive Sea)، منار جو نار (Gulf of Mannar)، موزمبيق چينل (Mozanbiqaue Channel)، ايراني نار (Persian Gulf)، عمان وارو نار (Oman Gulf)، ڳاڙهو سمنڊ (Red sea) ۽ ٻيون سامونڊي ڇاڙهون وغيرہ. وڏو عربي سمنڊ هٿرادو نموني سان ڀونوچ سمنڊ سان سوئيز ڪئنال ذريعي ڳنڍيو ويو آهي. وڏي عربي سمنڊ ۾ هيٺيون دنيا جون وڏيون نديون ڇوڙ ڪن ٿيون: زنبيقي (2) شت العرب (3) سنڌو ندي (4) گوداوري (5) ڪرشنا (6) نربدا (8) گنگا (9) برهم پترا (10) جنبداراوڙي وغيرہ. سامونڊي وهڪرن کي چوماسي جون هوائون ضابطي ۾ رکن ٿيون. ٻہ اهم سامونڊي وهڪرا جيڪي اتر اڌ گول ۽ هڪ ڏکڻ اڌ گول تي وڏي اهميت رکن ٿا سي ٻئي وهڪرا هڪ ٻئي جي ابتڙ وهندا آهن ۽ وڏيون لهرون پيدا ڪندا آهن. سياري جي چوماسي دوران اتر اڌ گول وارو وهڪرو ماٺو هوندو آهي. هن سمنڊ تي سڄو سال جهازراني ٿئي ٿي، جو هي گرم پاڻيءَ جو سمنڊ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو